نسلي صفايو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بي دخلي

نسلي صفايو(انگريزي: Ethnic cleansing) ڪنھن ھڪ نسلي گروھ پاران ٻئي نسلي گروھ جي خلاف ڏاڍ، ظلم ۽ تشدد وسيلي کين ڪنھن علائقي منجھان سٽيل سازش ۽ رٿابندي تحت بي دخل ڪرڻ ۽ انھن تي غلبو پيدا ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيل پاليسي، اڳڀرائي طاقت جو استعمال، ڏاڍ ظلم ۽ تشدد ڪرڻ، عدالت کان مٿانھين ڪارواين، آبادين ۾ ماڻھن جي چُرپر تي بندش ۽ کين ھڪ علائقي ۾ واڙڻ، سندن ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ، فوجي آپريشن يا اھڙي ڪنھن آپريشن جي ڌمڪي ڏيڻ، مخالف نسل جي ماڻھن جي ملڪيتن مذھبي عبادتگاھن کي ساڙڻ يا بي حُرمتي ڪرڻ، جنسي ڏاڍائي ڪرڻ، مخالفن جي نياڻين کي زوري مذھب مَٽرائڻ واري عمل کي نسلي صفايو سڏجي ٿو.

ھي اصطلاح 1992 ۾ عالمي خابرو ادارن ۾ يوگوسلاويا جي صورتحال بابت گھڻو استعمال ٿيڻ کانپوءِ مشھور ٿيو ھيو.[1]

حوالا[سنواريو]