نحويات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نحويات (Syntax) جيئن علم صرف، صرفين، ان جي مختلف صورتن ۽ بناوتن سان بحث ڪري ٿو. تيئن عدم نحو وري جملن ۽ ان جي جزن جي بناوتن، سٽائن، نمونن، نسبتن ۽ عملن سان بحث ڪري ٿو. پر جيئن ته هڪ لفظ به ڪڏهن ڪڏهن جملي جو ڪم ڏيئي ٿو ۽ جملي جا آخرين جزا به لفظ آهن، تنهن ڪري جديد لسانيات ”لفظ“ کي علم نحو جو مرڪز بڻايو آهي ۽ نه جملي کي. علم نحو لفظن جي صورتن ۽ جوڙجڪن سان بحث نٿو ڪري. اهو ڪم علم صرف جي حوالي آهي. مگر علم نحو هن بحث کي نباهي ٿو ته ڪيئن لفظ پاڻ ۾ ملن ٿا (Cohere) ۽ جملن اندر ڪهڙو ڪارج ڪن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر:سنڌي لئنگئيج اٿارٽي