نتيڪا لالواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نِتيڪا لالواڻي هڪ ناول نگار آهي. جيڪا ڪوٽا راجسٿان ۾ پيدا ٿي ۽ ڪاردف، ويلس، برطانيه ۾ وڏي ٿي.

سندس ناول 16 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن.

هن ماسٽرس ان انگلش جي ڊگري برسٽول يونيورسٽي ( Bristol University) مان حاصل ڪئي آهي.

نتيڪا لالواڻي اتر لنڊن ۾ رهي ٿي.

ناول گفٽيڊ (Gifted)[سنواريو]

هن جو لکيل پهريون ناول Gifted، جنهن کي Man Booker Prize مليو. ان کان سواءِ Costa First Novel Award لاءِ پڻ نامزد ٿيو. ان کان سواءِ کيس انهي ناول لاءِ Sunday Times Young Writer طرفان پڻ 2005 بهرين ليکڪا لاءِ نامزد ڪيو ويو.

2008ع ۾ کيس Desmond Elliott Prize طرفان Fiction ۾ سندس کي ايوارڊ مليو سان گڏ 10000 يورو انعام مليو جيڪو لڳ ڀڳ پاڪستاني 18 لک 32 ٿين جيڪي هن خيراتي اداري کي ڏي ڇڏيا.

ناول دي وليج The Village[سنواريو]

نتيڪا لالواڻي جو ٻيو ڪتاب، دي وليج 2012 ۾ ڇپيو. جيڪو 2013 ۾ برطانيه ٽاپ 8 ناول مان هڪ رهيو.

ٻيو ادبي ڪم[سنواريو]

نيتيڪا لالواڻي برطانيه مختلف موضوعن تي Guardian, the New Statesman and The Observer ۽ AIDS Sutra ۾ لکندي رهندي آهي.

نيتيڪا لالواڻي هندستان ۾ ايڊيز جي مريضن جي زندگين تي تمام گهڻڳ لکيو آهي.

نئون ناول يو پيپل You People[سنواريو]

سندس ايندڙ ناول You People لنڊن ۾ رهندڙ غيرقانوني رهندڙ ماڻهن جي زندگي جي باري جيڪو 2020 جي پڇاڙي ۾ ڇپبو.