ناڪاريت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ناڪاريت (Nihilism) لاڙي ۾ زندگيءَ جي مڙني قدرن ۽ نظامن کي فضول قرار ڏنو ۽ ڇڙواڳيءَ وارو رويو اختيار ڪيو ويندو آهي، هن نظريي جي انتھاهپي ازم آهي.اهو ئي احساس جديديت واري لاڙي جو بنياد بڻيو تہ ”ويھين صديءَ جو انسان با شعور ۽ حساس آهي ڪنھن وهم ۽فريب ۾ ڦاسڻ بدران کيس يقين آهي تہ زندگيءَ جو بار کيس ئي گهلڻو آهي، جديد احساس انهن سمورين تلخ حقيقتن تان پردو لاهي ٿو ۽ نين حقيقتن ۾ زندگيءَ کي نئين سري سان گذارڻ جو درس ڏئي هو.انهيءَ فڪري بنياد تي يورپ ۾ جديد ادب تخليق ڪيو ويو ، جيئن سارتر (1905-1980ع) چيو هو تہ ”سمورو ادبي ڪم هڪ فرياد آهي، ادبي تخليق سواءِ پڙهندڙ جي داخليت جي ٻيو ڪو بہ جوهر نٿي رکي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.