ناڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ناڙو لاهوري گجر جي ول آهي، جا ٻنين ۾ پوکيندا آهن. گجرون کائبيون آهن، جن جو اسان مٿي ڀاڄين جي باغ ۾بيان ڏنو آهي. هتي گلن جي ڪري هن جو نالو ڏنو ويو آهي. هن جا پن لسا، وڏا، ساوا، دل جي شڪل جا ۽ ڪن جا چنبي وارا ٿيندا آهن. هيءَ ول گلابي رنگ جا سهڻا گل ڪندي آهي. ڪن جا واڱڻائي ٿيندا آهن. گل اڪثر سيپٽمبر ۾ ڪندي آهي. هن کي هندستانيءَ ۾ شڪر قند ۽ انگريزيءَ ۾ مٺو پٽاٽو ڪري چوندا آهن. ڪتابي نالو بٽاٽس اٿس.

هيءَ ول مدامي به ٿي سگهي ٿي، پر اڪثر يڪ – سالي بهتر ٿيندي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو