نانگيل ڦوسيل راند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نانگيل ڦُوسيل:(انگريزي: Nangiyal Phusiyal game ) هيءَ راند ڏڙي سان ڪبي آهي. اڳڙين جو ڏڙو ٺاهي، مٿان ڌاڳن سان مضبوط ڳُتي تيار ڪبو آهي. ننڍين سِرن سان ست گول ٽڪر تيار ڪري، ميدان ۾ ٿوري واريءَ جي ڍڳي ٺاهي، ان تي هڪٻئي جي مٿان رکندا آهن، جنهن کي ”نگانگيل ڦُوسيل“ چوندا آهن. هڪ پاسي ست وکون ڀري اتي پير سان واريءَ کي ٻهاري هڪ هنڌ مقرر ڪندا، جنهن کي ”بُل“ چوندا، يا ان کي ”مَٿَل“ چون. ان جي سامهون نانگيل ڦوسيل جي ٻئي پاسي به ايتري مفاصلي تي ٻيو بُل مقرر ڪندا، ان کي ”هيٺل“ چون. ٻه ٽوليون ٺڄاهيندا، هڪ ٽولي وٺندي مٿل، ٻي ٽولي وٺندي هيٺل. مٿل وارا، مٿئين بُل وٽان وڃي هرهڪ سنگتي واري سان ڏڙي سان ڌڪ هڻي، سرن کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندو ته هيٺل وارا هيٺئين بل واري پاسي بيهي، ڏڙو جهٽڻ جي ڪوشش ڪندا. هڪ ڄڻي جو هيٺل ۾ ڏڙو جهٽجي ويو ته وري ٻيو هڻندو. اهڙيءَ طرح واري سان سڀڪو هڻندو ويندو، تان جو ڌڪ سان سرون ڪِرن. ڪڏهن ڪرنديون، تڏهن مٿل وارن مان هڪ هڪ هوشيار ڀيچي هيٺئين بُلَ ۾ ڪاٺيءَ جا ڏوٽا اڳ ۾ جهلي بيهندو، جنهن کي ”بُل جهليندڙ) چوندا. ٻيا سڀيئي پٺيان بيهندا، هيٺل وارن جو هڪ سنگتي ڪِريل سرن وٽ بيهي بل جهليندڙ کي ڏڙو هڻندو. هو ڪاٺين جي مدد سان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندو، ۽ ڏڙي کي روڪي پاڻ پيرن سان ٿُڏيندو يا سنگتين کي ڏيندو، جي ٿُڏي پري ويندا. انهيءَ وچ ۾ سندس هڪ سنگتي ڊوڙ پائي وڃي سرون هڪ ٻئي تي چاڙهڻ جي ڪوشش ڪندو، جيتريون سرون چاڙهي سگهيو، اوتريون چاڙهيندو. هيٺل وارا ٿڏيندڙ کان ڏڙو هٿ ڪري پنهنجي سنگتيءَ کي اڇلائي ڏيندا، اهڙِءَ طرح راند پيئي هلندي. راند هلندي جي ڏڙوڪنهنکي لڳي ويو ته انهن راند هارائي ۽ ٻيا وارو وٺندا، پر جي نه لڳو ۽ سڀئي سرون چڙهيو ويئون ته راند کٽيائون. کٽڻ جي حالت ۾ هڪ لڊو چڙهيو، وري نئين راند شروع ڪبي ۽ بل وٽان وڃي سرن کي ڌڪ هڻندا. هن حالت ۾ جي سڀئي جا ڌڪ خالي وي ۽ سرون نه ڪِريون ته پوءَ هيٺل وارا وارو وٺندا. هيءَ راند اڪثر ننڍا ڇوڪرا ڪندا آهن[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو