ناسپتي
ناشپتي | |
---|---|
يورپي ناشپتي جي وڻ جي ٽاري ۾ ٻہ ناشپتيون | |
ڪٽيل ناشپتي | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | پائرس |
جنسون | |
لڳ ڀڳ 30 جنسون |
ناسپاتي: (انگريزي: Pear ) هي ٻاهر جو ميويدار وڻ، هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ چڱو اُپائي سگهجي ٿو، پر اڪثر ٽڪرائتن هنڌن ۾. ناسپاتي گهڻو ڪري وڻ ۾ ڪين پچندي آهي پر ڇِني کان پوءِ ڪنهن سرد هنڌ تي رکڻ سان پچي پوندي آهي. ناسپاتي اڪثر سخت ٿيندي آهي، تنهنڪري ڪچي کائي نه سگهبي آهي[1]
ناسپتي جو وڻ اوڌ هڻڻ ۽ پيوند ڪرڻ سان سولو لڳندو آهي. اهو ڪم فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ ڪجي. قلم به لڳي سگهن ٿا، جي فيبروريءَ ۾ هڻجن. ٻج به پوکڻ ۾ ايندو آهي. ڇانگ به فيبروريءَ ۾ ڪندا آهن، سياري کان پوءِ، جڏهن وڻ نوان پن جهليندا آهن. آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ ميوو پچندو آهي. چون ٿا ته صوف توڙي ناسپاتي يورپ ۾ جهنگلي ٿيندا آهن. تن کي پيوند ڪرڻ سان سڌاري ڪيترائي قسم ڪري وڌا اٿن. ٻه سئو کن ته شمار ڪيا اٿن.خشڪ زمين تي هي وڻ گهڻا ورهيه رهي سگهي ٿو. صوف کان ناسپاتيءَ جي لاءِ زياده گرم آبهوا درڪار آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو