ناسٽراڊيمس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ميخائيل ڊي ناسٽرڊيم Michel de Nostredame

Nostradamus: original portrait by his son Cesar
پيدائش 14 December or 21 December 1503 (Julian calendar)
سينٽ ريمي ڊي پرووينس، ڪنگڊم آف فرانس
وفات 2 جُولاءِ 1566 (عمر 62 سال)
سيلن ڊي پرووينس، فرانس
پيشو طبيب ، ليکڪ، مترجم، نجومي
شھرت جو ڪارڻ پلاگ بيماري جي علاج جي اڳڪٿي جي ڪري مشھور ٿي ويو
سڃاڻپ نشان

ميخائيل ڊي ناسٽراڊيم:'Michel de Nostredame:' (21December 1503) – (July 1566)- نالو لاطيني ٻوليءَ ۾ ناسٽراڊيمس بڻجي ويو[1] ھي فرانس جو طبيب ھو پر اڳڪٿين جي ڪري مشھور ٿي ويو جيڪي ھن پنھنجي ڪتاب ۾ شاعري ۾ لکيون .

تفصيلي تعارف[سنواريو]

ناسٽراڊيمس 14 ڊسمبر 1503ع يعني سورهين صديءَ جي شروعات ۾ فرانس ۾ پيدا ٿيو. سندس اصلي نالو مائيڪل ڊي ماسٽي ڊيمي هو پر جڏهن هو يونيورسٽي ۾ لاطيني زبان ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ويو ته هن پنهنجو نالو مٽائي ناسٽراڊيمس رکيو. هو نسلي لحاظ کان يهودي هو پر سندس ڄمڻ کان پهرين سندس مائٽن عيسائيت قبولي ورتي هئي. ان ڪري سندس تربيت ڪيٿولڪ ماحول ۾ ٿي. هن عبراني ٻولي ”علم نجوم“ فلسفي ۽ طب ۾ تعليم حاصل ڪئي. انهيءَ زماني ۾ فرانس ۾ طاعون جي وبا پکڙيل هئي ۽ هڪ طبيب جي حيثيت ۾ هن ڪاميابيءَ سان بيمارن جو علاج ڪيو. پر ان موتمار وبا سندس دل تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ انساني زندگيءَ جي بي بقائي ڏسي هن ڪيمياگري، جادو ۽ مخفي علمن جي باري ۾ ڪتاب ڳولي ڳولي پڙهڻ شروع ڪيا. اهڙيءَ طرح هن علم نجوم ۽ اڳڪٿين ڪرڻ واري علم تي عبور حاصل ڪري ورتو. ۽ سال 1550ع ۾ پهرين جنتري ڇپايائين، جنهن ۾ سڄي سال جون اڳڪٿيون ٿيل هيون، جيڪي حرف بحرف صحيح ثابت ٿيون. ان ڪتاب سان ماڻهن ۾ هن جي مقبوليت وڌي ويئي. آخرڪار هن کي خيال ٿيو ته ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيان ۽ ان لاءِ سورهين صديءَ کان وٺي ايندڙ ٽن هزار سالن تائين جون اڳڪٿيون ڪرڻ جو ارادو ڪيائين جيئن ته سورهين صديءَ جو دور اهڙن ماڻهن جو دور نه هو، جن جا ذهن علم جي وسعت سان روشن ۽ کليل هوندا آهن ان ڪري هن سوچيو ته نثر بجاءِ نظم ۾ اڳڪٿيون لکيون وڃن ۽ قطعي جي صنف کي چونڊيائين. هن اڳڪٿين لکڻ وقت ڳجهارتن، تشبيهن ۽ استعارن جو استعمال ڪيو ته جيئن هر ڪو انهن کي نه سمجهي سگهي، نه رڳو ايترو پر هن سنن جي حساب سان اڳڪٿيون نه ڪيون پر بي ترتيب ڪيون. سندس اهي اڳڪٿيون سن 1555 ۾ بون مان پهريون ڀيرو ڇپيون، ماڻهن کي سندس اڳڪٿين سان هر دور ۾ دلچسپي رهي آهي، هر پنجاهه سالن کان سندس اڳڪٿين جا نوان شارح پيدا ٿيندا رهيا آهن. سندس اڳڪٿيون هميشه صحيح ثابت ٿينديون رهيون آهن. هن پنهنجي اڳڪٿين ۾، پنهنجي دور کان هزارين سال پوءِ واري دنيا کي تشبيهن ۽ ڳجهارتن واري ٻوليءَ ۾ ائين چٽيو آهي جو حيرت ٿئي ٿي. سندس اڳڪٿين ڪرڻ واري طريقي بابت سندس ئي هڪ قطعو آهي:

رات جو اڪيلائيءَ ۾ غيب جو علم ڄاڻڻ لاءِ پتل جي ٽپائي تي هڪ چڪمدار شعلو اڀري ٿو ۽ مون کي سمجهائي ٿو ته آئون چوان جيڪو بي معنيٰ نه آهي. هن جي منجهيل ڳجهارت نما پيشگوئين جا مختلف شارح شرحون ڪندا آيا آهن. تاهم سڀ کان اهم ڪم ڊاڪٽر ميڪس ڊي فوٽبرن ڪيو آهي. سندس ٺاهيل شرح 1938 ۾ ڇپي. ناسٽراڊيمس سن 3797ع کي دنيا جي خاتمي جو سال قرار ڏنو آهي.[2]


.

حوالا[سنواريو]