نئين پٿر واري زماني جا سنڌ ۾ نشان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانھن هلو

ڪراچيءَ کان ويهه ميل پري، مول نالي ماٿر ۾ مسٽر ڪارٽر ڏٺو ته هڪ هنڌ پٿرن مٿان پٿر سٿي ٿيا پيا هئا. انهن پٿرن تي ڪي چڪرا ۽ اُٺ ۽ گهوڙي جون شڪليون اُڪريل هيون. انهيءَ هنڌ کي پاڻ ”ٺل“ (Thhul) ڪوٺيو اٿس. مسٽر ڪارٽر جي خيال موجب اهو ٺل عيسوي سن کان فقط ڏيڍ سؤ کن ورهيه اڳ جو آهي؛ پر انهي ساڳيءَ ماٿر ۾ نئين پٿر واري زماني جي ماڻهن جي بيٺڪ جا نشان به ڏٺائين. انهيءَ زماني جا پٿر جا ٺهيل ڪيترا اوزار به لڌائين. ائين هو صاحب کوجنائون ڪندو ويو، ته نئين پٿر واري زماني جون بيٺڪون ڪراچيءَ کان وٺي اُنڙپور تائين ڏٺائين. هيڏانهن وري ننگر ٺٽي جي پريان، ڳوٺ گجي واريءَ واٽ تي ٿرڙيءَ وٽ، نئين پٿر واري زماني جو عجيب طرح ٺهيل هڪ شهر نظر آيس، جنهن جي چوڌاري ڀتيون ڏنل هيون. انهيءَ هنڌان توڙي جهرڪن طرف ٻڌڪن ٽڪرن مان، انهيءَ زماني جا پٿر مان ٺهيل اوزار وغيره به هٿ آيس.ويجهڙائيءَ ۾ آرڪيالاجيڪل کاتي وارن به اهي پاسا جاچيا، تنهنڪري نئين پٿر واري زماني جي بيٺڪن جو ذڪر سر جان مارشل به پنهنجي جوڙيل ڪتاب مهن جي دڙي ۽ سنڌو سڀيتا جي جلد پهرئين صفحي 92 ۾ ڪيو آهي. ان صاحب جو چوڻ آهي ته نئين پٿر واري زماني جا نشان سنڌ ۾ لڪيءَ جي جبلن، کرٿر جبل جي قطارن ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ به اڪيچار آهن. مطلب ته هن زماني ۾ نه رڳو سيوهڻ وارو پاسو وسيل هو؛ پر سنڌ جي اُڀرندي طرف وارين ٽڪرين يعني ٺٽي ۽ جهرڪن وارن ٻڌڪن ٽڪرن ۽ اُنڙپور کان وٺي روهڙيءَ وارين ٽڪرين وارو پاسو به وسيل هو. [1] [2] [3]

حوالا[سنواريو]

  1. E. Marsden and sir Henry sharp: A History of India, P.13
  2. Mr. Henry Cousens: The Antiquities of Sindh, Page 6
  3. ڪتاب؛ قديم سنڌ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي