نئون عالمي ٽڪنڊو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گڏيل آمريڪي رياستن يعني آمريڪا جي روس ۽ چين سان تڪرار جي ڪارڻ عالمي حوالي سان انهن ٽنهين وڏين فوجي ۽ معاشي طاقتن جي وچم هڪ نئون عالمي ٽڪنڊو سرجندي نظر اچي رهيو آهي. جنهن جي ڪري سڄي دنيا ۽ خاص طور تي ايشيا ۾ انقلابي ڦيرگهير جنم وٺي رهي آهي. انهن جي پاڻ ۾ سرد جهيڙي جي ڪارڻ، نين لڪل يا پراڪسي ويڙهن جي شروعات به ٿي رهي آهي، جيڪا انهن ٽن وڏن رانديگرن پنهنجي پنهنجي اَثر وارن ملڪن جي ذريعي شروع ڪري رکي آهي. اهي تبديليون ڀڇ ڊاهه جو ڪارڻ به بڻجي رهيون آهن. جنهن جي ڪري پراڻا دوست جدا ٿي رهيا آهن ۽ علاقائي ۽ عالمي ليول تي نيون صف بنديون ٿي رهيون آهن.[1]

حوالا[سنواريو]