مھري دال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دال مهري (نالا: ع. عدس، ف. نشڪ، ھ. وغيره مسور، مرجوسڪ، ملس، ۽ بنو سرخ.) ڳاڙهي رنگ تي چپترا گول داڻا ٿين ٿا. هن جا ٻه قسم آهن.

طب[سنواريو]

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: دير هضم آهي، ميل: گيھ ۽ لوڻ، عيوض: مڱ، وزن: ٻه تولا.
خاصيت: هن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي انهيءَ پاڻيءَ سان گرڙيون ڪرائبيون ته وات جي بدبوءِ دور ڪرڻ، وات جي پچڻ، خناق جي ڳوڙهن کي لاهيندي. کنگھ، سيني جي سور، تپن، ۽ دستن لاءِ مفيد آهي، هن کي سرڪي ۾ رڌي لپري ڪري، خنازير جي ڳوڙهن، سخت سوڄ ۽ مقعد جي سوڄ تي ٻڌجي ته مفيد آهي، ردي خلط پيدا ڪري ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.