مھراڻو جھنگلي جيوت پناھ گاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

مھراڻو_جھنگلي_جيوت_پناھ_گاھ وائيلڊ لائيف جي بين الاقوامي حيثيت ماڻي چڪو آهي مهراڻي جو.

مهراڻو گهمڻ لاءِ  ڪوٽڏجي پهچي  ڪوٽڏجي شهر کان لڳ ڀڳ 8 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڪوٽڏجي شهر جي ڏکڻ اوڀر مهراڻي جون حدون شروع ٿين ٿيون. اندر سندس ڊيگهه ۽ ويڪر تمام گهڻي آهي ۽ ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. اندر زمينون ۽ فصل به آهن ته هڪ ڍنڍ به آهي ته رڻ پٽ سان گڏ هڪ حصو ٻيلي جهڙو به آهي جنهن ۾ ڪيئي پراڻا، ڊگها ۽ ويڪرا وڻ آهن. خيرپور فيڊر ايسٽ (ميرواهه) مهراڻي جي ڏاکڻي پاسي کان گڏ هلي ٿو. ٻئي طرف وارياسي ڀِٽُن ۽ ٽڪرين جو حصو آهي. مهراڻي کي کوڙ سارين جاين کان چوڌاري ڪوٽ يا وري تارون لڳايون ويون آهن. خيرپور رياست جي اڳوڻي والي مير سهراب خان ٽالپر 1790ع ۾ ڪيترن ئي ميلن تي مشتمل علائقي کي جنگلي جيوت جي محفوظ پناهه بڻايو جنهن کي بين الاقوامي وائلڊ لائف جي حيثيت حاصل آهي.

هتي هزارين ناياب ڪارا هرڻ، ڳاڙها هرڻ، ڦاڙها، ٻارنهن سڱا،جهنگلي سوئر، جهنگلي ٻليون، گدڙ، تتر ۽ ڪيترائي ٻيا ناياب پکي ۽ جانور موجود آهن. پهريان هي علائقو رياست جي والين جي شڪار گاهه هيو پر اڳتي هلي هاڻوڪي والي هز هاءِ نيس علي مراد ٻئي ان کي شگار گاهه ختم ڪري جهنگلي جيوت جي محفوظ پناهه گاهه بڻايو. نه صرف اهو پر مير صاحب ڪجهه ناياب هرڻ ٻاهرين ملڪن مان به کڻائي آيو جيڪي هاڻي دنيا ۾ ته ناياب آهن پر مهراڻي ۾ موجود آهن. اسان جي گاڏي پهريان ڪڻڪ جي فصلن مان ٿيندي هلي ۽ پوءِ وري هڪ گيٽ آيو، ان مان اڳتي وڌياسين ته ٻيلو نظر آيو جنهن ۾ پراڻا ۽ وڏا وڏا وڻ نظر آيا، ڪٿي ڪٿي باغ نظر آيا جيئن زيتون، ليما وغيره. پکين جا ڪيئي آواز، ٿڌڪار ۽ قدرتي منظر سچ ته عجيب پئي لڳا. اتان ٿيندا هڪ ٻئي ڪوٽ ٻاهران آياسين جنهن کي لوهو گيٽ لڳل هو . ان کي کولي اندر وياسين، وري هڪ ٻيو ڪوٽ نظر آيو، ان دروازي تي پهچي واقفيت ڪرائيسين ۽ پوء دروازو کوليو ويو. اڳتي اک ڦيرائي ته ڪيئي هرڻ، ٻارنهن ســڱا، ڦاڙها، ٽاڪرو هرڻ نظر آيا، جيڪي گاڏي کي ڏسي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا. اهڙا منظر اڳ صرف نيشنل جاگرافڪ تي ڏٺا هياسين ۽ اڄ اسان جي ٻنهي طرفن کان هرڻ ۽ ڦاڙها هيا. ڪيمرا جي ڪلڪ کان ڪوهين ڏور ٿي ڀڳا. اسان کي گاڏي مان لهڻ کان روڪيو ويو هو. هتي گهڻو ڪري جانورن کي ڏسڻ لاءِ لڪل جايون ٺاهيون ويون آهن جيئن جانورن کي ڊڄ نه اچي. مان گاڏي مان ئي ڪجهه تصويرون ڇڪيم. پٿريلي زمين تي گاهه وڇايل نظر آيو جنهن کي کائڻ لاءِ پهتا هيا. هاڻي اسان اتان واپسي ڪري وري ٻئي ڪچي واٽ تي ورياسين ۽ ڪجهه اڳتي هلي چهچ ساون ڊگهن وڻن مان ٿيندا اڳتي وڌياسين. ڪٿان ڪٿان شاخون ڀريل پاڻي سان گڏ گڏ پئي هليون. جنهن جي پاسن تي ڪيئي ساوا ٻوٽا ۽ گل بيٺا هيا. ڪٿي گدڙ ۽ ڪٿي وري ڪجهه سوئر نظر پئي آيا. وچ ٻيلي ۾ هڪ جاءِ تي گاڏي روڪيسين، سامهون وچ تي هڪ جاءِ ٺهيل هئي، ڪجهه ماڻهو هٿيارن سان بيٺا هيا ۽ ڪجهه وري ڪچهري ڪري رهيا هئا. مٿي هڪ ڊگهو چبوترو ٺهيل هو. اسان ڏاڪڻيون چڙهي مٿي وياسين جتان ڍنڍ جو نظارو پئي نظر آيو، هڪ طرف ٻيلا هيا ته ٻئي طرف وري واريءَ جا دڙا نظر پئي آيا. هي جاءِ ۽ چبوترو گهڻو مٿي هيا. هيٺ لٿاسين ته اسان جي رهنمائي ڪندڙ بشير بڙدي هڪ ٻئي همراهه کي سڏيو جيڪو رکوالو هيو سوئرن واري طرف جو. سندس نالو گهنور بڙدي هيو. هتي مهراڻي پاسي بڙدي ذات جا ماڻهو گهڻا رهن ۽ اوسي پاسي جون زمينون به آباد ڪن ته ٽريڪٽر ۽ ٽرالين تي پٿرن جو ڪم به ڪن. مهراڻي جي رکوالي به هنن حوالي آهي. غوث علي شاهه جي وزارت اعلى واري ڏينهن ۾ هتي سرڪاري رکوالا به رکيا ويا پر اڳتي هلي اهي غير قانوني شڪار ۾ ملوث رهيا جن کي بعد ۾ هٽايو ويو. اسان وڻن ۽ ٻيلي مان ٿيندا هڪ هنڌ پهتاسين ۽ گهنور پنهنجي مخصوص آواز ۾ سوئرن کي سڏڻ لڳو. اهو وقت سندن چاري جو نه هيو پر رکوالي جي سڏڻ تي 12 کن سوئر گڏ ٿيا. اسان هڪ مٿاهين جڳهه تي لڪي ويٺاسين. هو پاڻ ۾ وڙهي به رهيا هئا. ڪجهه دير اتي رهي اسان بوزاڪر ڍنڍ طرف روانا ٿياسين. اتي وڃڻ لاءِ اسان کي واهه جي ٻئي پاسي کان وڃڻو پئي پيو، جنهن ۾ ڪلاڪ کن لڳي ها پر بشير ڊرائيور جي اها ضد هجي ته وچان ڀِٽُن مان هلون. آخر ڊرائيور اڳيان مجبور ٿياسين جنهن گاڏيءَ جي ٽائرن مان ڪجهه هوا ڪڍي ۽ وچ دڙن ۽ وڻن مان ٿيندو اڳتي وڌيو. منهنجو ته خير هيو باقي پوين سيٽن تي ويٺلن سان واهه جي ٿي، ڪڏهن هيڏي ته ڪڏهن هوڏي ..... الله الله ڪري ڍنڍ تي پهتاسين. پري کان ئي اُٺن جا وڳ، ٻڪرين ۽ رڍن جا ڌڻ نظر آيا ۽ کوڙ سارا پکي به هئا جيڪي ڍنڍ جي ٻئي طرف هيا. اڳيان ئي پاتن جا ڳوٺ هيا. اسان هاڻي واپسي ڪئي ۽ سڌو بشير جي ڳوٺ پهچي چانهه پيتي. ڪجهه گهڙيون ڪچهري ڪري واپس ٿياسين. مان سوچي رهيو هوس ته جيڪڏهن هن ماڳ کي ڪجهه وڌيڪ ترقي وٺرائي ان ۾ ٻيا به جانور رکرايا وڃن، ڍنڍ ۾ ڪجهه ٻيڙيون هلن ته جيڪر هي ماڳ به هڪ سياحتي هنڌ بڻجي وڃي. پر نه ته رياست جي واليءَ ۽ هن وقت جي وارثن ۾ ان قسم جي ڪا دلچسپي آهي ۽ نه ئي وقت جي حڪومتن ان طرف ڪو ڌيان ڏنو آهي ۽ نه ئي ڪنهن اين جي او ان ۾ ڪا دلچسپي ورتي آهي. ڪاش هنن ماڳن کي وڌيڪ ترقي وٺرائي انهن کي سياحتي ماڳن ۾ تبديل ڪري نه صرف مشهوري ماڻجي پر هتان جي مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا فراهم ڪجن.[1]

حوالا[سنواريو]


خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]