مڪاڪ ڀولڙو
| Macaques[1] | |
|---|---|
| Bonnet macaque | |
| سائنسي درجا بندي | |
| ڪنگڊم: | Animalia |
| تقسم: | Chordata |
| درجو: | Mammalia |
| ترتيب: | Primates |
| خاندان: | Cercopithecidae |
| ذيلي خاندان: | Cercopithecinae |
| Tribe: | Papionini |
| نسل: | Macaca Lacépède, 1799 |
| قسم جنس | |
| Simia inuus Linnaeus, 1766 | |
مڪاڪ (انگريزي ٻولي: Macaque) ڀولڙي جو پُڇ ڊگهو ٿئي ٿو. مڪاڪ ڀولڙا ملائيشيا ۾ تمام گهڻو ٿين ٿا. ٻين ملڪن ۾ ڀولڙا رڳو جانورون جي باغ ۾ ئي نظر ايندا آهن، پر انڊيا ۽ ملائيشيا اهڙا ملڪ آهن، جتي ڪيترن ئي شهرن، جهنگلن ٻيلن ويندي پڪن رستن تي ڀولڙا عام جام گهمندي نظر ايندا آهن.
هنن ڀولڙن کي سائنس جي تجربن ۾ تمام گهڻو ڪتب آندو وڃي ٿو. تنهنڪري ڪيترن ئي ملڪن ۾ هن ڀولڙي جي کپت آهي. ملائيشيا طرفان ان ڀولڙي جي وڪري يا ٻاهر موڪلڻ تي پهرين جهل پل نه هئي. پر هاڻي ويجهڙائيءَ ۾ حڪومت ان کي ٻاهر اماڻڻ تي بندش وڌي آهي جو پهچندڙ رپورٽن موجب خبر پيئي ته انهن ڀولڙن تي ٻين ملڪن ۾ سائنس جي نالي تي سخت ظلم ٿي رهيا هئا ۽ کين ڪيميائي ۽ بايولاجيڪل جنگي تجربن ۾ استعمال ڪيو پيو ويو. نتيجي ۾ ملائيشيا جي حڪومت مڪاڪ جي ايڪسپورٽ ڪرڻ تي بندش وجهي ڇڏي.
حڪومت جي هن اوچتي جهل انهن واپارين کي سخت نقصان ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جيڪي هي ڀولڙا ٻاهر موڪلي ناڻو ڪمائڻ ڪارڻ هتي ڀولڙن جا فارم هلائي رهيا هئا جن فارمن ۾ هن وقت هزارين ڀولڙا موجود آهن. هنن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هاڻي انهن کي ڪيڏانهن ڪن. جي پاڻ وٽ رکن ٿا ته ڪمائيءَ بدران انهن کي کارائڻ پيارڻ ۽ نگهبانيءَ تي خرچ ڪرڻو ٿو پوين ۽ جي کين آزاد ڪري جهنگل ۾ ٿا ڇڏين ته ڀولڙن ۾ ٻين جانورن وانگر اهو افعال بنهه ناهي ته هڪدم پنهنجي کاڌي خوراڪ جي ڳولا ۾ لڳي وڃن. نتيجي ۾ ٻنهي صورتن ۾ اهي اڃايل بکيل مري ويندا. [2] [3] [4]
- ↑ سانچو:MSW3 Groves
- ↑ ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل کان 12 سيپٽمبر 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 25 جولاءِ 2016۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ ڪتاب: ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، ليکڪ: الطاف شيخ
- ↑ Macaque - Wikipedia