مڪاڪ ڀولڙو
مڪاڪ ڀولڙو | |
---|---|
Scientific classification | |
Kingdom: | Animalia |
Phylum: | Chordata |
Class: | Mammalia |
Order: | Primates |
Family: | Cercopithecidae |
Subfamily: | Cercopithecinae |
Tribe: | Papionini |
Genus: | Macaca |
Type species | |
Simia inuus |
مڪاڪ (انگريزي ٻولي: Macaque) ڀولڙي جو پُڇ ڊگهو ٿئي ٿو. مڪاڪ ڀولڙا ملائيشيا ۾ تمام گهڻو ٿين ٿا. ٻين ملڪن ۾ ڀولڙا رڳو جانورون جي باغ ۾ ئي نظر ايندا آهن، پر انڊيا ۽ ملائيشيا اهڙا ملڪ آهن، جتي ڪيترن ئي شهرن، جهنگلن ٻيلن ويندي پڪن رستن تي ڀولڙا عام جام گهمندي نظر ايندا آهن.
هنن ڀولڙن کي سائنس جي تجربن ۾ تمام گهڻو ڪتب آندو وڃي ٿو. تنهنڪري ڪيترن ئي ملڪن ۾ هن ڀولڙي جي کپت آهي. ملائيشيا طرفان ان ڀولڙي جي وڪري يا ٻاهر موڪلڻ تي پهرين جهل پل نه هئي. پر هاڻي ويجهڙائيءَ ۾ حڪومت ان کي ٻاهر اماڻڻ تي بندش وڌي آهي جو پهچندڙ رپورٽن موجب خبر پيئي ته انهن ڀولڙن تي ٻين ملڪن ۾ سائنس جي نالي تي سخت ظلم ٿي رهيا هئا ۽ کين ڪيميائي ۽ بايولاجيڪل جنگي تجربن ۾ استعمال ڪيو پيو ويو. نتيجي ۾ ملائيشيا جي حڪومت مڪاڪ جي ايڪسپورٽ ڪرڻ تي بندش وجهي ڇڏي.
حڪومت جي هن اوچتي جهل انهن واپارين کي سخت نقصان ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جيڪي هي ڀولڙا ٻاهر موڪلي ناڻو ڪمائڻ ڪارڻ هتي ڀولڙن جا فارم هلائي رهيا هئا جن فارمن ۾ هن وقت هزارين ڀولڙا موجود آهن. هنن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هاڻي انهن کي ڪيڏانهن ڪن. جي پاڻ وٽ رکن ٿا ته ڪمائيءَ بدران انهن کي کارائڻ پيارڻ ۽ نگهبانيءَ تي خرچ ڪرڻو ٿو پوين ۽ جي کين آزاد ڪري جهنگل ۾ ٿا ڇڏين ته ڀولڙن ۾ ٻين جانورن وانگر اهو افعال بنهه ناهي ته هڪدم پنهنجي کاڌي خوراڪ جي ڳولا ۾ لڳي وڃن. نتيجي ۾ ٻنهي صورتن ۾ اهي اڃايل بکيل مري ويندا. [1] [2] [3]
- ↑ ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
- ↑ ڪتاب: ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، ليکڪ: الطاف شيخ
- ↑ Macaque - Wikipedia