مواد ڏانھن هلو

مکڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مکڻِي:(انگريزي: Makhni) هي گاهه مانڌاڻي جهڙو، پر ڊيگهه ۾ البت وڏيرو، چوٽيءَ وٽ چئن ڦاڪن سان ٿيندو آهي. هي ڏاڍيري زمين ۾ جام ٿئي. وارياسي ڊَسَڙَ ۽ ڀٽن تي گهٽ ٿئي. هن جو اَن ڳاڙهسري ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي، جو غريب ماڻهو ٻاجهريءَ سان ملائي، ڏڪار وقت مانيون پچائي کائيندا آهن. هن جي اٽي ۾ چيڙهه ٿيندو آهي ۽ سواد ۾ ڪي قدر چانورن جهڙو ۽ طاقت وارو آهي. جڏهن سائو هوندو آهي، تڏهين ڍڳيون، مينهون، گهوڙا، گڏهه ۽ گابا کائيندا آهن[1].

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو