مڇر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مڇر
Temporal range: 226–0 Ma
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(129,170,114); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">Є
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(0,169,138); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">O <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(166,223,197); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">S <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(221,150,81); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">D <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(63,174,173); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">C <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(247,88,60); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">P <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(153,78,150); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">T <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(0,187,231); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">J <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(111,200,107); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">K <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(254,161,99); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">Pg <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(254,221,45); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">N
Jurassic – Recent
Female Culiseta longiareolata
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: Animalia
تقسم: Arthropoda
درجو: Insecta
ترتيب: Diptera
ذيلي ترتيب: Nematocera
Infraorder: Culicomorpha
Superخاندان: Culicoidea
خاندان: Culicidae
Meigen, 1818 [1]
Subfamilies
Diversity
41 genera
مڇر جو خاڪو

مڇر ھڪ ننڍڙو اڏرندڙ جيت آھي جيڪو جانورن ۽ انسانن جو خون چوسيندو آھي. مڇر جا ڪيترائي نسل آھن. مڇر ڪُت ۽ مڇر جو هڪڙو نمونو آهي. وڏي ۽ چَڪ هڻڻ واري ڪُت کي مڇر يا مَهو سڏين ٿا. دنيا جي گهڻن ڀاڱن ۾ اُهي آزار مچائي ڏيندا آهن. انهن جا گهڻائي قسم ٿين ٿا. مادي پاڻيءَ ۾ آنا لاهيندي آهي، جي ڊگها بيضوي شڪل جا ٿا ٿين. گهڻن آنن کي چنبڙائي، ڇَٽَ وانگي ننڍڙي ٻيڙي بنائي، پاڻيءَ تي تاري ڇڏيندي آهي. گرم هوا ۾ آنا سگهو ئي ڦُٽن ٿا. ٻچا تمام ننڍڙا ٿا ٿين، مگر ڏاڍا چالاڪ آهن. هو هڪدم ٽُٻي هڻي، پاڻيءَ جي تر تائين وڃن ٿا، وري ساهه کڻڻ لاءِ جهٽ ۾ مٿي نڪريو اچن. هنن جي ساهه کڻڻ جو عضو پُڇ جي ويجهو ٿئي ٿو، تنهنڪري پاڻيءَ ۾ پڇ مٿي ۽ سسي هيٺ ڪري، اُبتو ٽنگجي بيهندا آهن. ٽي- چار ڀيرا کَلَ لاهڻ کان پوءِ، هو آرام جي حالت ۾ اچن ٿا، جا جيتن جي ٽين صورت آهي. انهيءَ منزل تي هو کائڻ بند ڪن ٿا، مگر چُرڻ پُرڻ ۾ پاڻ زياده ڦڙت ۽ چالاڪ ٿين ٿا، پڇ ۽ ٻن پاسن وارن ننڍڙن ونجهن جي وسيلي سان ترندا وتندا آهن. جيتوڻيڪ اڃا به پاڻيءَ ۾ ٽنگيا وتندا آهن، تڏهن به انهيءَ حالت ۾ پڇ هيٺ ٿيندو اٿن، ڇا لاءِ جو ساهه کڻڻ جو عضوو هاڻي ڦري ڇاتيءَ ۾ ٿيندو اٿن. نيٺ کَلَ جو کوپو ٽڙڪين ٿو ۽ ان ۾ جيت ٻيڙيءَ وانگي پيا لُڏن. انهيءَ وچ ۾ کنڀ به پيدا ٿين ٿا، پر اُهي پهرين آلا اٿن، جي پاڻي سانت ۾ آهي ته کنڀ سگهو ئي سُڪي پونن ٿا ۽ سُڪيءَ ڏي وڃن ٿا، پر جي پاڻيءَ ۾ لهر لوڏو گهڻو آهي ته کوپي جي ٻيڙيءَ سميت، پاڻيءَ ۾ ٻُڏي مري وڃن ٿا. ڪُت ۽ مڇرن جا آنا گهڻو ڪري مڇيون کايو کپايو ڇڏين ۽ ٻچن مان به گهڻا ڪامل جيتن جي منزل تي پهچڻ کان اڳيئي مريو وڃن. مڇرن جو ”ڀُون ڀُون“ وارو آواز يا ڀڻڪو سندن جلد کنڀن چورڻ ڪري ٿيندو آهي. هنن جون اکيون وڏيون آهن، جنهنڪري هنن کي اوچتو وٺڻ مشڪل آهي. نر مڇرَ چڪ ڪين وجهندا آهن. هنن جا سڱ بُجن وارا آهن. مڇر جو ڏنگ هڻندا آهن، سو سونڊ سان، جنهن ۾ ننڍڙين ترارين ۽ ڪارائن وانگي نشترون لڳل آهن، جي کَلَ ۾ چڀائيندا آهن، پوءِ انهن سان رت چوسيندا آهن. مڇر جي ڏنگ جي نوڪ اهڙي سنهي ۽ باريڪ آهي، جو جيڪر رڳو انهيءَ جي چڀڻ ڪري ڪو ايذاءُ ڪونه اچي، جيڪو ايذاءُ يا سور ٿئي ٿو، سو هن ڪري، جو ڏنگ سان ڪيل زخم ۾ هو صاف پاڻيءَ جهڙي زهر جو هڪڙو ٽيپو اڇلائي وجهي ٿو. اهي انهيءَ لاءِ ڪندو آهي ته رت ڇِٽو يا پٽڙو ٿئي ته چوسڻ ۾ سولو کڄي .مڇر جي چڪ يا ڏنگ جو چڱو اهو علاج آهي ته اهو هنڌ هڪدم پاڻيءَ سان ڌوئجي. پاڻي زهر سان گڏجي ان کي ڪمزور ڪري ٿو، جي ترت ملي نه سگهي ته وات جي ڦيڻي بس آهي. ٻيا علاج آهن: ليمي جي رس، لوڻ ۽ پاڻي. مڇرن جي تعداد گهٽائڻ جو رستو اهو آهي ته جنهن ڪِني بيٺل پاڻيءَ جي کڏ ۾ هُو آنا ٿا لاهين، سا ڀري ڇڏجي. سرد ملڪن ۾، جتي اونهاري جي موسم ٿوري وقت تائين ٿي هلي، اتي مڇر ڏاڍي تڪليف ڏين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪڪرن وانگي هوا کي ڪارو ڪري ڇڏيندا آهن! ايترا گهڻا ٿيندا آهن.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. Harbach, Ralph. "Family Culicidae Meigen, 1818". Mosquito Taxonomic Inventory. 
  2. ڪتاب: حشرات الارض؛ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن :1973؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو