مواد ڏانھن هلو

مٽر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مٽر
ڦري ۾ ڏيکاريل مٽر
پزم سئٽيوم يا مٽرن جو ٻوٽو
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): پزم
جنس: Template:Taxonomy/پزم{. سئٽيوم
حياتياتي نالو
پزم سئٽيوم
ايل.
پزم سيٽويم : پڪل ڦري ۽ پڪل ٻج
مٽرن جا گل


مَٽَر:(انگريزي: Peas) مٽرن کي انگريزيءَ ۾ پيز ۽ علم نباتات ۾ پزم سئٽيوم (انگريزي: Pisum sativum) چوندا آهن. مٽرن جيترا قسم ٻيءَ ڪنهن ڀاڄيءَ جا نه آهن. پر ٽي يا چار مک آهن جي هتي جي باغن ۾ پوکڻ گهرجن. هڪڙا ته سويري موسم ۾ ٿيندا آهن، جي ٽي چار فوٽ مٿي اٿندا آهن ۽ ڪاٺي يا ٻي ٽيڪ ڪا نه گهرندا آهن ۽ پوکڻ کان پوءِ ڇهن هفتن ۾ ڦريون پچائيندا آهن. اهي قد ۾ ننڍا آهن. ٻيا وڏا آهن جي تياري ٿيڻ ۾ ٽي مهينا لڳائيندا آهن ۽ ڦريون به وڏيون ۽ گهڻيون ڪندا آهن.

مٽرن جي لاءِ ڪو تمام گهڻو ڀاڻ نه گهرجي. ٻج زمين ۾ ٻه يا ٽي انچ هيٺ وجهڻ گهرجي. مٽر جي پاڙ هيٺ اُڀي وڃي ٿي، پاسي تي نه ٿي پکڙي. تنهنڪري زمين هيٺ گهڻو وليل ۽ نرم هئڻ گهرجي. پوکڻ کان اڳي زمين وري به ڀوري سنئين ڪجي، ۽ منجهس اتر کان ڏکڻ ڏي چريون کڻجن، جي هڪٻئي کان ٽيهن انچن جي وڇوٽيءَ تي هجن ۽ انچ اونهيون هجن. ٿوري ڇانوَ مٿان هوندين ته حرڪت ڪانهي. ٻجن جي چڱائي معلوم ڪرڻ لاءِ پهرين ٿورا داڻا ڪونڊيءَ ۾ پوکي ڏسجن. ڪي ڪي مٽر پهرين ته اصل ڪونڊين ۾ پوکي پوءِ ڪڍي زمين ۾ هڻندا آهن. ٻج يا سلا چرين ۾ سوڙها ۽ گهاٽا نه هئڻ کپن. زمين اصلي ڀِنل نه هجي ته ٻج پوکڻ کان ٻارهن ڪلاڪ اڳي ججهو پاڻي ڏئي ڀڄائجي. سگهو مٽر ٽن چئن ڏينهن ۾ ڦٽي ٻاهر ٿيندو. جڏهن سلا اڌ فوٽ جيڏا ٿين تڏهن گُڏ ڪجين ۽ سوير ئي ٽيڪ جي لاءِ ڪاٺيون کوڙجن، ٽيڪن کوڙڻ جو چڱو رستو اهو آهي ته ٻن قطارن جون ڪاٺيون هڪٻئي تي ليٽائي، سندن چوٽيءَ کان اٺ انچ هيٺ تي پاڻ ۾ ٻڌي ڇڏجن. جڏهن وليون ڦر ڪرڻ تي اچن. تڏهن مئو پاڻي ڏجين ته نرم به ٿين ۽ جلد به نه پچي وڃن. ڦريون قينچيءَ سان ڪپي وٺجن، هٿ سان نه پٽجن، نه ته شايد ولين کي جوکو پهچندو. چڱا چڱا مٽر چونڊي ٻج لاءِ رکي ڇڏجن ته وري ٻئي سال ڪم اچن. اهي سڪائي ٻاٽلين ۾ چڱيءَ طرح بند ڪري رکجن، جيئن ٽنڊڻي، جنهن کي گڏهڙو چوندا آهن، سو، يا ڪو ٻيو جيت اندر نه گهڙي وڃي. پوکڻ کان اڳي زمين ۾ شوري جي چَٽ ڏيڻ فائدي واري چوندا آهن.

مٽر سيپٽمبر کان نومبر تائين پوکي سگهجن ٿا. ڪي ڪي پهرين ٻجن کي سوسڙي پاڻيءَ ۾ ٻه ڪلاڪ ڀڄائي، پوءِ ٻن ڪلاڪن تائين سڪائي پوءِ پوکيندا آهن. جڏهن گل ڪن تڏهن هڪڙو پاڻي ڏجين، پوءِ نه ڏجين.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو