مير علي نواز ناز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جنم[سنواريو]

مير علي نواز ناز 9 آگسٽ 1884ع تي ڪوٽڏيجي ۾ جنم ورتو.

سوانح[سنواريو]

رياست جو ٽيون نمبر حڪمران هو. هزهائينس مير علي نواز ”ناز“ (His Highness Mir Ali Nawaz Naz) وڏي ناز ۽ اندز سان پليو. هن جي تعليم ان وقت جي لائق استادن جي هٿان ٿي. انگريزي تعليم جي لاءِ هندستان جي وڏي تعليمي ماهر خواجا غلام سبطين جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. کيس خواجا صاحب جي رفاقت ۾ چيفس ڪاليج لاهور ۾ داخل ڪيو ويو. اتي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ کيس، ”امپيريل ڪئڊيٽ ڪور ديرادون“ موڪليو ويو. فوجي سکيا وٺڻ بعد هو ڪيپٽن ريڊئي جي ساٿ ۾ ولايت ويو ۽ نَوَ مهينا لنڊن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ هن سڄي يورپ سان گڏ مصر، ايران ۽ عراق جو به سير ڪيو. ولايت مان موٽڻ کانپوءِ هو هندستان جا به گهڻا ئي شهر گهمندو، خيرپور آيو. انهيءَ سفر کيس دنيا جي لاهن چاڙهن کان گهڻو واقف ڪيو ۽ گهڻا ئي مشاهدا ۽ تجربا پلئه پيس. رياست خيرپور جي والي ۽ سندس والد مير امام بخش خان 8 فيبروري 1921ع تي وفات ڪئي ۽ مير علي نواز ”ناز“ کي برادري جي پڳ ٻڌرائي ويئي. 25 جون 1921ع تي سرڪاري طور تي سندس تخت نشيني عمل ۾ آئي. مير صاحب ولي عهدي ءَجي زماني کان ئي يورپ ۽ هندستان جي سير ۽ سفر جي ڪري گهڻو تجربو پرايو هو. سندس دل جوش ۽ جذبي سان ڀريل ۽ دماغ بهترين صلاحيتن سان سينگاريل هو. سندس ذات ۾ قوم ۽ وطن جي بهتريءَ لاءِ وڏيون اميدون هيون. کيس به پنهنجي رياست کي مثالي رياست بنائڻ جو خيال آيو. گاديءَ تي ويهڻ شرط رياست ۾ وڏا سڌارا آندائين. رعيت تان ڇيڙ ۽ بيگر جي پراڻي مصيبت معاف ڪيائين. تعليم تي اڳين کان وڌيڪ ڌيان ڌريائين. رياست جي سموري زمين جي ماپ ڪرائي ماڻهن کي مالڪاڻا حق ڏنا ويا. خيرپور شهر ۾ پاڻي جي نلڪن ۽ بجلي جو بندوبست ڪيو ويو. سرڪاري نوڪرن لاءِ پينشن جو بندوبست ڪري، سندن سروس بوڪ رکيا ويا. اڳين عدليا مير صاحب ۽ وزيرن جي هٿ ۾ هوندي هئي، پر هاڻ عدالتي کاتو کولي ڊسٽرڪٽ جج، سيشن جج ۽ سب جج مقرر ڪيا ويا. انهن سڌارن سبب رياست جي آبادي وڌي ويئي ۽ اُپت ۾ واڌارو ٿيو. رياست ۾ خوشحالي آئي ۽ هرڪو سکيو ستابو ٿيندو ويو، جنهن ڪري مير صاحب جي عوام ۾ هر دلعزيزي وڌندي ويئي. ميرعلي نواز ”ناز“ بنيادي طرح هڪ آزاد طبيعت جو ماڻهو هو. ولايت ڀيٽيل هيس. سو لاهور جي هڪ ڳائڻي اقبال بيگم عرب بالي جي محبت ۾ وٺجي ويو. شايد قدرت کي اهو ئي منظور هو. مير صاحب جون اکيون مائي صاحبا ۾ ۽ وري مائي باليءَ جون اکيون ميرصاحب جي مايا ۾ کپي ويون. ٿورن ئي ڏينهن جي ميل ميلاپ کانپوءِ مائي بالي مائٽن سان ملڻ جي بهاني، مير صاحب جو ارڪو ترڪو کڻي لاهور هلي ويئي. ائين ٻين ٽپڙن سان گڏ ميرصاحب جا وڏن کان ورثي ۾ مليل اٺن لکن جا هيرا جواهر به هضم ٿي ويا. بيگم اقبال عرف بالي جو لاهور وڃڻ ڇا ٿيو. مير صاحب کي جدائي جهوري وڌو. وڏا وس ڪيائين، منٿون ميڙون ڪيائين، ويندي بمبئي جي گورنر کي درخواست ڪيائين، جيئن محب موٽي ملي ۽ جدائي جي ڊگهي رات ختم ٿئي. پر وريو ڪجهه به نه ۽ ميرصاحب جدائي جي باهه ۾ جلندو رهيو. آخر هڻي گهڻن سالن کانپوءِ وڃي مير صاحب جي منٿن جو اثر ٿيو ۽ مائي بالي ”هيرا منڊي“ مان نڪري خيرپور آئي ۽ مير صاحب جي پَٽ راڻي بڻي. ائين عشق ۾ جلڻ، جدائي جي غم ۽ پوءِ محبوب جي ملڻ ۽ درٻارين ۽ٻ ين ماڻهن طرفان فضول خرچين ۽ رياست جي ڪاروهنوار ڏانهن ڌيان نه هئڻ سبب، رياست جو نه رڳو خزانو خالي ٿي ويو، پر انتظام به درهم برهم ٿيڻ لڳو. راوي روايت ڪن ٿا ته ميرصاحب جو سالو ميان بگو سَون جا نوٽ سُلفي ۾ وجهي ساڙڻ لڳو. حال وڃي اتي بيٺو جو ڪجهه مهينا سرڪاري ملازمن کي پگهارون به ملي نه سگهيون. اهو حال ڏسي برطانيا سرڪار، وزارت جو عهدو ڪڍي، رياست جي حڪومت جو انتظام هڪ ڪائونسل جي حوالي ڪيو. ان ڪري ميرصاحب جا اختيار گهٽجي ويا ۽ سندس خرچ پکي لاءِ به ماهوار وظيفو مقرر ڪيو ويو. نيٺ وڏي ڊڪ ڊوڙ کانپوءِ ٻن ٽن سالن ۾ اها ڪائونسل ختم ڪرائي، وزير ورتو ويو. ڪائونسل جي ناڪامي کانپوءِ هو صرف آئيني سربراهه رهيو ۽ حڪومت جي سڄو ڪاروهنوار انگريز وزير جي هٿ ۾ رهيو. محدود پگهار مان مير صاحب جي خرچ جو پورائو ٿي نه سگهيو ۽ هو ڏاڍو ڏکيو وقت گذارڻ لڳو. هڪ طرف عشق جو ڪاروبار، ٻئي طرف اختيارن جي ڪمي ۽ تنگدستيءَ سندس زندگي کي زهر بنائي ڇڏيو. پنهنجي غم غلط ڪرڻ لاءِ هو سارو وقت شعر و شاعري، راڳ ويراڳ ۽ شيل شڪار ۾ گذارڻ لڳو. ميرعلي نواز ”ناز“ بنياد طور تي هڪ جذباتي ۽ عاشقانه مزاج ماڻهو هو. سنڌ کان ٻاهر هندستان جي جداجدا جڳهن ۽ يورپ، ايران ۽ مصر جي مختلف شهرن جي سير سفر ڪري، فطرت جو وڏو مطالعو ڪيو هئائين. ان کانسواءِ گهر ٻار کان وڇڙي وڃڻ، ڪافي وقت جي شفقت کان محروم رهڻ ۽ عشق جي اوڙاهه ۾ اچڻ ڪري، سندس دُکي دل مان دانهون نڪرڻ لڳيون. دراصل اهي دانهون پرت جو پچارون بڻجي، سندس دلي جذبن جي ترجماني ڪرڻ لڳيون ۽ موزون لفظن جي سانچي ۾ اچي شعر بڻجي ويون. هو وڇوڙي جا ورلاپ ڪندي هڪ سٺو شاعر بڻجي ويو. غم غلط ڪرڻ لاءِ سخن جي مشق جاري رکيائين ۽ شاعريءَ ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. سندس تخلص ”ناز“ هو ۽ آغا قزلباش دهلي جو شاگرد هو . ميرصاحب جي همعصر ۽ شاعر دوستن ۾ مولوي محمد صادق راڻيپور وارو، مرزا قليچ بيگ، نواب گل محمد خان زيب جهل مگسي وارو، مخدوم الهه بخش عاصي کهڙن وارو، فقير هدايت علي نجفي، عبدالرزاق ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪي اڪثر وٽس اچي روح رچنديون ڪندا هئا. اردو شاعرن مان آغا شاعر قزلباش، مولانا سُهاءِ، حفيظ جالندهري ميرصاحب جا مداح ۽ درٻاري شاعر هئا. ميرصاحب هڪ درويش ماڻهو هو، هو مذهبي ڇڪتاڻ کان پري هوندو هو. سندس دلي تمنا هوندي هئي ته سنين ۽ شيعن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ گهرجي. ان لاءِ هن راڻيپور جي مشهور اديب ۽ عالم مولانا محمد صادق جي مدد سان هڪ اردو رسالو ”دعوت الاعتمام بدين الله الاسلام“ لکي شايع ڪرايائين ۽ ”دين الله“ نالي هڪ خدائي تحريڪ جو بنياد رکيائين. هن تحريڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هر فرقي مسلمان کي عام دعوت ڏني ويئي اها تحريڪ به شهنشاهه اڪبر جي ”دين الاهي“ وانگر ڪامياب ٿي نه سگهي ۽ ميرصاحب جي وفات کانپوءِ ختم ٿي ويئي. ميرصاحب، سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ۾ پڻ شاعري ڪئي.

مير علي نواز ناز جا ڇپيل ڪتاب[سنواريو]

ميرعلي نواز ”ناز“ جا نثر ۽ نظم ۾ ڪل 13 ڪتاب تصنيف ڪيل آهن، جيڪي هن ريت آهن. (1)خلوت عشق (2)طوفاني عشق (3)آتش عشق (4)بياض ناز (شاعري) (5)خمڪده خيام مئڪده نازڪ (عمر خيام جي پنجاهه رباعين جو منظوم ترجمو) (6)گنجينئه خرد (رباعيون جن جو فارسي ترجمو فقيرهدايت علي نجفي (تارڪ) لعلو رانوڪ واري ڪيو) (7)گلدسته ناز (اردو غزل) (8)ڪليات ناز (اردو) (9)سياحت يورپ (هي ڪتاب اردو ۽انگريزي ٻنهي زبانن ۾ يورپ جي سفر بابت آهي) (10)داستان ليلى مجنون (نثر-اردو-انگريزي) (11)خطبهءَ مدارت (12)دعوت الاعتمام بدين الله لاسلام (نثر ۾) (13)گاڊس رليجن (هي ڪتابڙو مٿين ڪتاب دعوت الاعتمام جو انگريزي ترجمو آهي) اهي سڀ ڪتاب سندس زندگي ۾ ئي شايع ٿيل آهن. مٿين ڪتابن کانسواءِ 1987ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ميرصاحب جي سنڌي، سرائيڪي ۽ چونڊ اردو ڪلام جو مجموعو ”ڪليات ناز“ پڻ ڇپرايو ويو آهي. جيڪو 213صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ميرصاحب جو ڪجهه اڻ ڇپيل ڪلام پڻ شامل اشاعت ڪيو ويو آهي. انهي ڪتاب جو مؤلف پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ آهي.

لاڏاڻو[سنواريو]

ميرعلي نواز ”ناز“ 28ڊسمبر 1935ع تي وفات ڪئي. سندس لاش کي ٻه سال امانت طور ڪوٽڏيجي جي امام بارگاهه ۾ رکيو ويو. جتان 19 فيبروري 1937ع تي ڪربلا مولا موڪليو ويو. [1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب (يوسف سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  2. ڪتاب: هڪ سئو سنڌي اديب، ليکڪ: يوسف سنڌي