مواد ڏانھن هلو

علي احمد ٽالپر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
علي احمد تالپور
15هون بچاءُ جو وزير
عهدي ۾
27 آگسٽ 1978  25 فيبروري 1985
صدرمحمد ضیا الحق
ذاتي تفصيل
ڄائوحيدرآباد، سنڌ
وفاتاپريل 1987
ٻار محمد علي ٽالپر
مير حيدر علي خان ٽالپر
مائٽمير رسول بخش ٽالپر (ڀاءُ)

مير علي احمد خان ٽالپر، 28 آگسٽ 1978 کان 26 فيبروري 1985 دوران پاڪستان جو وزير بچاءَ هو[1]. هو 31 آگسٽ 1915ع[2] تي حيدرآباد سنڌ ۾ مير نبي بخش خان ٽالپر جي گهر ”ٽنڊو مير محمود“ ۾ پيدا ٿيو[2]. پاڻ برطانوي نوآبادياتي هندستان ۽ ملڪ پاڪستان ۾ سياسي پارٽين ۾ اعليٰ عهدن تي رهيو ۽ صوبائي ۽ مرڪزي اسيمبلين جو ميمبر ۽ وزير پڻ رهيو. مير صاحب اپريل 1986ع کان علاج جي سلسلي ۾ برطانيه جي شھر لنڊن ۾ قيام پزير ھو ، اتي 5 اپريل 1987ع تي وفات ڪيائين. سندس جسد خاڪي وطن آ ندو ويو ۽ کيس 8 اپريل 1987ع تي ”ٽنڊو مير محمود“ ۾ نماز جنازه بعد مير صاحبن جي آ بائي قبرستان ”گنجو ٽڪر“ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مير صاحب جي جنازي نماز مولانا محمد علي رضوي (سابق ايم.اين.اي) پڙھائي جنھن ۾ ملڪ جي صدر، صوبائي گورنرن ، وفاقي و صوبائي وزيرن ، اعلي فوجي ۽ سول عهديدارن ۽ ملڪ جي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي.سنڌ جو سيد سائين جي.ايم سيد پڻ انھيءَ موقعي تي شريڪ ھو.


حوالا

[سنواريو]
  1. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. Retrieved 2023-06-16.
  2. 1 2 "مير علي احمد خان ٽالپر : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2023-06-16.