مير امين الدين خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مير امين الدين
حسين
ٺٽي جو مغل گورنر
1114ھ کان 1115ھ تائين
پيشرو سعيد خان
جانشين يوسف خان ترين
ريجنٽ اورنگزيب عالمگير
پورو نالو
حسين بن سيد ابوالمڪارم شهود
گهراڻو سيد
پيءُ سيد ابوالمڪارم
جنم حسين
مذھب اسلام

مير امين الدين (انگريزي: Mir Aminuddin)1114ھ کان 1115ھ تائين سعيد کان بعد ٺٽي جو صوبيدار ٿيو.[1].

تفصيلي تعارف[سنواريو]

مير امين پٽ سيد ابوالمڪارم شهود ٺٽي جي مشهور امير خاني خاندان مان هو. هو خانداني طور تي امير هجڻ سان گڏ دل جو به امير هو، سڄي زندگي عزت، شان شوڪت ۽ ٺاٺ باٺ سان گذاريائين. مير سيد علي خوش نويس جي روايت آهي ته مير امين جڏهن ٺٽي جو گورنر ٿيو ته اهو عالمگير جو آخري دؤر هو. مير صاحب پنهنجي خانداني روايت کي قائم رکندي پاڻ به وڏو عالم ۽ نالي وارو بزرگ هو. پنهنجو گهڻو وقت ذاتي ڪتب خاني ۾ صرف ڪندو هو، جيڪو اعليٰ قسم جي ڪتابن سان ڀريل هوندو هو. مير علي شير قانع ”مقالات الشعراءَ“ ۾ مير صاحب جي ساراهه ڪندي لکي ٿو ته: هر وقت عالم ۽ ڏاها ساڻس گڏ هوندا هئا جن سان سندس علمي ۽ ادبي بحث ٿيندو هو. مير صاحب کي لکڻ پڙهڻ جو به ڏاڍو شوق هوندو هو، سندس لکيل ڪتابن جي صحيح ڄاڻ ته نٿي پوي پر انهن جا ٻه ڪتاب ”رشحات الفنون“ ۽ ”معلومات الافاق“ اڄ تائين ڪتب خانن ۾ موجود آهن. رشحات الفتون ڪتاب ۾ چوڏهن علمن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي ۽ هي مطلع العلوم في مجمع العلوم ڪتاب وانگر آهي. مير صاحب اهو ڪتاب 1123ھ ۾ لکي پورو ڪيو هو ۽ ڪاتب سيد احمد بن سيد حبيب الله جي هٿن سان لکيل هڪ نسخو خدا بخش لائبريري پٽنه ۾ موجود آهي. معلومات الافاق جو موضوع وري جاگرافي آهي. چيو وڃي ٿو ته مير صاحب ٺٽي جي مشهور مير عبدالواسع جي مدرسي مان تعليم پرائي هئي. سندس علم، عرفان ۽ تصوف بابت علي شير قانع ٺٽوي مقالات الشعرا ۾ لکي ٿو ته: صوفي عالم متبحر و در طريق صوفيہ يگانہء عصر مي زيست و صاحب تصانيف غريبہ است، شرح مخزن الاسرار بستر از قاضي ابراهيم گفتہ . مير صاحب شاعر به ڪمال جو هو ۽ شاعريءَ جي فن ۾ پاڻ مڃايائين، پر افسوس جو اهو سڄو قيمتي ذخيرو زماني جي هٿان ضايع ٿي ويو، مقالات الشعراءِ ۾ ڪجهه شعر محفوظ ڪيا ويا آهن. لب تاريخ سنڌ جي ليکڪ خداداد خان مطابق هو 1127ھ ۾ ٺڍي ۾ وفات ڪري ويو ۽ مڪلي ۾ سندن مزار تي ڪجهه آيتن ۽ حديثن سان گڏ هي شعر لکيل آهي[1]:

خان باتمکين امين الدين امير،

عالي از حسن عمل درجات او، چون سفر کرد از جهان بي ثبات، سال فوتش داخل الجنات او.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي