مير ابو القاسم سلطان جي مزار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ارغون ترخان دور جي هيءَ مزار/ اڏاوت تورڪي قبرستان ۾ واقع آهي. مير ابوالقاسم جي مزار سندس والد امير شاهه قاسم خان زمان جي پھلوءَ ۾ آھي ۽ پيلي پٿر جي پڪ سرائين ٿلھي تي ٻڌل آھي. پيرانديءَ کان لکيل تعويذ تي وفات جو سن لکيل آھي. ”مير ابوالقاسم ولد مير شاهه قاسم خان بيگلار 1039ھ“. ھن صاحب ترخان دور تي ھڪ تاريخ ´بيگلار نامو‘ لکي، جيڪا انھيءَ دور بابت لاڀائتي آھي.[1]

حوالا[سنواريو]