ميان الياس ڪلھوڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ميان -الياس- پٽ ميان دائود پٽ ميان آدم شاهه ڪلهوڙو پنهنجي والد ميان دائود جي وفات کانپوءِ خاندان جو اڳواڻ بنجي ويو. ڪجهه محققن اهو ڄاڻايو آهي ته ميان -الياس-، وڏيري -جلال- ابڙي جي مدد سان زمينون وڌائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن بابت گهڻو احوال ميسر ٿي نه سگهيو آهي. هن متعلق مغل دور جو تذڪره نگار شاهنواز خان لکي ٿو ته، ”ميان -الياس- ابڙا قوم جو سردار هو ۽ آهستي آهستي ابڙا قوم تي غالب ٿي سندن زمينن تي قبضو ڪيائين.“. هن بابت ڪيترن ئي مفڪرن پنهنجا رايا ڏنا آهن. -پير علي محمد شاهه راشدي- (شڪارپور متعلق تاريخي يادداشت) لکي ٿو ته ”هن ڪيتريون ئي زمينون وري ٻيهر هٿ ڪيون، جي سندس والد جي زماني ۾ ڪلهوڙن کان ڦرجي ويون هيون ۽ مريدن جو پڻ تعداد وڌايو. هو وڏو عبادت گذار ۽ غريبن جو خير خواهه هو. کيس لاڙڪاڻي ضلعي ۾ گهاڙ واهه جي ڪپ تي دفن ڪيو ويو. تذڪره نگار شاهنواز خان جي -ان- بهتان تي سنڌ جا سڀ تاريخدان ۽ محقق خاموش آهن. ميان -الياس- جي وفات جي -تاريخ- ڪنهن به تذڪري ۾ ڄاڻايل نه آهي، ليڪن ”ڪلهوڙا دور حڪومت“ ڪتاب جو مصنف لکي ٿو ته، ”ميان -الياس- جي وفات جي -تاريخ- بابت سڀ محقق خاموش آهن، ليڪن همعصر مواد جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته هن 1035ھ مطابق 1625ع ۾ وفات ڪئي“ ۽ سندس مدفن بابت ”خدا يار خاني ميان سرفراز خان عباسي“ جو مصنف ميرزا عباس علي بيگ لکي ٿو ته، ”ميان -الياس- -بن- دائود -بن- آدم شاهه جي قبر لاڙڪاڻي ۽ هٽڙيءَ جي وچ تي ديري ڳوٺ ۾ سندس مقبرو موجود آهي، جنهن جي -تصوير- تاريخي ڪلهوڙا دور (جلد پهرئين) جي ٻئي ڇاپي (1996ع) ۾ ڏنل آهي، جيڪو ڪتاب -ثقافت- ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران ڇپايو ويو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]