موگرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


مگرو
Arabian jasmine
تيونس جو مگرو
مگري جا مختلف مرحلا
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): جيسمينيم
جنس: Template:Taxonomy/جيسمينيم{. سيمبيڪ
حياتياتي نالو
جيسمينيم سيمبيڪ
(ايل.) آئٽن

موگرو يا مگرو:(انگريزي: Jasminum sambac ) هي ياسمين جي ذات جو وڏو ۽ ڀريل گل آهي. هن کي به عربي ياسمين چوندا آهن. هن جا گل اڇي گلاب جي گل جهڙا ٿيندا آهن. هن جا هار پوئي ماڻهو ڳچيءَ ۾ وجهندا آهن. منجهن موچاري خوشبوءِ ٿيندي آهي. عربي ياسمين جا ٽي قسم آهن: هڪڙو هلڪن ۽ يڪن پنن وارا گل ڪري ٿو. اهو ٻوڙي جيڏو آهي، ٻه اڍائي فوٽ مس وڏو ٿو ٿئي. هن جا پن اڪثر ڪينئن کاڌل يا سڙيل رهندا آهن. هن کي هندستاني ماڻهو بيل چوندا آهن، يا جنهن کي موتيو چون ٿا. ٻيو قسم انهيءَ کان وڏيرڙا گل ڪندو آهي، جنهن کي انگريز ماڻهو ڊبل گلن واري عربي ياسمين چوندا آهن. ٽيون وري اڃا به وڏا گل ڪندو آهي، جنهن کي موگرو چون ٿا ۽ انگريزي ماڻهو انهيءَ کي وڏن ڊبل گلن واري عربي ياسمين جو نالو ڏين ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو