موٽي ملندڙ راءِ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

موٽي ملندڙ راءِ، ڄاڻ يا آفيڊ بئڪ (Feedback) سُڌ سماءُ واري نظريئي سان لاڳاپيل هڪ اصطلاح آهي، جيڪو ڪنهن به اداري کي مليل انگن اکرن، ڳَرُ (Data) ۽ ان جي ڀرپاسي جي ماحول کي ڊيگهه ويڪر واري تناظر ۾ پڌرو ڪري ٿو. اهڙي نموني حاصل ٿيندڙ ڄاڻ ذريعي ڪو به ادارو يا شخص لاڳاپيل مقصد تائين پهچي، لاڳو صورتحال بابت اُن ۾ ڪنهن امڪاني تبديلي يا ڪنهن خاص رويئي جي ڪري هاڪاري يا ناڪاري اثرن تائين پهچي سگهي ٿو. مشهور سياسي دانشور ڪارل ڊوئش پنهنجي ڪتاب The Nerves of Government ذريعي هن تصور تي تفصيلي روشني وڌي آهي. فيڊ بئڪ ٻن قسمن جي ٿيندي آهي 1. جڏهن ڪا خاص معلومات يا ڄاڻ هڪ ڌُر ٻي ڌُر تائين پهچائي 2. جڏهن ڪيل ڪنهن به عمل جي نتيجي ۾ ڪو رد عمل بابت ڄاڻ ملي. جديد دور ۾ رياستي توڙي غيررياستي سطح تي پاليسيون ٺاهڻ دوران ڄاڻ جي مٽاسٽا ۾ فيڊ بئڪ جو عمل تمام وڏي اهميت رکي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]