مواد ڏانھن هلو

مولوي محمد معاذ پيرزادو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
محمد معاذ پيرزادو
مولوي
سياسي ڪارڪن
ذاتي تفصيل
پيدائش 1896
ڳوٺ قطاد شاھ تعلقو سڪرنڊ
سياسي جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس

مولوي محمد معاذ پيرزادو(انگريزي: Maulvi Muhammad Muaz Pirzado) سن 1896ع ڌاري قطاد شاھ ڳوٺ، تعلقي سڪرنڊ ۾، هڪ علمي گهراڻي ۾ ڄائو هو. هن جو والد هارپ جو ڌنڌو ڪندڙ ۽ مسڪين هو. هن کي ستن سالن جي عمر ۾ ڳوٺ جي آخوند واليڏني وٽ قرآن شريف پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. ڏهن سالن جي عمر ۾، هن کي ڳوٺ پير جهنڊي ۾ مدرسه دارالارشاد ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. ان وقت مولانا عبيد الله سنڌي اتي رهندو هو. هن ابتدائي سنڌي ۽ فارسي پڙهڻ بعد عربي پڙهڻ شروع ڪئي. اصل سندس نالو محمد پناهه هو، جو مولانا سنڌي صاحب، هن جي والد جي اجازت سان بدلائي محمد معاذ رکيو. ان کانپوءِ هو انهيءَ نالي سڏبو اچي. جناب پير صاحب جهنڊي وارو، ميان رشد الله شاهه صاحب، هن تي خاص مهربان هوندو هو. هـُـن، 1913ع تائين، عربيءَ جي درس نظاميءَ جي تعليم اُتي پوري ڪري ورتي[1]. سنه 1914ع جي ابتدا ۾ معاذ صاحب دهليءَ ويو. اتي مدرسه طبيه، مسيح الملڪ حڪيم اجمل خان ۾ داخلا ورتائين. اتي ٻه مهينا رهڻ بعد هن ميرٺ ۾ وڃي مولوي عبدالمؤمن، داماد شيخ الهند مولانا محمود الحسن، وٽ حديث جا ڪتاب پڙهيا. اتان هـُـو لکنؤ ويو، جتي تڪميل الطب ڪاليج جهوانئي ٽولا ۾ وري طبي تعليم لاءِ پڙهڻ ويٺو، ۽ اُتي طبي ڪورس عربيءَ ۾ سنه 1917ع ڌاري پورو ڪري، سند ورتائين. اتان اپريل 1917ع ۾ سنڌ واپس اچي نوابشاهه ۾ دواخانو کوليائين. 1919ع ۾ جڏهين خلافت هلچل شروع ٿي، ته هن ان ۾ بهرو ورتو. هندو مسلم اتحاد ان وقت زور تي هو. ٿوري وقت کانپوءِ،سنه 1924ع ڌاري، جڏهن خلافت هلچل ترڪن جي خلافت ختم ڪرڻ ڪري جهڪي ٿي، ته هن جا تعلقات ڪانگريس سان رهڻ لڳا- جهڙيءَ طرح جمعيت العلماءَ هند جي ٻين عالمن جا هئا. هن سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ ۾ حصو ورتو هو. سنه 1937ع ۾ چونڊن وقت هن شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب جي آزاد پارٽيءَ جو ساٿ ڏنو.[1]. سنه 1939ع ۾ نوابشاهه جي شهر کي ميونسپالٽي ملي، جنهن ۾ سورهن ميمبر چونڊجڻا هئا، جن ۾ يارهن هندن ۽ پنجن مسلمانن لاءِ جايون مقرر ٿيل هيون. ان ۾ مولوي محمد معاذ صاحب ڪانگريس طرفان اُميدوار بيٺو. چونڊ کان هڪ رات اڳ شهر جي چونڪ ۾ هڪ جلسو ٿيو، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ حاجي عبدالله هارون مسلم ليگ اُميدوارن لاءِ تقريرون ڪيون. هن جي لاءِ مولوي محمد عثمان ۽ محمد امين کوسو پڻ ورڪ ڪرڻ لاءِ آيا هئا. ان چونڊ ۾، باوجود سخت مخالفت جي، هي ڪامياب ٿيو. ان کانپوءِ به ڪيترو ئي عرصو هي ميونسپالٽيءَ تي چونڊبو آيو. سنه 1947ع ۾ جڏهين مسلم ليگ ۽ ڪانگريس فيصلو ڪري پاڪستان ۽ ڀارت جي نالي سان ملڪ جو ورهاڱو ڪيو، ۽ مسلم قوم پرست ڪارڪنن لاءِ سياسي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ واسطي ماحول نه رهيو، ته هن سياست ۾ بهرو وٺڻ ڇڏي ڏنو. ان کانپوءِ هو هاري تحريڪ ۾ غريب هارين کي بهبوديءَ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو. اڳتي هلي، جڏهين "متحده محاذ" قائم ٿيو ته ان ۾ به هو شريڪ ٿيو ۽ پوءِ ان کي نئشنل عوامي پارٽيءَ ۾ تبديل ڪرڻ بعد به ان ۾ ساڳيءَ طرح حصو وٺندو آيو. سنه 1951ع ۾ کيس سيفٽي ائڪٽ هيٺ کهڙي وزارت پهرين حيدرآباد پوءِ سکر جيل ۾ موڪليو، جتان 2 آگسٽ تي آزاد ڪيو ويو.[1].

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 1.2 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005