مواد ڏانھن هلو

مولانا غلام حسين ڪلھوڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مولوي غلام حسين لاڙڪاڻي جي مکيه عالمن ۾، مولوي غلام حسين ولد مولانا محمد يوسف ڪلهوڙي جو نالو وڏي اهميت رکي ٿو. ابتدا ۾ قرآن پاڪ ناظرن، پنهنجي والد بزرگوار وٽ پڙهيو. اُن کان پوءِ 1305ھ (1887ع) ۾ چار درجا سنڌي پاس ڪري، ديني تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪيائين. سال 1332ھ (1913ع) ۾ فارغ التحصيل ٿي. ڳوٺ وليد (تعلقو لاڙڪاڻو) ۾ پاڙهڻ لڳو. مولوي صاحب مڪسين طبيعت، سنجيده ۽ نهايت ئي سادگي پسند هو. اڪثر سندس تــَنَ تي سفيد پهرياڻ ۽ نير ٻـُڏل گوڏ ڏٺم. ڪنن کان گهٻرو هو. صوم صلوات جو پابند ۽ عبادت گذار هو. ڪيترائي شاگرد هيس، جن مان ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو جو نالو نمايان آهي. مطالعي جو وڏو شغف هوس، هميشــہ کيس ڪڇ ۾ ڪتاب ڏسڻ ۾ آيو. اِهو پڻ چوڻ ۾ اچي ٿو، ته پاڻ ”درس نظامي“ جا سمورا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا هئائين، جيڪي سڀ قلمي صورت ۾ آهين. وڏيءَ محنت سان چئن زبانن، (عربي، فارسي، سنڌي ۽ اُردو) ۾ لغت به تيار ڪئي هئائين. وٽس وڏو ڪتبخانو هو، جيڪو سندس وفات (جمعي جي رات، 15 رمضان المبارڪ 1388ھ، مطابق 1968ع) بعد پوين جي حوالي ٿيو. هينئر هن ڪتبخاني جو وارث سندس پوٽو محمد صالح عرف بشير احمد آهي. سندس اهل خانه باخبر آهن. جيڪي هن علمي سرمايي کي سنڀالينديون اچن ٿيون. مصر مان به ڪافي ڪتاب گهرايا هئائين. ڪافي ناياب قلمي ڪتاب وٽس محفوظ هئا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ