مولانا حاجي محمد ھالائي
مولانا حاجي محمد هالائي، مولانا مولوي حاجي محمد مرحوم هالائي ابن آخوند محمد اسماعيل ابن آخوند دين محمد، ساڪن هالا پراڻا ضلعو حيدرآباد، تاريخ 27 رمضان المبارڪ 1276ھ ۾ تولد ٿيا. شروعات کان ئي کين تحصيل علم جو گهڻو شوق هو. چنانچه صرف و نحو جا ڪتاب مرحوم مولانا مولوي خليفي حاجي عبداللطيف صاحب ساڪن هالا نوان کان پڙهي، پاٽ ضلعي دادو ۾ مرحوم مولانا مولوي حسن الله صاحب پاٽائي جن وٽ وڃي ڪجهه وقت پڙهيائون. ان کان پوءِ حيدرآباد سنڌ ۾ اچي، مرحوم مولانا مولوي محمد حسن صاحب ڪنڊي وارن وٽ جملي درسي ڪتاب نصاب مطابق پڙهي فارغ ٿيا، ۽ اتي ئي پنهنجي مشفق استاد جي ارشاد موجب 2-3 سال درس ڏيندا رهيا. ان بعد پنهنجي وطن اچي درس و تدريس جو سلسلو جاري ڪيائون.
مولانا حاجي محمد صاحب مرحوم ربيع الاول 1309ھ ۾ حج بيت الله جو سفر اختيار ڪيو، ۽ اتي مسلسل 12 مهينا قيام ڪيو. انهيءَ عرصي ۾ مولانا عبدالحق صاحب الله آبادي مهاجر کان اوّليات احاديث پڙهي، حديث، فقہ جي باقاعدي سند ۽ اجازت ورتائون، ۽ پوءِ پنهنجي وطن واپس اچي ديني خدمات ۽ تدريس علم ۾ مصروف رهيا. مولانا مرحوم جو مدرسہء محمديه اڄ تائين موجود آهي، جنهن مان هزارين طالب فيضياب ٿي ويا اهن ۽ ٿيندا پيا وڃن.
مولانا مرحوم جي طبع جلالي ۽ بيپرواهه هوندي هئي. پاڻ وقت جا مسلّم عالم ۽ مفتي هئا. علاوه ازين حديث، فقہ ۽ علم تصوف جا به نڪته دان ۽ نڪته سنج هئا. مثنوي مولانا روم رحه ۽ مڪتوبات امام ربّاني تي کين گهڻو عبور حاصل هو. وقت بوقت تصوف جي باريڪ نڪتن ۽ رموز تي حضرت مولانا و هادينا مرحوم خواجه حافظ محمد حسن صاحب سرهندي مجددي دامت برڪاتهم جن سان سندن بحث مباحثا ۽ خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي. اهڙيءَ طرح سان مسائل فقہ ۾ به حضرت علامه مولانا عبدالغفور صاحب همايوني جن سان سندن نوشت و خواند بطور مباحثه رهندي هئي. پاڻ پهرين حضرت مولانا شيخ ولي محمد بن شيخ محمد اسحاق ساڪن ملاڪاتيار جا مريد ٿيا هئا، مگر انهن جي وفات بعد وري حضرت خواجه آقا مولانا حاجي عبدالرحمان سرهندي مجددي ٽکڙائي جن جي بيعت ڪيائون. مولانا مرحوم نقشبندي طريقي جا هئا. پاڻ پرهيزگار، تهجدگذار، شب خيز ۽ بي ريا عالم هئا. ڪنهن به صاحب ثروت ۽ مالدار جي پاس خاطري نه ڪندا هئا ۽ هميشہ توڪل علي الله رهي پنهنجو وقت گذاري ويا. مولانا مرحوم جي وفات 4 ربيع الثاني 1336ھ ه فالج جي عارضي ۾ ٿي. سندن مزار هالا پراڻا ۾ مرجع خلائق آهي.مولانا حاجي محمد مرحوم پنهنجون ڳچ تصنيفون ڇڏي ويو آهي، جن مان هيٺ ڄاڻايل ڪافي مشهور آهن:
- الفتاويٰ المحمديه في احڪام الاحمديه (عربي ٻه جلد)
- فتاويٰ احمديه (سنڌي)
- خلاصته الاثار المحمديه والاخبار الاحمديه (عربي)
- حقوق الزوجين (سنڌي)
- شرح ماءة احاديث (سنڌي)
- مسائل اربعين في سنة سيد المرسلين
- رموز الفرقان (سنڌي)
- المسائل الخمسة في دفع توهمات الشيعہ (سنڌي)
- تمام العناية ترجمہ بداية الهداية (سنڌي)
- رساله در امور طبعيہ
- حل الترڪيب منطق (عربي)
- رودايه (عربي و سنڌي)
- قصه بيبي بلقيس (سنڌي)
- ڪشف الجان (سنڌي)
- خلاصة الاصول
- عشرين مسائل فارسي
- رموز الفرقان (سنڌي)
- فيض الصمد ترجمہ ”ايها الولد“ (سنڌي)
- رساله در معرفت نبض و قاروره، وغيره.
مولانا مرحوم جي همعصرن ۾ هيٺين بزرگن جا اسماء گرامي قابل ذڪر آهن:
- علامه مولانا عبدالغفور صاحب همايوني عليہ الرحمة
- مولانا مولوي حاجي لعل محمد صاحب ماتلوي
- مولانا مولوي عبدالرزاق صاحب بوبڪائي
- مولانا مفتي محمد سعدالله صاحب خيرپوري
- مولانا عبدالرزاق صاحب بختيارپوري
- مولانا غلام محمد صاحب ملڪاڻي
- مولانا قاضي سيد اسدالله شاهه صاحب ٽکڙائي ۽
- مولانا قاضي علي محمد صاحب هالائي، وغيره.
مولانا مولوي حاجي محمد صاحب مرحوم جي چند نامياري شاگردن جا نالا هي آهن:
- مولوي عبدالرحمان صاحب سمّوي ساڪن نصرپور
- مولوي جان محمد بختيارپوري
- مولوي حڪيم قاضي معين الدين هالائي
- مولوي خليفه حافظ حاجي محمد هالائي
- مولوي ميان احمد مرحوم هالائي ۽
- حڪيم مولوي ميان عبدالله هالائي، وغيره.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ مولوي محمد هالائي--مولانا حاجي محمد هالائي رسالو:مهراڻ سوانح نمبر 1990 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ