مولانا الله بخش عباسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مولانا الله بخش عباسي تعلقي ڏوڪريءَ ۾، ڳوٺ ”اسحاق کوهارو“، ڪسابن کان مشهور آهي. منجهس ڪلهوڙن پاران چانڊڪي پرڳڻي جي نائب، ميان شاه بهاري جهنجهڻ (1665ع - 1736ع) ڪيترن ئي ڪلهوڙن عالمن کي اچي رهايو، ۽ کين گذر سفر لاءِ زمينون به مفت ڏنائين . وقت جي عالمن، هن ڳوٺ ۾ ديني درسگاه قائم ڪيو، جنهن مان ڪيترائي طالب فارغ التحصيل ٿي نڪتا. سال 1284ھ (1867ع) ۾ مولوي الله بخش عباسي، هن مدرسي جي سرپرستي سنڀالي. کيس عربي ۽ فارسيءَ تي دسترس حاصل هئي. تــَرَ جي ماڻهن ۾ باعزت ليکيو ويندو هو. وٽس هڪ مختصر لائبريري هئي، جنهن ۾ ٽي - چار سؤ قلمي ۽ ڇاپي ڪتاب موجود هئا، جيڪي سندس وفات 1327ھ (1909ع) بعد پٽهس مولانا ثناءُ الله ”ثنائي (1895ع - 1977ع) جي ملڪيت بڻيا. مولانا ثنائي، پيءُ جي ڪتبخاني ۾ وڏو واڌارو ڪيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ