موسوي شريعت

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

ڪتابِ پيدائش ۾ لکيل آهي ته جڏهن فلسطين ۾ ڏڪر پيو ۽ ماڻهو بک مرڻ لڳا، تڏهن حضرت يعقوب پنهنجن يارهن پٽن ۽ انهن جي اولاد کي ساڻ وٺي مصر هليو ويو. اتي سندس ننڍو (ٻارهون) پُٽ يوسف فرعون جو وزير هو. يوسف پنهنجن گهر ڀاتين جي ڏاڍي آجيان ڪئي. اهي ڪل 66 هئا. فرعون جي موڪل وٺي انهن کي جشن جي علائقي ۾ آباد ڪيو ۽ رعمسين جو علائقو، جيڪو سڀ کان وڌيڪ زرخيز علائقو هو، کين جاگير ڪري ڏنو، جڏهن ته يعقوب جي اولاد جو اباڻو ڌنڌو جانور پالڻ هو. هوري هوري انهن جو نسل وڌڻ لڳو ۽ هو ٻارهنِ قبيلن ۾ ورهائجي ويا. هي قبيلا حضرت يعقوبؑ (اسرائيل) جي ٻارهنِ پٽن جو اولاد هئا.

بني اسرائيل (اسرائيل جو اولاد) مصر (Egypt) ۾ 430 سال رهيا پر هنن مصرين جي مذهب، رسمن، رواجن ۽ تهذيب کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ۽ پنهنجي اباڻي مذهب، قومي روايتن ۽ ريتن رسمن جي سختيءَ سان پابندي ڪندا هئا. هو رڍون، ٻڪريون چاريندا يا ٻني ٻارو ڪندا هئا ۽ مصرين کان ڌار پنهنجين وستين ۾ رهندا هئا، پر ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن انهن جي آبادي وڌي لکن تائين پهچي وئي ۽ فرعون جي ڏنل زمين انهن جو پيٽ ڀري نه سگهي، ته هو شهرن ۾ محنت مزوري ڪرڻ تي مجبور ٿيا. هو پٿر ٽوڙيندا، سرون ٺاهيندا ۽ کاڻين ۾ ڪم ڪندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح ڏينهن جي ماني حاصل ڪندا هئا. ٻئي طرف مصري حڪومت جو رويو اهو نه رهيو هو، ڇو ته يوسف کي گذاري زمانو ٿي ويو هو ۽ مصر جا ماڻهو بني اسرائيل جي قومي انفراديت ۽ قبيلائي ٻڌيءَ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا هئا تنهنڪري پوءِ فرعون ۽ ان جي سردارن بني اسرائيل تي سختيون شروع ڪري ڏنيون.

تڏهن بني اسرائيل (Israel) جو نجات ڏياريندڙ حضرت موسىؑ (Moses) پيدا ٿيو. هن پنهنجي قوم کي مصر ۾ رهائش ختم ڪري، اباڻي وطن فلسطين موٽي هلڻ تي راضي ڪيو، ڇو ته ”فلسطين ۾ ماکيءَ ۽ کير جون نديون وهنديون آهن ۽ خداوند يهودا وعدو ڪيو آهي ته توهان کي فلسطين ۾ حڪمراني عطا ڪندو.“ بني اسرائيل حضرت موسى جي ڳالهه مڃي، پنهنجا خيما، ديرا، رڍون، ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا ميڙيا ۽ ”ڳوٿل اٽي ۾ خمير وجهڻ کان سواءِ ڪڻڪ سميت ڪپڙن ۾ ٻڌي پنهنجن ڪلهن تي رکيو ۽ مصرين کان سونَ ۽ چاندي جا زيور ۽ ڪپڙا به گهري ورتا“ ۽ فلسطين روانا ٿي ويا. ان وقت انهن جي ڳڻپ ڇهن لکن جي ويجهو هئي. پر تحقيق ڪندڙن جو اندازو آهي ته هو لڳ ڀڳ چاليهه هزار هئا. هي واقعو ٻارهين صدي ق.م جو آهي. بني اسرائيل جي قبائلي زندگي اهڙي ئي هئي جهڙي رڍون ۽ ٻڪريون پاليندڙ ڌنارن جي پراڻي زماني ۾ هوندي هئي. هر قبيلو هڪ سماجي ۽ اقتصادي وحدت هوندو هو. قبيلي جو بزرگ ۽ ذهين مرد قبيلي جو سردار هوندو هو. قبيلي جي هر فرد تي قبيلي جي قائدن ۽ ضابطن جي پابندي لازمي هئي. ان جي موٽ ۾ قبيلو پنهنجي هر فرد جي جان ۽ مال جي حفاظت جو ذميدار هوندو هو. هنن جا جانور سڄي قبيلي يا گهراڻي جي گڏيل ملڪيت هوندا هئا ۽ انهن تي هر ماڻهوءَ جو هڪ جيترو حق هوندو هو.

بني اسرائيل مصر کان فلسطين تائين سفر 40 سالن ۾ پورو ڪيو. ان سفر ۾ هنن کي سُڪن ۽ سُڃن برپٽن ۽ سڙندڙ ۽ تپندڙ وارياسن علائقن مان لنگهڻو پيو، جتي منزلن جي مسافريءَ تائين نه ڇانوَ ميسر هئي، نه ساوڪ ۽ نه پاڻي. نيٺ هو تنگ ٿي چوڻ لڳا ته هن آزاديءَ کان ته فرعون جي غلامي سٺي هئي، جنهن ۾ کين ٻن ويلن جي ماني ته ملي پوندي هئي، هن برپٽ بيابان ۾ بکيو اڃيو مرڻ کان وڌيڪ سٺو هو ته مصر ۾ ئي جهڙي تهڙي زندگي گذارين ها. تڏهن خداوند انهن لاءِ آسمان مان مَن ۽ صلوا لاٿي ۽ ”موسى هنن کي چيو ته هيءُ اهو رزق آهي جيڪو خداوند توهان کي کائڻ لاءِ ڏنو آهي. خداوند جو اهو حڪم آهي ته توهان ان کي پنهنجي پنهنجي کاڌي جي مقدار جيترو يعني پنهنجن ماڻهن جي ڳڻپ موجب هڪ ماڻهوءَ تي هڪ اومر گڏ ڪجو ۽ هر ماڻهو ايترن ماڻهن لاءِ گڏ ڪري جيترا هن جي ديري ۾ هجن ۽ بني اسرائيل جيستائين آباد ملڪن ۾ نه آيا يعني چاليهن سالن تائين من کائيندا رهيا.“ (خروج ب-16)

هن واقعي جو ڌيان طلب پاسو قبائلي برابريءَ جو اهو اصول آهي، جنهن مطابق موسى خداوندي نعمت کي ورهايو. هي رزق بني اسرائيل جي محنت جو ثمر نه هو، پر انهن کي مفت مليو هو، پوءِ به ماڻهن کي اها موڪل نه ڏني وئي ته جيترو وڻين اوترو کڻن. هو رڳو پنهنجي ديري وارن لاءِ گڏ ڪري پئي سگهيا ۽ اهو به هڪ ماڻهوءَ تي هڪ مقرر مقدار ۾، ۽ جنهن لالچ ۾ اچي پنهنجي روزاني ضرورت کان وڌيڪ کنيو ان جي ذخيري ۾ ڪينئان پئجي ويا. (خروج ب-16)

مطلب ته بني اسرائيل جو هي قافلو من ۽ صلوا سان پيٽ ڀريندو ۽ چاليهن منزلن تي ترسندو، نيٺ اچي اردن نديءَ جي ڪناري تي پهتو جنهن موآب جي ميدانن ۾ تنبو کوڙيا. ڪنعان جي دعوى ڪيل زمين اردن جي هُن پار هئي. ”۽ خداوند موسى کي چيو ته بني اسرائيلن کي چئه ته جڏهن توهان اردن پار ڪري ڪنعان ملڪ ۾ داخل ٿيو ته ان ملڪ تي قبضو ڪري ان ۾ رهجو، ڇو ته مون اهو ملڪ توهان کي ڏنو آهي، ته جيئن توهان ان جا مالڪ ٿيو ۽ توهان ڪڻا وجهي ان ملڪ کي پنهنجن گهراڻن ۾ ميراث طور ورهائجو. جنهن خاندان ۾ وڌيڪ ماڻهو هجن، ان خاندان کي وڌيڪ ۽ جنهن ۾ ٿورا هجن ان کي ٿوري ميراث ڏجو ۽ جنهن ماڻهوءَ جو ڪُڻو جنهن جڳهه لاءِ نڪري، اهو حصو ان کي ملي. توهان پنهنجن اباڻن قبيلن مطابق پنهنجي ميراث وٺجو.“

هن ٽڪري مان خبر پوي ٿي ته بني اسرائيل ان دؤر مان گذري چڪا هئا، جڏهن زمين سڄي قبيلي جي گڏيل ملڪيت هوندي هئي. اهو به ممڪن آهي ته انهن تي شايد اهو دؤر ڪڏهن به نه آيو هجي، ڇو ته انهن جو اباڻو ڌنڌو ٻني ٻاري ڪرڻ نه، پر چوپايو پالڻ هو، پر جڏهن مصر ۾ هنن کي آباد ڪرڻ لاءِ زمين ملي هئي، ته هنن مصرين جي قائدي موجب گهراڻن ۾ ورهائي ڇڏي. موسوي شريعت ان اصول کي قبول ڪيو، پر قبائلي انصاف ۽ برابريءَ جي گهر هئي ته جنهن گهراڻي ۾ ماڻهو گهڻا هجن انهن کي وڌيڪ ۽ جنهن گهراڻي ۾ ماڻهو گهٽ هجن انهن کي نسبتن گهٽ زمين ڏني وڃي. مطلب ته زمين جي هيءَ ورهاست ڪُڻا وجهي ڪئي وڃي ته جيئن ڪنهن به گهراڻي کي شڪايت جو موقعو نه ملي. حضرت موسى بني اسرائيل جي بزرگن ۽ سردارن کي ”گڏجاڻيءَ واري خيمي“ ۾ گڏ ڪيو ۽ شريعت جا حڪم انهن کي ڏاڍي تفصيل سان سمجهايا ۽ چيو ته ڏسو، خبردار، شريعت جي حڪمن ۽ تلقينن کان ڪڏهن به پاسو نه ڪجو، بني اسرائيل جي واحد خدا يهوداه کان سواءِ ڪنهن بُت، ڪنهن ديوتا، ڪنهن خدا جي عبادت نه ڪجو، پنهنجي پيداوار مان هر سال خيرات ڏجو، بيواهن ۽ يتيمن جي خبرچار ڪجو، هر ستن سالن کان پوءِ پنهنجي قرضدار کان ڇوٽڪارو حاصل ڪجو، مفلسن جي گهرج پوري ڪجو ۽ انهن کي فراخدليءَ سان قرض ڏجو، پاڙيسرين جي مال تي لالچي نظر نه وجهجو، جيڪڏهن ڪو عبراني مرد يا عورت قرض جي بدلي توهان وٽ وڪامي ۽ ڇهن سالن تائين توهان جي خدمت ڪري، ته ستين سال ان کي آزاد ڪجو، پر ان کي خالي هٿ وڃڻ نه ڏجو، پنهنجن ڳوٺن ۾ انهن ماڻهن کي قاضي ۽ حاڪم مقرر ڪجو جيڪي سچائيءَ سان انصاف ڪري سگهن، انصاف جو خون نه ڪجو، نه ڪنهن سان ڇڏڇوٽ ڪجو ۽ نه ئي رشوت وٺجو، توهان پنهنجن ڀائرن مان ئي جيڪڏهن ڪنهن کي چاهيو ته بادشاهه به بڻائي سگهو ٿا، پر اهو پنهنجي لاءِ گهڻا گهوڙا نه رکي ۽ گهڻيون زالون نه رکي ۽ نه پنهنجي لاءِ سونَ ۽ چانديءَ جو ذخيرو ڪري، پر شريعت ۽ دستور جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪرڻ سکي. ڪنهن اسرائيليءَ کي وياج تي قرض نه ڏجو، پنهنجن نوڪرن تي ظلم نه ڪجو ۽ سج لهڻ کان اڳ مزدور جو اجورو ادا ڪجو. [1] [2] [3]

حوالا[سنواريو]

  1. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=272
  2. ڪتاب: مـوسـى کان مارڪس تائين، ليکڪ: سبطِ حسن / ترجمو: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ رياضت ٻرڙو
  3. Book: From Moses to Marx, written by Sabit Hasan