منگوسٽين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

منگوسٽين
منگوسٽين جي ٻوٽي، گل ۽ ميوي جو ھڪ مثالي خاڪو
منگوسٽين جي ميوي جا نمونا
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): گارسينيا
جنس: Template:Taxonomy/گارسينيا{. مينگوسٽانا
حياتياتي نالو
گارسينيا مينگوسٽانا
ڪارل لينيوئس

منگوسٽيِن (انگريزي: Mangosteen ) هي موچاري قد واري صوف جهڙو ميوو آهي، جو اصل مِلي ٻيٽن ۾ ٿيندو آهي. نهايت لذيذ ۽ خوشبودار ميوو آهي، خاص جڏهن وڻ مان تازو پٽي کائبو آهي. کَلَ لسي ۽ ڏاڍي ٿي ٿئيس. وچ سارو ڳر سان ڀريو پيو اٿس، جا نرم ۽ سفيد ٿئي ٿي. هن جو وڻ هندستان ۾ اڪثر گهٽ آهي. جتي رکيل آهن اتي به اڪثر ڦر نه ٿا ڏين. ٽَڪرن تي ڪين ٿيندو آهي. گُوٽي هڻڻ سان هنن جو تعداد وڌائيندا آهن، جو پيوند ڪرڻ جو هڪڙو رستو آهي، جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي. هن وڻ جو هڪڙو قسم ڏکڻ هندستان ۾ ٿيندو آهي. سهڻيءَ شڪل جو وڻ ٿو ٿئي، پن تمام چڱا ۽ گهاٽا اٿس. ان جو ميوو جون ۾ پچي ٿو ۽ قد ۾ ننڍڙي نارنگيءَ جيڏو ٿئي ٿو. ٻاهران ڪُنڊون ڪنڊون اٿس. کائڻ ۾ البت کٽو آهي. مربو تمام چڱو ٿيندو اٿس.

هن ۾ تندن ۽ تارن سان ڀريل هڪڙو ککڙو رهي ٿو، جو ٻج وانگي پوکڻ ۾ اچي ٿو. ککڙي جي ڪري هي ميوو جيڪر ٻئي فصل ۾ آڻيون ها، پر جڏهن هي ڳر جي ڪري مشهور آهي؛ تڏهن هتي ڏنو اٿئون.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو