منيپال يونيورسٽي, جئيپور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
منيپال يونيورسٽي, جئيپور
انگريزي ۾ چونڊيل چوڻي
Inspired By Life
قسم Private
سرگرم 2011
چانسلر رامداس پائي
وائيس چانسلر جي ڪي پرڀو (GK Prabhu)
پتو جئيپور ، راجستان ، انڊيا
ڪيمپس شھري علائقي وارو
لاڳاپا يو جي سي , AIU , COA , BCI ، AICTE
ويب سائيٽ jaipur.manipal.edu


منيپال يونيورسٽي، جئيپور(انگريزي: Manipal University Jaipur ) انڊيا جي رياست راجستان جي شھر جئيپور جي ھڪ يونيورسٽي جتي مردن ۽ عورتن لاء رھائش جي سھولت سان گڏيل تعليم فراھم ڪئي وڃي ٿي. اھا منيپال گلوبل ايجوڪيشن سروس جي قائم ڪيل پنجين يونيورسٽي آهي جتي قانون، انجنيئرنگ، مينيجمينٽ، صحت، ڊزائين ۽ ٻين انيڪ موضوعن جي تعليم ڏني وڃي ٿي. منيپال گلوبل ايسوسيئيشن جي ادارن ۾ 59 ملڪن جا ٽي لک کان وڌيڪ شاگرد تعليم پرائي چڪا آهن. ان گروپ پاران قائم ڪيل ٻين ادارن جا نالا آهن: منيپال اڪيڊمي آف ھاير ايجوڪيشن، ڪرناٽڪا، سڪم منيپال يونيورسٽي، سڪم، آمريڪن يونيورسٽي آف اينٽيگوا (ڪيريبين وارا ٻيٽ) ۽ منيپال انٽرنيشنل يونيورسٽي، ملائيشيا.

ھي يونيورسٽي جئيپور ۾ 2011 ۾ راجستان حڪومت جي دعوت تي شروع ٿي جيڪا رياست جي معياري تعليم ڏيندڙ پرائيويٽ يونيورسٽي آهي. راجستان سرڪار پاران جئيپور شھر ٻاھران ديھمي ڪالان نالي ڳوٺ لڳ 122 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي جتي يونيورسٽي جو مستقل ڪيمپس تعمير ڪيو ويو[1].

حوالا[سنواريو]

  1. [URL |http://jaipur.manipal.edu/] يونيورسٽي جي ويب سائيٽ