منونيٽ
مِنونيٽ مگنونيٽ، جنهن کي هندستاني مالهي منونيٽ ڪري سڏيندا آهن، سو هڪڙو خوشبودار اوڀڙ آهي. هن جو ٻج آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي. ٻج اصلي انهيءَ زمين ۾ پوکجي جتي ٻوٽو بيهارڻو هجي، جو چڪي ڪڍڻ يا ٽپائڻ مان هن کي نقصان رسندو آهي. ڪهڙيءَ به زمين يا مٽيءَ ۾ ٿي سگهي ٿو. بعضي باغن ۾ پنهنجي ڇاڻيل ٻج مان ٻئي سال پاڻهئي نڪرندو آهي. هي گلن جا وڏا جُهمٽ ڪندو آهي. هي گهڻن ئي قسمن جو ٿيندو آهي. ڪن جا گل اڇا ٿيندا آهن ۽ ڪن جا ڳُوڙها ڳاڙها. جي ڀانئجي ته هن ٻوڙي کي وڏيرڙو وڻ ڪجي ته ڪچيءَ کان رڳو وچ وارو ٿڙ سنڀاليندو اچجيس ۽ ٻيون پاسي واريون ٽاريون وڍيندو وڃجيس. جيسين وچين ڪاٺي مضبوط نه ٿئيس، تيسين ٻور ڪرڻ ۽ گل جهلڻ نه ڏجيس.[1] منونيٽ لاءِ وارياسي مٽي يا زمين چڱي آهي، مگر ڀاڻ وارو پاڻي هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو ڏيندو وڃجيس. انگلينڊ ۾ ته هن کي ٻن سالن ۾ وڌائي، ٽي فوٽ ڊگهو ۽ ٻه ٽي فوٽ ويڪرو به ڪندا آهن. هتي شايد رڳو ٽَڪرن تي اهڙو ٿي سگهندو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو