منور ارباب ھالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

منور ارباب هالو، هالا ۾ 1940ع ۾ حاجي عبدالنبي ارباب جي گهر ۾ ڄائو، جنهن کي ڳوٺ ۾ محمد پريل هالو چوندا هئا. هُن ايم. جي گورنمينٽ اسڪول نيو هالا مان فرسٽ ڊويزن ۾ ميٽرڪ ڪئي. ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. ايس. سي ۽ آءِ بي اي مان 1966ع ۾ ايم. بي. اي ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جي شروعات بينڪر طور ڪئي ۽ ڪيترن ئي اهم عهدن تي رهندي 2000ع ۾ رٽائر ڪيائين. ملازمت دوران پاڻ مختلف ملڪن مان بينڪنگ جا ڪورس ڪيائين، آئرلينڊ ان کانسواءِ هو سئيزرلينڊ ۾ پاڪ سئيس ڪلچرل ايسوسيئيشن جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ پاڪ سئيس چيمبر آف ڪامرس زيورخ سئيزرلينڊ جو ڊائريڪٽر به رهيو آهي. رٽائرمينٽ کانپوءِ هيٺيان ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيائين.

  1. Spiritualism in the Poetry of Shah Abdul Latif Bhittai.
  2. Understanding Concepts of Commercial Banking.
  3. Hala & Hallas in Historical Perspective.

شاھ عبداللطيف جي شاعريءَ جو ترجمو جيڪو شاهه لطيف چيئر 2005ع ۾ ڇاپيو. ھو سماجي ڀلائيءَ جي تنظيمن جو پڻ سرگرم ڪارڪن رهيو آهي، جن ۾ سگا، سنڌي اسپيڪنگ فورم ۽ سنڌ سرونٽس سوسائٽي شامل آهن. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.

حوالا[سنواريو]