منظر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

منظر (Scene) ڊرامي جي هر هڪ ايڪٽ ۾ هڪ يا وڌيڪ منظر ٿي سگهن ٿا. يوناني ڊراما مسلسل هڪ مڪمل ايڪي طور ڪيا ويندا هئا، جن ۾ وچ وچ ۾ ڪورس ۾ ڪجهه چيو ويندو هو. سمجهيو وڃي ٿو تہ هوريس اهو پهريون ماڻهو هو جنهن پنجن ايڪٽن واري ڊرامي تي زور ڏنو. نئين سجاڳيءَ واري دور ۾ ڪنهن مرحلي تي فرينچ ڊرامي نگارن انهيءَ کي عام اصول بڻائي ڇڏيو. شيڪسپيئر (1564ع-1616ع) ۽ سندس همعصرن جي ڊرامن ۾ فطري وٿيون آهن، جن کي ايڪٽن واري ورهاست چئي سگهجي ٿو. انگلنڊ ۾ بن جانسن پنجن ايڪٽن واري ڊرامي جو بنياد وڌو. ان کان پوءِ ايڪٽن کي ڌار ڌار ڏيکارڻ لاءِ پردي ڪيرائڻ جو رواج پيو. ابسن (1906ع-1828ع) ايڪٽن کي گهٽائي چار ڪيو. چيخوف (1904ع-1860ع) جهڙن ڊراما نگارن بہ چار ايڪٽ رکيا، پر ويهين صديءَ جي ابتدائي سالن ۾ ٽن ايڪٽن جي ڊرامن کي ترجيح ملڻ لڳي، ٻن ايڪٽن وارا ڊراما بہ لکبا هئا ۽ هڪ ائڪٽ وارا (One act Plays) عام طور لکيا ويا آهن. جديد دور ۾ ايڪٽ ڪيترا بہ هجن، پردو صرف انٽرويل ۽ آخر ۾ ڪيرايو ويندو آهي. جديد ڊراما منظرن جي تسلسل سان پيش ڪيا ويندا آهن.ادب جو هڪ مضبوط ڪردار بي سمجهي سگهجي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.