منتخب الغات شاھجھاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

منتخب اللغات شاهجھاني سيد عبدالرشيد ٺٽوي (وفات: 71 – 1670ع) جو شمار هندستان جي چند مشهور عالمن ۾ ٿئي ٿو. سيد عبدالرشيد ٺٽوي پنهنجي لکيل ٻن لغتن جي ڪري گهڻو مشهور ۽ مقبول آهي. سندس پھرئين لغت ”منتخب اللغات شاهجھاني“ روزمره جي زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ عربي لفظن جي فارسي ترجمي تي مشتمل ۽ هندستان ۾ ”رشيدي عربي“ جي نالي سان مشهور آهي. انگريز فهرست نگار بلاخمن (Blochman) هن لغت جي باري ۾ لکي ٿو تي سيد عبدالرشيد ٺٽويءَ هيءَ لغت 37 – 1636ع/10466ھ ۾ مڪمل ڪئي ۽ ببادشاھ شاهجھان ڏانهن منسوب ڪئي. آخر ۾ مصنف هن لغت جي مڪمل ٿيڻ جي ماده تاريخ هيٺئين فقري مان ڪڍي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ناسف علي شيراز [قسط-1]سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي؛ رسالو: مھراڻ 2004ع (اونھارو) ايڊيٽر: امداد حسيني جلد: 2، ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ