ممتاز حسين پٺاڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ جو جنم 1927ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو.

خاندان[سنواريو]

هن جا وڏا افغانستان جي شهر قنڌار جا رهاڪو هئا، جتي سندس والد عبدالرحمان جو جنم 1901ع ۾ ٿيو، هن جو واسطو سدوزئي قبيلي سان هو، جيڪي اڄ به افغانستان ۾ رهن ٿا.

تعليم[سنواريو]

ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ ننڍپڻ ۾ ئي يتيم ٿي ويو، پر هو همت ۽ حوصلو رکندڙ هو، هن مختلف قسمن جي نوڪرين ڪرڻ سان گڏ پنهنجي تعليم کي جاري رکيو ۽ هميشه سٺن نمبرن ۾ امتحان پاس ڪندو رهيو، 1944ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. سال 1951ع ۾ بيچلر آف آرٽس (B.A) ۽ 1953ع ۾ قانون جي ڊگري (L.L.B) حاصل ڪيائين، سال 1954ع ۾ هن اسلامي تاريخ ۾ ماسٽرس جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي، جنهن ۾ هن سڄي يونيورسٽيءَ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي. ان ريت هن 1962ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين، سندس هن جي انگريزي مقالي جو عنوان ”المنصوره واري عرب حڪومت“ (Arab Kingdom of Al-mansurah) هو، جيڪو سنڌالاجي پاران 1974ع ۾ ڪتابي شڪل ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.

ملازمتون[سنواريو]

هن شروعات ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان مختيارڪاريءَ جو امتحان پاس ڪري سنڌ حڪومت جي روينيو شعبي ۾ ڪم ڪيو، سال 1954ع ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي جي صلاح سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جتي هُن پڙهائڻ سان گڏ تحقيقي مقالا لکڻ جو ڪم به جاري رکيو، اتي ترقي ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ”اسلامي تاريخ واري شعبي“ جي چيئرمئن واري عهدي تي پهتو، 1963ع ڌاري يونيورسٽيءَ جي نوڪري ڇڏي ڪجهه عرصو اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ تاريخ جو پروفيسر ٿي رهيو، ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، وائيس چانسلر، سنڌ يونيورسٽي کيس تحقيق جي مقصد لاءِ ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ ۾ مناسب عهدو ڏنو، پر هن انهيءَ نوڪري کي به ڪجهه وقت کان پوءِ ڇڏي ڏنو ۽ وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو.

تحقيقي ڪاوشون[سنواريو]

هن سنڌي ادبي بورڊ جي ”تاريخ اسڪيم“ هيٺ ڪافي ڪتاب لکيا، جن مان رڳو ”تاريخ سنڌ، عرب دور“ ڪتاب انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جڏهن ته هن جا ڪتاب ”تاريخ سنڌ - سومرا دور“ (History of Sindh-Soomra Period) ۽ ”تاريخ سنڌ - ٽالپر دور“ (History of Sindh-Talpur Period) مسودن جي شڪل ۾ ٽيهارو سالن کان ادبي بورڊ وٽ ڇپائيءَ جي انتظار ۾ موجود آهن. هن مشهور انگريزي ڪتاب Dry Leaves from Young Egypt جو ترجمو ”نئين مصر جا پراڻا ورق“ عنوان سان محمد حنيف صديقيءَ سان گڏجي ڪيو، ان کان سوا سندس لکيل سوين تحقيقي مقالا مهراڻ، نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيل موجود آهن.

وفات[سنواريو]

سنڌ جي تاريخ تي گهڻي دسترس رکندڙ هن عالم 14 سيپٽمبر 1993ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي، کيس حيدرآباد جي ’شاهه مڪي‘ قبرستان لڳ ڪچي قلعي ۾ دفن ڪيو ويو. [1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011