مواد ڏانھن هلو

ملير ميندي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مَلير ميندي:(انگريزي: Malir Meendi plant) هي ٻوٽو ڏهرن جي سنئين ۽ سخت زمين ۾ ٿيندو آهي. اُن جي ڏانڊي سنهي ۽ پن سنها تکا ۽ ڊگهيرا ٿيندا آهن. اڇا گل ڪندو آهي، جن ۾ ٻاجهريءَ جي داڻي جيڏو ڦل ٿيندو آهي مثانه ۽ گرميءَ جي بيماريءَ جي حالت ۾ گهوٽي پيارڻ سان فائدو ٿيندو آهي. پُسائي رکڻ سان پاڻي مينديءَ جي رنگ جهڙو ڳاڙهو ٿي پوندو آهي، تنهنڪري مٿس اهو نالو پيو آهي. ٻڪريون، رڍون، ڇيلا ۽ اُٺ کائيندا آهن[1].


حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو