ملائيشيا جي مردم نگاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ملائيشيا (انگريزي ٻولي: Malaysia) ۾ ٽي قومون رهن ٿيون: ملئي، چيني ۽ انڊين. اندين ۾ جيتوڻيڪ ننڍي کنڊ جا سڀ ماڻهو اچي وڃن ٿا پر انهن ۾ سڀ کان گهڻا ڏکڻ هندستان جا تامل آهن. هي اتر انڊيا جي دهلوي، لکنوي، گجراتين، بهارين ۽ پاڪستان جي پنجابين، سنڌين، پٺاڻ کا رنگ ۾ وڌيڪ ڪارا ۽ جسم ۾ ڏٻرا آهن. ڏکڻ هندوستان ملائيشيا جي ويجهو آهي، ان ڪري جن ڏينهن ۾ اچ وڃ تي پابندي نه هئي ته ڏکڻ هندوستان جا ماڻهو روزگار توڙي واپار وڙي لاءِ هن پاسي گهڻو آيا. ٻيو ته انگريزن جي ڏينهن ۾ ملائيشيا ۾ رٻڙ جي پوک جو ڪم وڌڻ ويجهڻ ڪري، انهن ماڻهن جي ضرورت پيئي، جيڪي گرميءَ توڙي جهڙ مينهن ۾ جهنگل ۾ رهي ڪم ڪري سگهن. ان لاءِ ڏکڻ هندوستان جي آبهوا توڙي کيت فصل ساڳيا ملائيشيا جهڙا آهن. مزوريءَ خاطر ملائيشيا ۾ انگريزن جي حڪومت دوران چين کان چيني به جام آيا جيڪي خاص ڪري هتي جي ٽين (Tin) جي کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ آيا. پر پوءِ آهستي آهستي ٻين واپار وڙن تي به ڇائنجي ويا. هن وقت ملائيشيا جا چيني گهڻو سکيا ستابا آهن. انڊين ۾ هندو سنڌي، پنجابي سک ۽ پنجابي مسلمان، گجراتي پڻ چڱا مڇيءَ مانيءَ وارا ۽ امير آهن پر تامل ناڊو ۽ ڪيرالا پاسي جا ڏکڻ هندوستاني اڃان تائين غريب آهن.[1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-25 
  2. ڪتاب: ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، ليکڪ: الطاف شيخ