ملائيشيا جو حڪومتي نظام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ملائيشيا جو حڪومتي نظام:

ملائيشيا، تيرهن رياستن جي هڪ جهڳٽي يا گلدستي جو نالو آهي, جنهن مان ٻه رياستون: صباح ۽ سرواڪ ته بلڪل پري بورنيو ٻيٽ جي اتر ۾ آهن جن مان هڪ اوڀر ملائيشيا ۽ ٻيو اولهه ملائيشيا (Peninsular Malaysia) جيڪو ٿائلنڊ سان مليل آهي، ان ۾ يارهن رياستون آهن: جوهور، پهانگ، ملاڪا، نگري سمبيلان، سلانگر، پيراق، پرلس، پينانگ، ڪيلنتان ۽ ٽرنگانو.

انهن رياستن مان ملاڪا ۽ پينانگ کي ڇڏي باقي سڀني رياستن جو پنهنجو پنهنجو والي (سلطان) آهي. 1895ع تائين ته هر رياست ڌار ڌار هئي، اها ٻي ڳالهه آهي ته سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح سڀني مٿان هلندي انگريز جي هئي جو هندوستان، سلون، برما، هنگ ڪانگ وانگر هي ملايا وارو علائقو، بورنيو ٻيٽ، سنگاپور وغيره جو اصلي حاڪم انگريز ٿي چڪو هو.

1895ع ۾ انهن مان چئن رياستن:پيراق، سلانگر، پهانگ ۽ نگري سيمبيلا گڏجي هڪ ڪانفيڊريشن ٺاهي جيئن اڳتي هلي فيڊرل حڪومت لاءِ رستو هموار ٿي سگهي. پر هن معاهدي کان سواءِ ڪو ٻيو اهڙو وچ جو قانون (ليجسليچر) نه ٺاهيو ويو، جيڪو چئني گڏ ٿيندڙ رياستن جو نظام هلائي سگهي. هر رياست کي قانون ٺاهڻ يا هلائڻ لاءِ پنهنجي رياستي قانون موجب هلڻو پيو ٿئي. تان جو 1909ع ۾ پارلياماني بنياد تي سينٽرل ليجسليچر سان گڏ فيڊرل ڪائونسل ٺاهي ويئي. فيڊرل ڪائونسل تيرهن کنيل (ناميٽيڊ) ميمبرن جي اسيمبلي هئي، جنهن ۾ چار ته رياستن جا والي (سلطان) ٿي ويا، چار انگريز ريزيڊينٽ ۽ هڪ ريزيڊينٽ جنرل ۽ چار غير سرڪاري ماڻهو ميمبر ٿيندا هئا. جن کي تن ڏينهن جو هاءِ ڪمشنر سر فرئنڪ سويٽنهام مقرر ڪندو هو.

ارڙهن سالن کان پوءِ 1927ع ۾، فيڊرل ڪائونسل ۾ ڪجهه تبديليون آنديون ويون، جن موجب رياستن جي سلطانن کي ڪڍي انهن جي جاءِ تي چار غير سرڪاري ميمبر رکيا ويا. ان کان پوءِ به وقت بوقت ميمبرن جي تعداد ۽ نوعيت ۾ تبديليون اينديون رهيون. پر ڪائونسل جا ميمبر نامينيشن ذريعي چونڊيا ويندا هئا. اهو سلسلو ٻي وڏي لڙائيءَ جي شروعات (ڊسمبر 1941ع) تائين رهيو.

1948ع ۾ انگريزن جي ائڊوائيزري ڪائونسل بدران فيڊرل ليجسليٽوَ ڪائونسل کي وجود ۾ آندي وئي. جنهن مطابق يارهن ئي رياستن (ملاڪا ۽ پينانگ سميت) مان ميمبر کنيا ويا ۽ کين مختلف ڪم (Portfolios) سوپيا ويا. هن ڪائونسل ۾ ٽن حصن مان ٻه حصا سرڪاري ميمبرن جا رکيا ويا.

اهڙي طرح هتي جي عوام ۾ آهستي آهستي سڄاڳي ايندي ويئي. 1955ع ۾ پهرين پارليماني اليڪشن ٿي، جنهن ۾ اٺانوي ميمبر چونڊيا ويا. تنڪو عبدالرحمان پهريون چيف منسٽر ٿيو ۽ 1956ع کان هن ملايا جي آزاديءَ مهم هلائي ۽ 31 آگسٽ 1957ع تي ملايا آزاد ٿيڻ جو اعلان ڪيو. تنڪو عبدالرحمان آزاد ملايا جو پهريون پرائيم منسٽر ٿيو. نگري سيمبيلان جو سلطان سڄي ملايا جو هيد آف اسٽيٽ “راجا” چونڊيو ويو. سندس نالو پڻ عبدالرحمان هو.

1959ع جي جنرل اليڪشن بعد بائڪئميرل پارليامينٽ ٺاهي ويئي. بادشاه (راجا) کي ملڪ جو وڏو مڃيو ويو ۽ ميمبرن جا ٻه هائوس (ديوان) ٺاهيا ويا. ديوان رعيت (House of representatives) ۽ ديوان نگارا (سينيٽ). 1982ع کان ڇهين پارليامينٽ هلي رهي آهي. پرائيم منسٽر امنو (Umno) پارٽيءَ جو محمد مهاتر آهي ۽ ملڪ جو وڏو يعني بادشاهه جوهور رياست جو سلطان آهي. (هن کان اڳ پهانگ رياست جو سلطان، سڄي ملڪ جو راجا هو.) پنجن سالن لاءِ واري وٽيءَ تي هر هڪ رياست جو سلطان سڄي ملڪ جو والي/ بادشاهه Yang di Pertuan Agong ٿيندو آهي. هو وزير اعليٰ ۽ ڪئبينيٽ جي صلاح مصلحت سان ڪم ڪندو آهي. فيڊرل ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن مقرري پڻ ڪندو آهي.

ديوان رعيت ( ميمبرن جي اسيمبلي) ۾ 154 ميمبر ٿين. جن مان 114 اولهه ملائيشيا مان چونڊيا ويندا آهن ۽ چاليهه اوڀر ملائيشيا مان (چوويهه سراواڪ مان ۽ سورهن صباح مان). اسيمبليءَ جو مدو پنجن سالن جو ٿئي. ديوان نگارا (سينيٽ) ۾ اٺونجاهه ميمبر ٿين جن مان ڇويهه چونڊيا ويندا آهن ۽ ٻٽيهه ائين ئي کنيا ويندا آهن. [1] [2]

  1. ڪتاب: ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، ليکڪ: الطاف شيخ
  2. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر