مواد ڏانھن هلو

ملائيشيا جون رياستون ۽ وفاقي علائقا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ملائيشيا جون رياستون ۽ وفاقي علائقا ملائيشيا جي پرنسپل انتظامي تقسیم آهن. ملائيشيا 13 رياستن (Negeri) ۽ 3 وفاقي علائقا (Wilayah Persekutwan) جو وفاق آهي. انهن مان ٻه رياستون؛ صباح ۽ سرواڪ ته بلڪل پري بورنيو ٻيٽ جي اتر ۾ آهن جن مان هڪ اوڀر ملائيشيا ۽ ٻيو اولهه ملائيشيا (Peninsular Malaysia) جيڪو ٿائلنڊ سان مليل آهي.

رياستون ۽ وفاقي علائقا[سنواريو]

يارهن رياستون ۽ ٻه وفاقي علائقا جزیري نما ملائيشيا تي واقع آهن، جن کي مجموعي طور تي جزیري نما ملائيشيا (Semenanjung Malaysia) يا اولھہ ملائيشيا سڏيو وڃي ٿو. ٻه رياستون بورنيو جي ٻيٽ تي آهن، ۽ باقي وفاقي علائقو بورنيو جي آف شور ٻيٽن تي مشتمل آهي؛ انهن کي مجموعي طور تي ايسٽ ملائيشيا يا ملائيشيا بورنيو سڏيو ويندو آهي. ملائيشيا جي 13 رياستن مان 9 بادشاهتون آهن.

رياستون[سنواريو]

جھنڊو نشان ریاست گاديء جو ھند سڀ کان وڏو شهر شاهي راڄڌاني آبادي[1] ايراضي (اسڪوائر ڪلوميٽر)[2] لائسنس پليٽ علائقي جو ڪوڊ مخفف ISO HDI[3] علائقو رياست جو سربراهه حڪومت جو سربراهه
Flag of Johor
Coat of arms of Johor
جوهور جوهور بارو موار 3,794,000 19,166 J 07, 06 (موار ۽ تانگوڪ) JHR MY-01 0.825 ٻيٽ ملائيشيا سلطان منتري بيسار
Flag of Kedah
Coat of arms of Kedah
ڪيداہ الور سيٽار سُنگائي پيٽاني انيڪ بکيٽ 2,194,100 9,492 K 04 KDH MY-02 0.808 ٻيٽ ملائيشيا سلطان منتري بيسار
Flag of Kelantan
Coat of arms of Kelantan
ڪيلانٽان ڪوٽا ڀارو ڪبانگ ڪيريان 1,928,800 15,040 D 09 KTN MY-03 0.779 ٻيٽ ملائيشيا سلطان منتري بيسار
Flag of Malacca
Coat of arms of Malacca
ملاڪا ملاڪا شهر 937,500 1,712 M 06 MLK MY-04 0.835 ٻيٽ ملائيشيا يانگ دي پرتوا نیگري (گورنر) وزيراعلي
Flag of Negeri Sembilan
Coat of arms of Negeri Sembilan
سمبيلان نگري سمبيلان

سيرمبان

سري میناتی 1,129,100 6,658 N 06 NSN MY-05 0.829 ٻيٽ ملائيشيا يانگ دي پرتوان بيسار

(عظيم حڪمران)

منتري بيسار
Flag of Pahang
Coat of arms of Pahang
پهانگ ڪوانٽان پیڪان 1,684,600 35,965 C 09, 03 (Genting Highlands), 05 (Cameron) PHG MY-06 0.804 ٻيٽ ملائيشيا سلطان منتري بيسار
Flag of Penang
Coat of arms of Penang
پينانگ جارج ٽائون سيبیرانگ پيرائي 1,774,400 1,049 P 04 PNG MY-07 0.845 ٻيٽ ملائيشيا يانگ دي پرتوا نیگري (گورنر) وزيراعلي
Flag of Perak
Coat of arms of Perak
پیراڪ اپوہ ڪوالا ڪانگسار 2,508,900 21,146 A 05 PRK MY-08 0.816 ٻيٽ ملائيشيا سلطان منتري بيسار
Flag of Perlis
Coat of arms of Perlis
پرلس ڪنگار آراءُ 255,400 819 R 04 PLS MY-09 0.805 ٻيٽ ملائيشيا راجا منتري بيسار
Flag of Sabah
Coat of arms of Sabah
صباح ڪوٽا ڪینابالو 3,833,000 73,621 S 087–089 SBH MY-12 0.710 اوڀر ملائيشيا يانگ دي پرتوا نیگري (گورنر) وزيراعلي
Flag of Sarawak
Coat of arms of Sarawak
سارواڪ ڪچنگ

پريميئر

2,822,200 124,450 Q 081–086 SWK MY-13 0.745 اوڀر ملائيشيا يانگ دي پرتوا نیگري (گورنر)00 پريميئر
Flag of Selangor
Coat of arms of Selangor
سيلانگور شاهه عالم پيٽالنگ جايا ڪلانگ 6,555,400 7,951 B 03 SGR MY-10 0.863 ٻيٽ ملائيشيا سلطان منتري بيسار
Flag of Terengganu
Coat of arms of Terengganu
تیرينگانو ڪوالا ٽيرينگانو 1,275,100 12,958 T 09 TRG MY-11 0.800 ٻيٽ ملائيشيا سلطان منتري بيسار

وفاقي علائقا[سنواريو]

جھنڊو نشان وفاقي علایقو گاديء جو ھند آبادي[4] ايراضي

(چورس ڪلوميٽر) [5]

لائسنس پليٽ علائقي جو ڪوڊ مخفف آئي ایس او ایچ ڊي آئي [6] علایقو رياست جو سربراهه حڪومت جو سربراهه
Flag of Kuala Lumpur
Seal of Kuala Lumpur
ڪوالالمپور 1,746,600 243 W / V 03 KUL MY-14 0.867 ملائيشيا جزیري نما يانگ دي پرتوان اگونگ ميئر
Flag of Labuan
Seal of Labuan
لوبان وڪٽوريا 100,100 92 L 087 LBN MY-15 0.784 اوڀر ملائيشيا لوبان ڪارپوريشن جو صدر
Flag of Putrajaya
Seal of Putrajaya
پتراجايا 116,100 49 F 03 PJY MY-16 0.877 ملائيشيا جزیري نما پتراجايا ڪارپوريشن جو صدر

گورننس[سنواريو]

انهن رياستن مان ملاڪا ۽ پينانگ کي ڇڏي باقي سڀني رياستن جو پنهنجو پنهنجو والي (سلطان) آهي.

1959ع جي جنرل اليڪشن بعد بائڪئميرل پارليامينٽ ٺاهي ويئي. بادشاه (راجا) کي ملڪ جو وڏو مڃيو ويو ۽ ميمبرن جا ٻه هائوس (ديوان) ٺاهيا ويا. ديوان رعيت (House of representatives) ۽ ديوان نگارا (سينيٽ). 1982ع کان ڇهين پارليامينٽ هلي رهي آهي. پرائيم منسٽر امنو (Umno) پارٽيءَ جو محمد مهاتر آهي ۽ ملڪ جو وڏو يعني بادشاهه جوهور رياست جو سلطان آهي. (هن کان اڳ پهانگ رياست جو سلطان، سڄي ملڪ جو راجا هو.) پنجن سالن لاءِ واري وٽيءَ تي هر هڪ رياست جو سلطان سڄي ملڪ جو والي/ بادشاهه Yang di Pertuan Agong ٿيندو آهي. هو وزير اعليٰ ۽ ڪئبينيٽ جي صلاح مصلحت سان ڪم ڪندو آهي. فيڊرل ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن مقرري پڻ ڪندو آهي.

ديوان رعيت ( ميمبرن جي اسيمبلي) ۾ 154 ميمبر ٿين. جن مان 114 اولهه ملائيشيا مان چونڊيا ويندا آهن ۽ چاليهه اوڀر ملائيشيا مان (چوويهه سراواڪ مان ۽ سورهن صباح مان). اسيمبليءَ جو مدو پنجن سالن جو ٿئي. ديوان نگارا (سينيٽ) ۾ اٺونجاهه ميمبر ٿين جن مان ڇويهه چونڊيا ويندا آهن ۽ ٻٽيهه ائين ئي کنيا ويندا آهن. [7] [8]

تاریخ[سنواريو]

سال 1895ع تائين ته هر رياست ڌار ڌار هئي، اها ٻي ڳالهه آهي ته سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح سڀني مٿان هلندي انگريز جي هئي جو هندوستان، سلون، برما، هنگ ڪانگ وانگر هي ملايا وارو علائقو، بورنيو ٻيٽ، سنگاپور وغيره جو اصلي حاڪم انگريز ٿي چڪو هو.

سال 1895ع ۾ انهن مان چئن رياستن:پيراق، سلانگر، پهانگ ۽ نگري سيمبيلا گڏجي هڪ ڪانفيڊريشن ٺاهي جيئن اڳتي هلي فيڊرل حڪومت لاءِ رستو هموار ٿي سگهي. پر هن معاهدي کان سواءِ ڪو ٻيو اهڙو وچ جو قانون (ليجسليچر) نه ٺاهيو ويو، جيڪو چئني گڏ ٿيندڙ رياستن جو نظام هلائي سگهي. هر رياست کي قانون ٺاهڻ يا هلائڻ لاءِ پنهنجي رياستي قانون موجب هلڻو پيو ٿئي. تان جو 1909ع ۾ پارلياماني بنياد تي سينٽرل ليجسليچر سان گڏ فيڊرل ڪائونسل ٺاهي ويئي. فيڊرل ڪائونسل تيرهن کنيل (ناميٽيڊ) ميمبرن جي اسيمبلي هئي، جنهن ۾ چار ته رياستن جا والي (سلطان) ٿي ويا، چار انگريز ريزيڊينٽ ۽ هڪ ريزيڊينٽ جنرل ۽ چار غير سرڪاري ماڻهو ميمبر ٿيندا هئا. جن کي تن ڏينهن جو هاءِ ڪمشنر سر فرئنڪ سويٽنهام مقرر ڪندو هو.

ارڙهن سالن کان پوءِ 1927ع ۾، فيڊرل ڪائونسل ۾ ڪجهه تبديليون آنديون ويون، جن موجب رياستن جي سلطانن کي ڪڍي انهن جي جاءِ تي چار غير سرڪاري ميمبر رکيا ويا. ان کان پوءِ به وقت بوقت ميمبرن جي تعداد ۽ نوعيت ۾ تبديليون اينديون رهيون. پر ڪائونسل جا ميمبر نامينيشن ذريعي چونڊيا ويندا هئا. اهو سلسلو ٻي وڏي لڙائيءَ جي شروعات (ڊسمبر 1941ع) تائين رهيو.

1948ع ۾ انگريزن جي ائڊوائيزري ڪائونسل بدران فيڊرل ليجسليٽوَ ڪائونسل کي وجود ۾ آندي وئي. جنهن مطابق يارهن ئي رياستن (ملاڪا ۽ پينانگ سميت) مان ميمبر کنيا ويا ۽ کين مختلف ڪم (Portfolios) سوپيا ويا. هن ڪائونسل ۾ ٽن حصن مان ٻه حصا سرڪاري ميمبرن جا رکيا ويا.

اهڙي طرح هتي جي عوام ۾ آهستي آهستي سڄاڳي ايندي ويئي. 1955ع ۾ پهرين پارليماني اليڪشن ٿي، جنهن ۾ اٺانوي ميمبر چونڊيا ويا. تنڪو عبدالرحمان پهريون چيف منسٽر ٿيو ۽ 1956ع کان هن ملايا جي آزاديءَ مهم هلائي ۽ 31 آگسٽ 1957ع تي ملايا آزاد ٿيڻ جو اعلان ڪيو. تنڪو عبدالرحمان آزاد ملايا جو پهريون پرائيم منسٽر ٿيو. نگري سيمبيلان جو سلطان سڄي ملايا جو هيد آف اسٽيٽ “راجا” چونڊيو ويو. سندس نالو پڻ عبدالرحمان هو.

صباح ۽ سراواک[سنواريو]

سنگاپور ۽ برونائي[سنواريو]

پڻ ڏسو[سنواريو]

خارجي لنڪس[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Population of States from Ministry of Statistics". Ministry of Statistics of Malaysia. حاصل ڪيل 11 August 2021. 
  2. "Laporan Kiraan Permulaan 2010". Jabatan Perangkaan Malaysia. صفحو. 27. وقت 27 December 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 24 January 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. "Subnational Human Development Index (2.1) [Malaysia]". Global Data Lab of Institute for Management Research, Radboud University. حاصل ڪيل 1 November 2020. 
  4. "Population of States from Ministry of Statistics". Ministry of Statistics of Malaysia. حاصل ڪيل 11 August 2021. 
  5. "Laporan Kiraan Permulaan 2010". Jabatan Perangkaan Malaysia. صفحو. 27. وقت 27 December 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 24 January 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  6. "Subnational Human Development Index (2.1) [Malaysia]". Global Data Lab of Institute for Management Research, Radboud University. حاصل ڪيل 1 November 2020. 
  7. ڪتاب: ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، ليکڪ: الطاف شيخ
  8. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-07-30