مواد ڏانھن هلو

مفتي محمد رحيم سڪندري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

استاذالعلماء شيخ الحديث علامه مفتي محمد رحيم سڪندري

[سنواريو]

مفتي محمد رحيم سڪندري (3 جنوري 1941ع – 14 آڪٽوبر 2025ع) پاڪستان جو ھڪ ناميارو عالِمِ دين، مفسرِ قرآن، شيخ الحديث، فقيه ۽ مدرّس هو. پاڻ جامعہ راشديه پير جو ڳوٺ جي مھتمم ۽ درگاہ شریف جی جامعہ مسجد جا امام و خطیب جی طور تی سڃاتا ويندا هئا.

مفتي صاحب اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصو علم ۽ عمل، درس و تدريس، تصنيف ۽ اُمت جي اصلاح ۾ گذاريو. علمي دنيا ۾ کيس سندن علمي ۽ روحاني عظمت سبب "استاذُ العلماء" (عالمن جو اُستاد)، "عمدۃُ الصلحاء" (صالحن جو سردار) ۽ "رئيسُ الفقهاء" (فقيهن جو رئيس) جهڙن اعزازي لقبن سان ياد ڪيو ويندو آهي.

مفتي محمد رحيم سڪندري قرآن ۽ سنت جي تبليغ، ديني علمن (علومِ شرعيه) جي تدريس، ديني مدرسن جي قيام ۽ معاشري جي اصلاح لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. سندن حديث ۽ تفسير جو درس پنهنجي منفرد اندازِ بيان، گهري سمجهه ۽ معنيٰ ۾ ربط جي ڪري مشهور هئا. هزارين شاگردن سندن درگاهه تان علم حاصل ڪيو، جيڪي اڄ ڏينهن تائين ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ ديني ۽ تعليمي خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن.

سندن شخصيت ۾ هڪ ئي وقت عالمِ رباني، باعمل صوفي، مخلص معلم ۽ شفيق مربي جون خوبيون گڏ هيون. دين سان گهري وابستگي، اخلاص، عاجزي، سادي زندگي ۽ بهترين اخلاق سندن سڃاڻپ هئي. پاڻ سڄي حياتيءَ کي دين جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ آخري ڏينهن تائين درس و تدريس ۽ ارشاد و تبليغ ۾ مشغول رهيا.

ولادت ۽ خانداني پس منظر

[سنواريو]

حضرت استاذ العلماء، شيخ الحديث علامه مفتي محمد رحيم سڪندري جو پيءُ جو نالو محمد ڄام کوسو هو. پاڻ 3 جنوري 1941ع، مطابق 5 ذوالحج 1359ھ، جمعي جي ڏينهن، سکر جي ويجهو ڳوٺ قادرپور بيلو ۾ جنم ورتو.

بعد ۾ درياهه جي وهڪرن سبب سندن خاندان اُتان لڏي، تعلقو ٺل جي ڳوٺ مير محمد کوسو ۾ اچي رهيو.

ابتدائي تعليم ۽ غير معمولي صلاحيتون

[سنواريو]

علامه صاحب قرآن پاڪ جي ناظره تعليم پنهنجي مامون فقير محمد کوسو کان حاصل ڪئي.

پاڻ ننڍي هوندي کان ئي فطري ذهانت ۽ غير معمولي يادگيريءَ جا مالڪ هئا. سندن معمول هو ته روزانو استاد جي پڙهايل سبق کان به اڳتي جو سبق ياد ڪري ايندا هئا. اڃا حافظِ قرآن نه هئڻ باوجود، سندن يادگيري جو عالم اهو هو جو رمضان المبارڪ ۾ تراويح جي نماز ۾ امام کي ڀل ٿيڻ جي صورت ۾ لقمو ڏيندا هئا.

جامعه راشديه سان وابستگي ۽ فراغت

[سنواريو]

سن 1952ع ۾، سندن والده ماجده (جن جو شمار صالحه ۽ تهجدگذار عورتن ۾ ٿيندو هو) جي خواهش تي، سندن ڀائرن نور محمد کوسو ۽ قادر بخش کوسو کين پير جو ڳوٺ جي عظيم علمي مرڪز جامعه راشديه درگاهه شريف ۾ تعليم لاءِ داخل ڪرايو.

جامعه ۾ پاڻ پنهنجي فطري ذوق، بي پناهه محنت ۽ سچائيءَ سان نه رڳو تعليم ۾ نمايان ٿيا، پر 1961ع ۾ درس نظامي جي تعليم مڪمل ڪري فراغت حاصل ڪيائون. پاڻ انهيءَ ٽئين بيچ جا شاگرد هئا، جن جامعہ راشديه مان پڙهائي پوري ڪري ديني علوم ۾ فاضل ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

اعليٰ تعليم ۽ جديد علم ۾ برتري

[سنواريو]

مفتي صاحب نه رڳو ديني تعليم ۾ ممتاز رهيا، پر عصري (جديد) علمن ۾ به اڳڀرا هئا، جن جا تفصيل هي آهن:

  • 1960ع: سنڌ يونيورسٽي مان فاضلِ عربي جي سند پهرين پوزيشن سان حاصل ڪيائون.
  • 1984ع: تنظيم المدارس اهل سنت مان شهادة العالمية (جيڪا ايم. اي جي برابر آهي) حاصل ڪيائون.
  • 2002ع: بغداد يونيورسٽي، عراق مان عربي ريفريشر ڪورس ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيو

اساتذہ ڪرام

[سنواريو]

سندن علمي پرورش سنڌ جي نامور عالمن جي صحبت ۾ ٿي، جن ۾ هي بزرگ شامل آهن:

مفتي اعظمِ پاڪستان حضرت علامه مفتي محمد صاحبداد خان نورالله مرقده

  حضرت علامه مولانا محمد صالح مهر عليه الرحمہ

  حضرت علامه مفتي تقدس علي خان بريلوي عليه الرحمہ

  حضرت علامه سيد حسين امام اختر عليه الرحمہ

  علامه ڪريم بخش دايو عليه الرحمہ

  علامه عبدالصمد ميتلو عليه الرحمہ

  علامه مخدوم امير احمد عليه الرحمہ (جن کان فتويٰ جو مروج طريقو سکيا)

قرآن مجيد جو حفظ: جڏهن پاڻ نوابشاهه ۾ جامع مسجد علامه محمد هاشم انصاري جا خطيب هئا، تڏهن هڪ بدعقيده حافظ کي تراويح لاءِ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پاڻ ان کي ھٽائي ۽ فقط  ستاويهن ڏينهن  ۾ مڪمل قرآن مجيد ياد ڪري، پنهنجي امامت ۾ تراويح پڙهائي.

استادي جو سلسلو

[سنواريو]

سندن علمي سلسلو پنھنجي مرشد مربي امام العارفين حضرت پير سيد محمد راشد روزي ڌڻي قدس سره  جي استادن تائين پهچندو آهي. سندن علمي سند جي زنجير ۾:

  مفتي محمد صاحبداد خان جمالي

مولانا محمد  صالح مهر

  علامه مفتي محمد قاسم گڙھي ياسيني

  علامه عبدالغفور مفتون همايوني

  علامه عبدالحڪيم سيالڪوٽي

  علامه عبدالحليم ڪنڊوي

  علامه محمد عاقل شاهه هالاڻي

  ۽ آخر ۾ علامه سعدالدين تفتازاني شامل آهن.

  ٻئي طرف اوهان جو تلمذ علامه مفتي تقدس علي خان بريلوي عليه الرحمہ جي ذريعي فقط هڪ واسطي سان اعلى حضرت امام احمد رضا خان فاضل بريلوي تائين وڃي ٿو.

درس و تدريس ۽ خطابت

[سنواريو]

استاذُ العلماء، شيخُ الحديث، علامه مفتي محمد رحيم سڪندري عليه الرحمه ابتدائي ديني تعليم ۽ تخصصات جي تڪميل کان پوءِ جامعه راشديه درگاه شريف، پير جو ڳوٺ مان سندِ فراغت حاصل ڪئي.

پاڻ فطري طور تي تدريس ۽ خطابت جي ميدان سان وابستہ ٿيا ۽ علمِ دين جي خدمت کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بنائي ڇڏيائون.

تعليم ۽ تدريس جو ابتدائي سفر

[سنواريو]

سن 1976ع تائين پاڻ مختلف علمي ۽ ديني ادارن ۾ تدريس ۽ ارشاد جا فرض انجام ڏيندا رهيا. سندن تلامذه (شاگرد) ۽ همعصر ان ڳالهه جا گواهه آهن ته سندن درس ۾ علم جي گهرائي، فهمِ حديث جي جامعيت ۽ اخلاق و عمل جي روحانيت نمايان هوندي هئي.

اهم خدمتن جو مختصر احوال:

  • نوابشاهه: پاڻ مشهور جامع مسجد علامه محمد هاشم انصاري ۾ خطيب ۽ امام جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون.
  • شهدادپور: ڪجهه مُدت تائين جامع مسجد شهدادپور ۾ به خطيب ۽ معلم طور فرض انجام ڏيندا رهيا، جتي سندن وعظ ۽ نصيحت عام ۽ خاص جي دلين کي منور ڪيو.
  • اورينٽل ڪاليج، حيدرآباد: ان ئي دوران کين اورينٽل ڪاليج، حيدرآباد ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو، جتي هنن نه صرف عربي ۽ اسلاميات جي تدريس ڪئي، پر شاگردن ۾ تحقيق، فهمِ نصوص ۽ ادبِ اسلامي جو شوق به پيدا ڪيو.
  • دارالعلوم قادريه، شهدادپور: پاڻ هتي به مدرّس طور خدمتون سرانجام ڏنيون، جتي سندن درسِ حديث ۽ فقهه خاص شهرت رکندو هو.
  • مدرسه صبغة الفیض، سومر فقير هنگورو: پاڻ هن اداري ۾ صدر مدرّس ۽ شيخُ الحديث طور ڊگهي عرصي تائين تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون. سندن درسِ بخاري، مسلم ۽ ترمذي ۾ تحقيق، دليلن ۽ روحاني تاثير جو حسين امتزاج نظر ايندو هو.

علم و تدريس جي هن طويل سفر ۾ پاڻ سوين شاگردن کي تعليم ڏني، ڪيترن ئي عالمن جي تربيت فرمائي ۽ ڪيترن ئي مدرسن جي نصاب ۽ انتظام (نظم) ۾ اصلاحي ڪردار ادا ڪيو. سندن تدريسي خدمتن کي اهلِ علم اڄ به اخلاص، تقوىٰ ۽ استقامت جي نشاني طور ياد ڪندا آهن.

جامعہ راشديہ جا مهتمم

[سنواريو]

استاذُالعلماء، شيخُ الحديث، فقيھِ وقت، علامه مفتي محمد رحيم سڪندري عليه الرحمه، پنهنجي عظيم استاد استاذُالاساتذه علامه مولانا محمد صالح مهر صاحب عليه الرحمه جي وصال کان پوءِ، حضرت پير سائين شاهه مردان شاهه ثاني المعروف ڇٽ ڌڻي بادشاهه عليه الرحمه جي حُڪم سان، سن 1976ع ۾ جامعه راشديه درگاه شريف پير جو ڳوٺ جا مهتمم (پرنسپال) ۽ جامع مسجد درگاه شريف جا امام و خطيب مقرر ڪيا ويا.

نئين دور جي شروعات:

[سنواريو]

هي اهو دور هو جڏهن جامعه راشديه پنهنجي علمي وقار ۽ روحاني عظمت جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهي هئي. مفتي صاحب نهايت تدبر، حڪمت ۽ انتظامي بصيرت سان هن اداري کي استحڪام، وسعت ۽ جديد تنظيمي بنيادن تي اُساريو. سندن دورِ نظامت تقريباً پينتاليهن سالن (1976ع کان 2021ع) تي پکڙيل رهيو، جنهن کي جامعه راشديه جي تاريخ جو سونھري ۽ روشن ترين دور قرار ڏنو وڃي ٿو.

تدريسِ حديث جو خاص انداز

[سنواريو]

جامعه ۾ تدريسِ علومِ دينيہ جي شروعات ۾ پاڻ ٻين سبقن سان گڏوگڏ حديث جا ڪتاب به پڙهائيندا هئا. بعد ۾، سن 1988ع ۾ پنهنجي شيخ و مرشد مفتي تقدس علي خان بريلوي عليه الرحمه جي وصال کان پوءِ، پاڻ کي صرف دورۂ حديث جي تدريس لاءِ وقف فرمايائون.

سندن تدريس جو انداز نهايت باوقار، مهذب ۽ روحاني رنگ سان سينگاريل هوندو هو. درگاه شريف جي جامع مسجد جي صحن ۾، روضۂ شريف جي پاڇي هيٺ حديث شريف جو سبق پڙهائڻ سندن روزانو جو معمول هو.

  • ادب ۽ تمڪنت: سبق کان اڳ پاڻ شاگردن کي وقت جي پابنديءَ جي تاڪيد ڪندا هئا ۽ پاڻ به هميشه وقت کان اڳ تشريف آڻيندا هئا. درسِ حديث دوران امام مالڪؒ جي ادب ۽ وقار جي جهلڪ نظر ايندي هئي. پاڻ هميشه پاڪيزه لباس پهريندا هئا، عمدي خوشبو لڳائيندا هئا ۽ پنهنجن شاگردن کي به عطر لڳائڻ جي تاڪيد ڪندا هئا.
  • سندن فرمان: پاڻ فرمايندا هئا ته: ”هي رسولِ اڪرم ﷺ جي حديث جو درس آهي، ان ۾ ادب ۽ وقار ايمان جو جُز آهي.“

روحاني تاثير: درس جو مدو عام طور تي چاليهه منٽن کان هڪ ڪلاڪ تائين هوندو هو، پر سندن گفتگو ۾ اهڙي روحاني تاثير هوندي هئي جو شاگردن کي وقت جو احساس نه ٿيندو هو.

انتظامي ۽ تعميري ڪارناما

[سنواريو]

سندن دورِ نظامت ۾ جامعه راشديه علمي، انتظامي ۽ تعميراتي لحاظ کان بي مثال ترقي حاصل ڪئي. سندن اهم ڪارناما هيٺيان شامل آهن:

  • تنظيم المدارس سان الحاق: جامعه راشديه جو تنظيم المدارس اهل سنت پاڪستان سان باقاعده الحاق ڪرايو ويو، جنهن سان شاگردن کي قومي سطح تي امتحاني ۽ تعليمي سڃاڻپ ملي.
  • تعليمي سڃاڻپ: جامعه جي سند کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پهريان بي اي (B.A) ۽ بعد ۾ ايم اي (M.A) جي مساوي درجو ڏياريو ويو، جيڪو سندن علمي ۽ تنظيمي بصيرت جو ثبوت آهي.
  • تنظيمي ادارا: جامعه راشديه جي امتحاني بورڊ جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن جي ذريعي داخلي نظم ۽ تعليمي معيار ۾ وڏي بهتري آئي.
  • تعميراتي توسيع: جامعه جي توسيع ۾ نوان ڪلاس روم، هاسٽل، استادن جا ڪمرا، مطبخ (لنگر خانا) ۽ مهتمم جو دفتر تعمير ٿيا.
  • علمي فيض: شاگردن جي تعداد ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو ۽ فارغ التحصيل عالمن جي هڪ وڏي قطار تيار ٿي، جيڪا اڄ پاڪستان سميت دنيا جي مختلف مُلڪن ۾ ديني خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي.
  • برانچن جو قيام: جامعه راشديه جي مختلف برانچن جو قيام ٿيو، جن مان هر هڪ علم و هدايت جا ڏيئا روشن ڪيا.

علمي ۽ روحاني اثرات

[سنواريو]

حضرت مفتي صاحب جو جامعه سان تعلق صرف انتظامي نه هو، پر هڪ روحاني وابستگي تي ٻڌل هو. سندن فرمان هو ته:

”جامعه راشديه منهنجي لاءِ صرف هڪ ادارو نه آهي، بلڪ اهو درگاهِ راشديه جي علمي رُوح آهي، جنهن مان علمِ نبوي ﷺ جو فيض جاري آهي.“

سندن دور ۾ جامعه جي نصابِ تعليم ۾ اصولِ فقهه، علومِ حديث، منطق، بلاغت ۽ تفسير جي مضمونن ۾ نئين ترتيب ۽ تدوین ڪئي وئي. شاگردن جي تربيت ۾ پاڻ نه صرف علم پر اخلاق، ادب ۽ عملِ صالح تي خاص زور ڏيندا هئا.

جامعه جي نيڪ شهرت ۽ ملڪ گير اثر
[سنواريو]

مفتي صاحب جي قيادت ۾ جامعه راشديه درگاه شريف نه صرف سنڌ پر سڄي پاڪستان ۾ پنهنجي علمي برتري ۽ منهجِ اهلِ سنت جي نمائندگيءَ جو جهنڊو بلند ڪيو. اڄ به هي ادارو هڪ مرڪزي ديني ۽ روحاني اداري جي حيثيت رکي ٿو، ۽ ان جي بنيادن ۾ استادُالعلماء علامه مفتي محمد رحيم سڪندري عليه الرحمه جي محنت، دعا، تقوىٰ ۽ اخلاص جي خوشبو رچيل آهي.

تدريس جو انداز

[سنواريو]

سندن درسِ حديث نهايت ادب، نورانيت ۽ محبت سان ڀريل هوندو هو. سبق مسجد جي صحن ۾ روضي شريف جي ڇانو ۾ ٿيندو هو. شاگردن کي دو زانو ويهڻ ۽ عطر لڳائڻ جو ادب سيکاريندا هئا. حديث جي پڙهائي وقت سندن آواز ۽ انداز ۾ سڪون، خشوع ۽ حضور جي محبت جي خوشبو محسوس ٿيندي هئي.

شاگرد

[سنواريو]

استاذُالعلماء، شيخُ الحديث، علامه مفتي محمد رحيم سڪندري عليه الرحمه جي شاگردن ۽ علمي فيض حاصل ڪندڙن جي فهرست نهايت ئي ڊگهي آهي. پاڻ تقريباً اڌ صديءَ تائين تدريسِ حديث ۽ فقهه جا فرائض انجام ڏنا، جنهن جي نتيجي ۾ سوين عالم، خطيب، مفتيانِ ڪرام ۽ استاد سندن فيض سان مختلف علائقن ۾ دينِ متين جي خدمت ڪري رهيا آهن.

سندن شاگرد سندن علمي گهرائي، مضبوط فقهي بصيرت، متين اندازِ تدريس ۽ روحاني تربيت کي پنهنجو فخر سمجهن ٿا.

سندن مشهور تلامذه (شاگردن) مان ڪجهه معروف نالا هيٺ ڏجن ٿا:

  1. استاد العلماء مفتي غلام شبير سکندري
  2. استاد العلماء مفتي محمد اسماعيل منگريو سکندري (نور الله مرقده)
  3. استاد العلماء مفتي محمد اسماعيل ميمڻ سکندري
  4. استاد العلماء مفتي عبد اللطيف کوسو سکندري
  5. استاد العلماء علامه قائم الدين سکندري
  6. استاد العلماء علامه دوست علي سکندري
  7. استاد العلماء مفتي فيض محمد سکندري
  8. استاد العلماء مفتي عنايت الله سکندري
  9. استاد العلماء مفتي محمد الياس سکندري يماني
  10. استاد العلماء مفتي منير احمد سکندري يماني
  11. استاد العلماء مفتي علي اڪبر سکندري يماني
  12. استاد العلماء مفتي هدايت الله سکندري يماني
  13. اديب و محقق علامه عبد القيوم مهر سکندري

هي سڀئي شاگرد مختلف علمي ۽ تدريسي عهدن تي فائز ٿي ڪري مدرسن، مسجدن ۽ يونيورسٽين ۾ دينِ اسلام جي خدمت ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪن پاڪستان ۾ ته وري ڪن يمن، سعودي عرب ۽ موريشس جهڙن مُلڪن ۾ تدريسي ۽ تبليغي ميدان ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.

حضرت مفتي صاحب عليه الرحمه جا شاگرد اڄ به پنهنجي استادِ محترم جو ذڪر نهايت عقيدت، محبت ۽ روحاني وابستگي سان ڪندا آهن ۽ سندن علمي و اخلاقي روشنيءَ کي پنهنجي لاءِ مشعلِ راهه سمجهن ٿا.

شاگردن تي والدانه شفقت

[سنواريو]

استاذُالعلماء، شيخُ الحديث، علامه مفتي محمد رحيم سڪندري عليه الرحمه پنهنجن شاگردن سان والدانه شفقت، روحاني محبت ۽ عالماڻي ظرف سان پيش ايندا هئا.

سندن تربيت جو طريقو صرف درس و تدريس تائين محدود نه هو، پر هو شاگردن جي زندگي جي عملي معاملن ۾ به مڪمل رهنمائي فرمائيندا هئا. پاڪستان ڀر مان سندن شاگرد جڏهن به ڪنهن علمي، تدريسي يا ذاتي مسئلي ۾ سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا، ته پاڻ هميشه ان جي ڪم کي پنهنجي ذاتي ذميواري سمجهندا هئا.

جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي نوڪري، مقرري، ديني اداري جي قيام يا انتظامي مسئلي ۾ مدد جي ضرورت هوندي هئي، ته پاڻ پنهنجي وسعت مطابق بھرپور اعانت (مدد) فرمائيندا هئا. سندن دروازا هميشه شاگردن لاءِ کليل رهندا هئا.

شاگرد کين صرف استاد نه پر هڪ مشفق سرپرست ۽ روحاني رهنما سمجهندا هئا. جڏهن به ڪو شاگرد ڪنهن مشڪل يا پريشانيءَ ۾ هوندو هو ته سڀ کان پهرين استاذُالعلماء ڏانهن رُخ ڪندو هو، ڇو ته هنن کي يقين هوندو هو ته: ”حضرت مفتي صاحب نه صرف دعا فرمائيندا پر عملي مدد به ڪندا.“

سندن هيءُ شفقت وارو انداز ۽ حُسنِ سلوڪ سندن شاگردن جي دلين ۾ گهري عقيدت، محبت ۽ وفاداريءَ جا جذبا پيدا ڪندو هو. اهو ئي سبب آهي ته اڄ به سندن تلامذه کين پنهنجي لاءِ روحاني والد ۽ استادِ ڪامل جي حيثيت سان ياد ڪن ٿا.

عادات ۽ خصائل (نيڪيون ۽ خاصيتون)

[سنواريو]

استاذُالعلماء، شيخُ الحديث، علامه مفتي محمد رحيم سڪندري عليه الرحمه جي سڄي زندگي عبادت، علم، زُهد (دنيا کان بي رغبتي)، تقوىٰ ۽ سنتِ رسول ﷺ جي پيرويءَ سان روشن هئي. سندن دل ذڪرِ اِلٰهي سان ڀريل ۽ زبان هر وقت تلاوتِ قرآن پاڪ سان سِجل رهندي هئي.

ذڪر ۽ تلاوت جو معمول

[سنواريو]

پاڻ قرآن ڪريم جي گھڻي تلاوت فرمائيندا هئا ۽ سفر هجي يا حضر، قرآن مجيد جو نسخو هميشه پاڻ سان گڏ رکندا هئا. سندن تلاوت ۾ هڪ خاص روحانيت ۽ خشيت (خدا جو خوف) جي ڪيفيت هوندي هئي، جنهن کان ٻڌندڙ متاثر ٿيڻ کان سواءِ نه رهي سگهندو هو.

  • پاڻ سُريلي قُرّاء جي تلاوت ٻڌڻ به گهڻو پسند ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن تلاوت دوران سندن اکيون آٿوڻي ٿي وينديون هيون.
  • نعتِ رسول مقبول ﷺ سان کين بي پناھه عشق هو. جڏهن نعت پاڪ پڙهي ويندي هئي ته سندن دل محبت جي جذبن سان ڀرجي ويندي هئي، اڪثر اکين مان ڳوڙها وهي ويندا هئا ۽ رقت و سوز جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي.
  • پاڻ دلائل الخيرات شريف، حزب الأعظم ۽ ٻين مجرّب ۽ مسنون اوراد و وظيفن جا عامل هئا. فجر جي نماز کان پوءِ ڊگھا اذڪار، درود شريف ۽ تسبيحات جو اهتمام فرمائيندا هئا.

تقوىٰ ۽ تهجد جي پابندي

[سنواريو]

پاڻ زندگي ڀر نمازِ تهجد جي پابندي نه ڇڏيائون. اڪثر سندن شاگرد ۽ اهلِ خانه گواهي ڏيندا هئا ته رات جي آخري پهر ۾ سندن ڪمري مان تلاوت يا دعا جون آوازون بلند ٿينديون هيون.

اخلاق ۽ طرزِ زندگي

[سنواريو]

حضرت مفتي صاحب عليه الرحمه انتھائي منڪسرالمزاج (عاجز)، باوقار ۽ متوازن طبيعت جا مالڪ هئا.

  • گفتگو هميشه نرم، مدلل ۽ بابرڪت هوندي هئي. ڪڏهن به ڪنهن تي غصو نه ڪندا هئا، پر نرمي سان اصلاح فرمائيندا هئا.
  • شاگردن ۽ مِليلن سان والدانه شفقت، مهمانن سان تڪريم ۽ عام ماڻهن سان تواضع ۽ خنده پيشاني (کلئي چهري سان ملڻ) سان پيش اچڻ سندن روزانو جو معمول هو.
  • پاڻ سادي زندگي جا عادي، زُهد و قناعت جا پيڪر ۽ دنياوي جاہ و منصب کان هميشه بي رغبت رهيا.
  • لباس هميشه سفيد، صاف ۽ باوقار پهريندا هئا.
  • سندن مجلسون علم و معرفت سان ڀريل هونديون هيون، جتان ايندڙ هر ماڻهوءَ کي ڪجهه نه ڪجهه روحاني فيض ضرور حاصل ٿيندو هو.

سندن چهري مبارڪ تي هميشه وقار، نورانيت ۽ سڪون نمايان رهندو هو، گويا سندن زندگي هڪ قرآني و نبوي انسان جي جيئري جاڳندي تفسير هئي.

بيعت ۽ خلافت

[سنواريو]

سندن خاندان وڏي عرصي کان درگاهه راشديه پير جوڳوٺ سان منسلڪ رهيو آهي. پاڻ به ننڍپڻ ۾ حضرت پير سائين شاه مردان شاه ثاني عليه الرحمہ جي دستِ بيعت ٿيا۽  1992ع  ۾ خليفه مقرر ٿيا.

اتقريباً ٽيهه سال تائين ”چونڪي پار“ (شڪارپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، بلوچستان) جا مُک رهيا.

سن  2020ع  ۾ اها ذميواري سندن فرزند محترم محمد اڪرام کوسو صاحب کي منتقل ٿي.

علمي اعزاز

[سنواريو]

شاه عبداللطيف يونيورسٽي جي سنڊيڪٽ جا ميمبر ، جمعيت علماءِ سڪندريه جا سابق صدر، ماهوار الراشد جا چيف ايڊيٽر ، تنطيم المدارس ( اهل سنت) پاڪستان جا صوبائي نائب ناظم .

تصنيف ۽ تحرير

[سنواريو]

استاذُالعلماء، شيخُ الحديث، علامه مفتي محمد رحيم سڪندري عليه الرحمه پنهنجي پوري زندگي درس و تدريس ۽ تبليغِ دين ۾ گذاري. جيتوڻيڪ سندن گھڻو وقت تدريسِ حديث، تفسير ۽ فقهه ۾ صرف ٿيو، ان جي باوجود پاڻ تحريري ميدان ۾ به اهڙيون گرانقدر خدمتون سرانجام ڏنيون جيڪي سنڌي ٻولي، علمي ذخيرا ۽ ديني علمن لاءِ سرمائہ افتخار آهن. سندن قلم مان نڪرندڙ تصنيفون نه صرف علمي گهرائي رکن ٿيون، پر ٻولي ۽ بيان، تحقيق ۽ ترتيب ۽ ديني ذوق جو حسين ميلاپ پيش ڪن ٿيون.

1. ترجمو قرآن ”ڪنزالايمان“ جو سنڌي ترجمو:

[سنواريو]

سندن سڀ کان عظيم ڪارنامو جنهن کي سرزمين سنڌ ۽ پوري دنيا اندر موجود سنڌي ڄاڻيندڙ سُني عوام تي هڪ وڏو احسان چئجي ته غلط نه ٿيندو، اهو آهي: امام اهلِ سنت، مجددِ دين و ملّت اعليٰ حضرت الشاهه امام احمد رضا خان فاضل بريلوي رضي الله عنه جي ڪيل شاهڪار ترجمي ”ڪنزالايمان“ ۽ ان تي صدرُالافاضل علامه مولانا سيد نعيم الدين مراد آبادي جي حاشيي ”خزائن العرفان“ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو.

  • ترغيب ۽ تڪميل: ”ڪنزالايمان“ جي سنڌي ترجمي جي ترغيب حضرت مفتي صاحب کي سندن استادن: مفتي اعظم پاڪستان مفتي محمد صاحبداد خان جمالي، علامه مولانا محمد صالح مهر ۽ علامه مفتي تقدس علي خان بريلوي رحهم الله تعاليٰ ڏني.
  • اشاعت: ٽيهن سالن جي مسلسل ڪوشش کان پوءِ اهو ترجمو سن 1992ع ۾ ضياءُ القرآن پبليڪيشنز لاهور پاران شايع ٿي منظر عام تي آيو.
  • مددگار: ان ترجمي جي نظرثاني ۽ آخر تائين جي نگراني علام قربان علي سڪندري نورالله مرقده ڪئي، جڏهن ته ڪتابت مولانا فيض محمد پتافي سڪندري جي حصي ۾ آئي. ان کان پوءِ هن ترجمي جا ڪيترائي ايڊيشن شايع ٿي چُڪا آهن.

2. ”خزانة المعرفة“ جو سنڌي ترجمو:

[سنواريو]

امام العارفين، سراج السالڪين، حضرت پير سيد محمد راشد روزي ڌڻي قدس سرہ العزيز جي فرزند ۽ پهرين پڳ ڌڻي سيد صبغت الله شاهه اول پير سائين تجر ڌڻي عليه الرحمه جي ملفوظاتِ شريف (اقوال) جو مجموعو، جيڪو سندن فرزند پير سائين سيد علي گوهر شاهه بنگلي ڌڻي عليه الرحمه گڏ ڪيو هو، اصل ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ هو.

  • ترجمو: ان جو نهايت آسان سنڌي ترجمو ڪرڻ جو شرف حضرت مفتي صاحب کي مليو، جيڪو پاڻ انتھائي محنت ۽ محبت سان سرانجام ڏنو ۽ اهو ترجمو پوني ڇهن سؤ صفحن (575) تي مشتمل آهي.

3. ”الزبدة العمدة شرح قصيدة البردة“ جو مقدمو:

[سنواريو]

امام شرف الدين بوصيري رضي الله عنه جي شهرت يافته ۽ بارگاهه رسالت مآب صلي الله عليه وآله وسلم ۾ مقبول قصيده بُرده شريف جون بيشمار شرحون لکيون ويون آهن. انهن مشهور شرحن مان علام ملا علي قاري عليه الرحمه جي لکيل شرح ”الزبدة العمدة“ به هڪ اهم حيثيت رکي ٿي.

  • علمي خدمت: جڏهن هي ڪتاب ناياب ٿي چڪو هو ۽ منظر عام تي نه اچي سگهندو هو، تڏهن حضرت مفتي صاحب وڏي محنت سان هي ناياب ڪتاب حاصل ڪري، درگاه شريف مان شايع ڪرايو. ان اشاعت جي شروعات ۾ سندن طرفان ٻٽيهه (32) صفحن تي مشتمل هڪ تحقيقي مقدمو به شامل آهي.

4. ”حزبُ الأعظم“ جو سنڌي ترجمو:

[سنواريو]

حضرت علامه شيخ علي بن سلطان قاري عليه الرحمه جي دُعائن جي مجموعي بابت لکيل مشهور و معروف ڪتاب حزبُ الأعظم جو سنڌي ترجمو ڪرڻ به سندن هڪ نمايان ڪارنامو آهي.

  • اشاعت ۽ خصوصيت: هن جي پهرين اشاعت 1995ع ۾ ٿي. ان ڪتاب جي خاص ڳالهه هيءَ آهي ته ان جي حاشيي (Margins) تي دلائل الخيرات شريف به ڏنل آهي، ته جيئن قرب خداونديءَ سان گڏوگڏ تاجدارِ ڪائنات صلي الله عليه وآله وسلم جي بارگاهه ۾ درود و سلام جا نذرانا به پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري سگهجي.
  • ”حزبُ الأعظم“ 182 صفحن تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن جي شروعات ۾ حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه ثاني (ڇٽ ڌڻي) عليه الرحمه جا دُعائيہ ڪلمات سندن ختم ۽ صحيح دستخط سان درج ٿيل آهن.

5. ”ديوان مسڪين“ جو سنڌي ترجمو:

[سنواريو]

درگاهه عاليه امام العارفين سراج السالڪين حضرت پير سائين سيد محمد راشد روزي ڌڻي قدس سرہ العزيز جي ٽئين پڳ ڌڻي حضرت پير سائين تخت ڌڻي عليه الرحمه جي مشهور فارسي ڪلام ديوان مسڪين جو خوبصورت انداز ۾ سنڌي ترجمو به حضرت مفتي صاحب فرمايو آهي، جيڪو سن 1985ع ۾ شايع ٿي چُڪو آهي. مفتي صاحب ترجمي سان گڏ، صاحبِ ديوان جو فارسي ٻوليءَ ۾ تذڪرو به ڪيو آهي.

ٻيون علمي ۽ ادبي خدمتون

[سنواريو]

ان کان علاوه حضرت استاذُالعلماء عليه الرحمه نبي ڪريم ﷺ جي سيرتِ طيبه تي عربي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ”خلاصة سيرۃ البشر“ جو اُردو ترجمو به ڪيو، جيڪو ماهنامه الراشد درگاه شريف ۾ قسط وار شايع ٿيو.

  • وڌيڪ، سندن درجنن مضمون، مقدما، تقاريظ، تحقيقي مقالا ۽ اداريا مختلف علمي ۽ ديني رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيا، جن ۾: روزنامه مهران، ماهنامه الراشد (پير جو ڳوٺ)، سه ماهي الهدىٰ (شاهپور چاڪر)، سه ماهي الاصلاح ۽ ماهنامه الرحيم خاص طور تي قابلِ ذڪر آهن.

سندن اهي تصنيفون ۽ تحريري خدمتون، حضرت جي علمي ذوق، وسيع مطالعي ۽ دينِ اسلام جي فروغ ۾ سندن غير معمولي محنت ۽ اخلاص جي روشن دليل آهن.

فتوى نويسي

[سنواريو]

استاذُالعلماء، شيخُ الحديث، علامه مفتي محمد رحيم سڪندري عليه الرحمه نه صرف محدث ۽ مفسر هئا، پر فنِ افتاء (فتوىٰ نويسي) ۾ به زبردست مهارت رکندا هئا.

فني تربيت ۽ مهارت

[سنواريو]

پاڻ فنِ افتاء جي تربيت پنهنجي شيخ ۽ استاد، استاذُالعلماء، عمدۃُ الفقهاء، مفتي اعظم پاڪستان حضرت مفتي محمد صاحبداد خان جمالي نورالله مرقده کان حاصل ڪئي. فقهي دقتِ نظر (گھري بصيرت)، شرعي بصيرت ۽ دليلن جي گهرائيءَ ۾ کين پنهنجي دور جي ممتاز مفتيانِ ڪرام ۾ شمار ڪيو ويندو هو.

  • خاص اختصاص: پاڻ ميراث (ورثت) جي مسئلن ۾ خاص اختصاص (ماهرت) حاصل ڪيو.
  • منهجي طريقو: هن باب ۾ پاڻ فتوىٰ نويسي جو روايتي ۽ منهجي طريقو علامه مخدوم امير احمد عليه الرحمه کان سکيو ۽ پوءِ ان کي علمي ۽ فقهي بنيادن تي عملي جامو پهنايائون.

فتوائن جو فيض ۽ طرزِ افتاء

[سنواريو]

سندن قلم مان نڪرندڙ هزارين فتاوىٰ عامتُ المسلمين لاءِ رهنمائي ۽ علم جو ذريعو ثابت ٿيا. انھن فتوائن ۾ عقائد، عبادات، معاملات، نڪاح و طلاق، حُدود، ميراث ۽ معاصر فقهي مسئلن تي عالماڻي تحقيقات شامل آهن.

  • اشاعت: سندن ڪيترائي فتاوىٰ بعد ۾ ماهنامه الراشد (درگاه راشديه پير جو ڳوٺ) ۾ به شايع ٿيا، جن کي علمي حلقن ۾ وڏي قدر ۽ منزلت جي نگاھ سان ڏٺو ويندو هو.

حضرت مفتي صاحب عليه الرحمه جو طرزِ افتاء (فتوىٰ ڏيڻ جو انداز) احتياط، دليل ۽ حڪمت تي مبني هو. پاڻ ڪڏهن به جلدبازيءَ ۾ فتوىٰ نه ڏيندا هئا، بلڪه قرآن و سنت، فقهه حنفي ۽ اسلافِ امت جي اقوالن مان مدلل جواب (دليل سان گڏ جواب) ارشاد فرمائيندا هئا.

فتوىٰ نويسيءَ ۾ سندن انداز اعتماد، وضاحت ۽ سلاستِ زبان (آسان ٻولي) سان سجايل هوندو هو، جنهن ڪري سائلين کي نه صرف شرعي حُڪم سمجهه ۾ ايندو هو، پر ديني شعور ۾ به اضافو ٿيندو هو.

نمايان ڪارنامو

[سنواريو]

علماءِ سلف جي وچ ۾ هيءَ روايت مشهور آهي ته ڪن اهلِ علم انتهائي مختصر مُدت ۾ پورو قرآن ڪريم ياد فرمايو آهي. مثال طور، امامِ اهلِ سنت، مجددِ دين و ملّت اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان بريلوي عليه رحمة الرحمن جي باري ۾ منقول آهي ته هنن هڪ مهيني جي مختصر عرصي ۾ مڪمل قرآن ڪريم حفظ ڪري ورتو هو.

اهڙي ئي نموني تي، استادُالعلماء، شيخُ الحديث، علامه مفتي محمد رحيم سڪندري عليه الرحمه جو هيءُ واقعو به علم ۽ فضل جي تاريخ ۾ هڪ روشن مثال جي حيثيت رکي ٿو.

نوابشاهه جو تاريخي واقعو:

جڏهن پاڻ نوابشاهه ۾ جامع مسجد علامه محمد هاشم انصاري عليه الرحمه جا خطيب مقرر ٿيا ته هڪ رمضان المبارڪ دوران تراويح جي امامت جو مسئلو پيش آيو. چند مقتدي حضرات هڪ غير مقلد حافظِ قرآن کي تراويح پڙهائڻ لاءِ وٺي آيا ۽ چيائون ته هو نماز پڙهائيندو. پر اهلِ سنت جي مقتدي حضرات واضح طور تي چيو ته اهي صرف مفتي صاحب جي اقتداءَ (پويان) ۾ ئي نماز ادا ڪندا.

بحث ۽ گفت و شنيد کان پوءِ ڪجهه ماڻهن مشورو ڏنو ته جيڪڏهن مفتي صاحب پاڻ تراويح ۾ قرآن ٻڌائين ته اهو وڌيڪ مناسب ٿيندو، ٻي صورت ۾ ٻيو حافظ امامت ڪري.

ٽوٽل توڪل ۽ پختو ارادو:

اهو ٻڌي، حضرت مفتي محمد رحيم سڪندري عليه الرحمه هڪ تاريخي ۽ غير معمولي فيصلو فرمايو. پاڻ چيائون ته:

”جيڪڏهن قرآن ڪريم ياد ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اسين اڄ کان ئي ان جو آغاز ڪريون ٿا. جي الله تعاليٰ جي توفيق شاملِ حال رهي ته ڪا به مشڪل ڪونهي.“

ساڳي ئي ڏينهن پاڻ حفظِ قرآن ڪريم جو باقاعده آغاز فرمايائون. پاڻ روزانو تقريباً سوا پارو ياد ڪندا هئا ۽ اُها ئي رات تراويح جي نماز ۾ تلاوت ڪندا هئا.

سندن قوتِ حافظه، استقامت، روحاني توجه ۽ اخلاصِ نيت جو هيءُ عالم هو جو صرف ستاويهن (27) ڏينهن جي اندر، پاڻ ڪنهن به اُستاد جي مدد کانسواءِ، پورو قرآن ڪريم ياد ڪري ورتو.

هي غير معمولي ڪارنامو نه صرف سندن ذهانت ۽ حافظي جي قوت جو مظهر آهي، پر سندن پختي ايمان، ارادي جي مضبوطي ۽ توڪل علي الله (الله تي ڀروسي) جي هڪ روشن مثال به آهي. اهلِ مسجد ۽ مقتدي ان منظر جا گواهه هئا ته جنهن حافظِ قرآن کي شروع ۾ امامت لاءِ آندو ويو هو، سو به رمضان جي اختتام تي حضرت مفتي صاحب جي پويان تراويح پڙهندو رهيو.

هي واقعو اڄ به اهلِ علم جي وچ ۾ هڪ روحاني معجزو ۽ علمي ڪرامت طور بيان ڪيو وڃي ٿو، جيڪو هي ظاهر ڪري ٿو ته الله تعاليٰ جنهن کي پنهنجي دين جي خدمت لاءِ چونڊي ٿو، تنهن لاءِ علم ۽ حفظ جا دروازا پاڻ مرادو کولي ڇڏيندو آهي.

ازدواجي زندگي ۽ اولاد

[سنواريو]

استاذ العلماء، شيخ الحديث، علامه مفتي محمد رحيم سڪندري عليه الرحمه پنهنجي ازدواجي زندگي جو آغاز شعبان المعظم 1383ھ، بمطابق جنوري 1964ع ۾ ڪيو.

سندن نڪاح جو هيءُ بابرڪت عقد سندن استادِ محترم ۽ مامون فقير احمد کوسو صاحب پڙهايو. هيءُ ازدواج نهايت بابرڪت ثابت ٿيو ۽ الله تعاليٰ کين هڪ نيك، صالح ۽ باادب خاندان سان نوازيو.

حضرت مفتی صاحب عليه الرحمه جي پُٺِ مبارڪ مان چار صاحبزادا ۽ ڇهه صاحبزاديون تولد ٿيون.

صاحبزادن جا نالا هن ريت آهن:

  1. محمد اڪرام کوسو صاحب
  2. محمد ظفر احمد صاحب
  3. معراج محمد صاحب
  4. بختيار احمد صاحب

اهي سڀئي صاحبزادا پنهنجي والدِ محترم جي علمي، ديني ۽ اخلاقي ورثي کي اڳتي وڌائي رهيا آهن. جڏهن ته سندن صاحبزاديون به دين، ادب ۽ خانوادگي تربيت جي لحاظ کان نمايان حيثيت رکن ٿيون.

مفتي صاحب جي گهريلو زندگي محبت، ايثار، قناعت ۽ ديني تربيت جو مظهر هئي. اهلِ خانه سان سندن حسنِ سلوڪ، نرم مزاجي ۽ والدانه شفقت سندن اخلاق جو هڪ نمايان وصف هو.

ذاتي لائبريري ۽ مطالعي جو ذوق

[سنواريو]

استاذُالعلماء، شيخُ الحديث، علامه مفتي محمد رحيم سڪندري عليه الرحمه وٽ ديني ۽ علمي مواد جو هڪ وِقيع ۽ نادر ذخيرو موجود هو، جيڪو سندن وسعتِ مطالعہ، علمي ذوق ۽ عشقِ رسول ﷺ جو مظھر هو.

لائبريري جو مواد

[سنواريو]

سندن ذاتي لائبريري ۾ هيٺين موضوعن تي هزارين ناياب ۽ قيمتي ڪتاب شامل هئا:

  • قرآن ۽ تفسير، حديث ۽ شُروحِ حديث (حديثن جي شرح)، فقهه ۽ اصولِ فقهه، عقائد و ڪلام، تصوف و سلوڪ، سيرتِ نبوي ﷺ، تاريخِ اسلام، عربي ۽ فارسي ادب ۽ معاصر علمي رسالا.

سيرتِ نبوي ﷺ سان گهري وابستگي:

سيرتِ طيبه ﷺ سندن محبوب ترين موضوع هو. سندن لائبريري ۾ سيرتِ رسول ﷺ سان لاڳاپيل قديم ۽ جديد سموريون نمايان ڪتابون، قلمي نسخا (مخطوطات)، ترجما، منظومات ۽ تحقيقي رسالا موجود هئا.

  • ڪابه نئين تصنيف سيرت تي شايع ٿيندي هئي ته پاڻ ان جي خريداري فرمائيندا هئا ۽ مطالعي کان پوءِ اهم نُڪتن تي حاشيہ نويسي (نوٽس) به ڪندا هئا.

مطالعي جو معمول ۽ انداز

[سنواريو]

حضرت عليه الرحمه مطالعہ ۾ غير معمولي ذوق رکندڙ هئا. کين روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ کان سواءِ ننڊ نه ايندي هئي. علمي وقتن کان علاوه، آرام جي لمحن ۾ به ڪتاب سندن هٿ کان جدا نه ٿيندي هئي.

  • دورانِ سفر: سفر دوران به پاڻ سان گڏ قرآن مجيد، دلائل الخيرات شريف ۽ ڪجهه چونڊيل علمي ڪتاب ضرور کڻندا هئا، جن جو فرصت جي لمحن ۾ مطالعو فرمائيندا هئا.
  • تحقيقي انداز: سندن مطالعي جو انداز تحقيقي ۽ تدبري (غور ۽ فڪر سان) هوندو هو. پاڻ اڪثر ڪنهن به موضوع تي مختلف مراجع (ذريعن) ۽ مصادر (بنيادي ڪتابن) جو مقابلي وارو مطالعو ڪندا هئا، پوءِ خلاصو نوٽ ڪري ان مان تدريس ۾ فائدو وٺندا هئا.

لائبريري جي اهميت ۽ ورثو

[سنواريو]

سندن لائبريري ۾ ڪجهه اهڙيون قديم مطبوعات ۽ ناياب نسخا به شامل هئا، جيڪي برصغير جي ابتدائي علمي مرڪزن (مثال طور دهلي، لکنهو، بمبئي ۽ لاهور) مان شايع ٿيا هئا. پاڻ انهن ڪتابن کي وڏي اهتمام سان محفوظ ڪيو.

  • عام فيض: هي لائبريري صرف ذاتي استفادي تائين محدود نه هئي، بلڪه پاڻ پنهنجن شاگردن، اهلِ علم ۽ محققن کي به مطالعي ۽ تحقيق لاءِ پنهنجي لائبريري مان فائدو وٺڻ جي اجازت ڏيندا هئا. ڪيترن ئي شاگردن پنهنجي علمي تحقيق ۾ انهن ئي ڪتابن مان مدد حاصل ڪري، بعد ۾ علمي خدمتون انجام ڏنيون.

حضرت مفتي صاحب عليه الرحمه جو هي علمي خزانو اڄ به درگاه راشديه پير جو ڳوٺ ۾ محفوظ آهي ۽ اهلِ علم لاءِ روشني جو مينار ۽ علمي ورثي جي علامت بڻجي چڪو آهي.

وصال

[سنواريو]

استاذُالعلماء، شيخُ الحديث، علامه مفتي محمد رحيم سڪندري صاحب عليه الرحمه پنهنجي پوري زندگي دين جي خدمت، درس و تدريس، تصنيف و تاليف ۽ اصلاحِ اُمت ۾ وقف ڪري ڇڏي. پاڻ بيشمار شاگردن کي علم و عمل، زُهد و تقوىٰ ۽ عشقِ رسول ﷺ جو پيڪر بنايائون. سندن علمي ۽ روحاني فيض اڄ به ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جاري ۽ ساري آهي.

تاريخِ وصال:

20 ربيع الآخر 1447ھ، بمطابق 14 آڪٽوبر 2025ع، اڱاري جي ڏينهن، عصر جي وقت پاڻ هن فاني دنيا مان رخصت ٿي، پنهنجي خالقِ حقيقي سان وڃي مليا. ان وقت سندن عمرِ مبارڪ 84 ورهيه هئي.

سوڳ ۽ جنازي ۾ شموليت:

سندن وصال جي خبر جبل جي باھ وانگر سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي ۽ عالمن و مشائخ، شاگردن و عوام، سڀني جا دل غم ۽ اندوهه (ڏک) سان ڀرجي ويا.

  • نمازِ جنازه: سندن نمازِ جنازه درگاه شريف پير جو ڳوٺ ۾ ٻئي ڏينهن صبح جو ڏھين بجي ادا ڪئي وئي.
  • عظيم اجتماع: ان موقعي تي پاڪستان جي مختلف شهرن، جهڙوڪ: ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور، ڪوئيٽا، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، سانگهڙ، گهوٽڪي، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ٻين علائقن مان لڳ ڀڳ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي.

جنازي ۾ سوين مفتيانِ ڪرام، هزارين عالم، حافظ، قاري ۽ شاگردن سان گڏوگڏ سڄي ملڪ جا پيرانِ عظام، مشائخِ طريقت، خانقاهن جا سجاده نشين ۽ ديني مدرسن جا منتظم به شريڪ هئا. ان کان علاوه، ڪيتريون ئي سياسي و سماجي شخصيتون، سرڪاري و غير سرڪاري ادارن جا نمائندا ۽ عوامي اڳواڻن به پنهنجي حاضريءَ سان حضرت سان پنهنجي عقيدت و تعلق جو اظهار ڪيو. هي عظيم اجتماع پنهنجي روحانيت، اجتماعيت ۽ عقيدت و محبت جي منظرن سبب نه رڳو سنڌ پر پوري پاڪستان جي ديني تاريخ ۾ هڪ يادگار حيثيت رکي ٿو.

تدفين

[سنواريو]

نمازِ جنازه سندن هڪ خاص شاگرد جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي. ان کان پوءِ کين درگاه شريف پير جو ڳوٺ سان لاڳاپيل "عبدالله فقير ڪاتيار" قبرستان ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو.

سندن مزار اهلِ علم، شاگردن، عالمن ۽ عوام لاءِ اڄ به فيضان و هدايت ۽ روحاني سڪون جو مرڪز آهي.

الله تعاليٰ حضرت مفتي محمد رحيم سڪندري عليه الرحمه جا درجا بلند فرمائي، سندن قبر کي نور ۽ رحمت سان منور ڪري ۽ اسان سڀني کي سندن علم، عمل ۽ فيض مان هميشه مستفيد ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين يا رب العالمين بجاه سيد المرسلين ﷺ.