مظهر ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


مظهر ابڙو

ابڙو مظهر ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ٽي وي ڊراما ليکڪ ۽ شاعر ھو[1]. مظهر ابڙو ولد منظور حسين ابڙو 25 اپريل 1971ع تي خيرپور جي تعلقي ڪنگري جي ڳوٺ ڪولاب جيئل ۾ پيدا ٿيو[1]. هن ابتدائي تعليم ڪولاب جيئل جي پرائمري اسڪول مان، مئٽرڪ ميرپور ماٿيلي مان، بي. اي. ڊگري ڪاليج خيرپور مان، ايم. اي. (سنڌي ۽ ايڪنامڪس) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان ڪئي[1]. پيشي جي لحاظ کان ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، سنڌ ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر ھو[1]. سنڌ جي ڪهاڻيڪارن ۾ سندس شمار سٺن ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو.

ايوارڊ[سنواريو]

سندس علمي پورھئي جي ڪري هُو ڪيترائي ايوارڊ ماڻي چڪو آهي[1]، جن ۾ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد جو شاھ عبداللطيف ڀٽائي (رح) قومي صدارتي ايوارڊ[1] ۽ ڪيش پرائيز، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي ۽ ثقافت کاتي سنڌ جو سچل سرمست (رح) ايوارڊ[1]، ماھوار نئين زندگي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، حيدرآباد جو شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت جو ’نسيم کرل‘ ايوارڊ، ماهوار ’سوجهرو‘ ڪراچيءَ جو بهترين ناول نگار ايوارڊ[1] ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ شامل آهن.

ادبي ڪم[سنواريو]

سـنــدس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ڌرتيءَ تي وکريل ٽانڊا (ڪهاڻيون) (2) خُواب - کوٽا سِڪا (ڪهاڻيون) (3) جيون- اجاڙ رستا (ناول) (4) سرد خاني ۾ رکيل خُواب (ڪهاڻيون) (5) درد جي آس پاس (شاعري) (6) خوابن جو سفر (ناول/ڪٿا) (7) سڪل نديءَ جا نشان (ڪھاڻيون) شامل آهن[1].

مظھر ابڙو جُونِ 16, 2009 ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي تمام ٿورڙي ڀاڱيداري پڻ ڪئي ھئي[2].

وفات[سنواريو]

مظھر ابڙو 25 مارچ 2024ع تي وفات ڪئي[1].

.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 "مظهر ابڙو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-03-25. 
  2. "مظهر ابڙو لاءِ واپرائيندڙ جون ڀاڱيداريون - وڪيپيڊيا". sd.wikipedia.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-03-25. 
  3. ابڙو مظهر : (Sindhianaسنڌيانا)