مصنوعي انتخاب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھٿرادو چونڊ يا مصنوعي انتخاب (Artificial selection) ڪنھن بہ جسماني توڙي دماغي خصوصيت تي جيڪڏهن بار بار زور ڏبو يا ان کي ھر ھر استعمال ڪبو تہ اھا خصوصيت ڪافي وقت گذرڻ بعد گھڻي قدر نمايان حيثيت حاصل ڪري ويندي، ۽ پوء ان جو پشت بہ پشت ظاهر ٿيڻ فطري طور ٿيندو رھندو. سائو گلاب، بنا ڪنڊي مڇي ۽ بنا ککڙيء انگور، صوف، ڪيلو، نارنگي ۽ انناس وغيره اھڙي ئي انتخاب رستي پيدا ڪيا ويا آهن. نباتات يا حيوانات ۾ اھڙي طرح خاص تبديلين آڻڻ واري طريقي کي ھٿرادو چونڊ چيو وڃي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، صفحو:12