مسعود احمد برڪاتي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مسعود احمد برڪاتي اديب، صحافي ۽ ايڊيٽر. راجپوتانا جي ٽونڪ رياست ۾ 15 آگسٽ 1933ع تي ڄائو.[1]

خدمتون[سنواريو]

شاگرديءَ واري زماني کان لکڻ جو شوق ٿيس. 14 سالن جي عمر ۾ پنهنجي ڏاڏي علامه حڪيم برڪات احمد جي نالي تي ماهوار رسالو ’البرڪات‘ جاري ڪيائين. اردو، فارسيءَ، عربيءَ ۽ طب جي تعليم دارالعلوم خليليه ۾ ۽ انگريزي تعليم گهر ۾ پنهنجي استاد کان ورتائين. 16 سالن جي عمر ۾ انجمن ترقي اردو ڪراچيءَ جي رسالي ’معاشيات‘ ۾ سلسليوار مضمون لکيا، جن کي باباءِ اردو ساراهيو. 1952ع کان همدرد فائونڊيشن سان لاڳاپيل آهي. 1953ع کان ٻارڙن جي مقبول رسالي ”همدرد نونهال“ جو چيف ايڊيٽر آهي. اردو ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ ۾ ٻيو ڪو اديب مسلسل اڌ صديءَ تائين ٻارڙن جي ادب سان لاڳاپيل ۽ ٻارڙن جي رسالي جو ايڊيٽر نه رهيو آهي. اي. پي. اين. ايس (APNS) پاران 2 مارچ 1996ع تي برڪاتي صاحب کي پاڪستان جي سڀ کان سينيئر پروفيشنل ايڊيٽر جي حيثيت ۾ نشان سپاس پيش ڪيو ويو. برڪاتي صاحب ماهوار ”همدرد صحت“ جو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر پڻ آهي. مختلف علمي، ادبي، سماجي ادارن ۽ انجمنن جي ميمبر هجڻ سان گڏوگڏ همدرد وقت جي ٽرسٽ ۽ پبليڪيشنز ڊويزن جو سينيئر ڊائريڪٽر آهي. اردو، فارسيءَ، عربيءَ ۽ انگريزيءَ سان گڏ روسي ٻولي به ڄاڻي ٿو. پرڏيهي ملڪن ۾ مختلف علمي ڪانفرنس ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ۽ صدارت ڪري مقالا پڙهي چڪو آهي. ماهوار ”عرفان“ ڪراچي ۽ ماهوار ”سائنسي دنيا“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر به رهيو آهي. يونيسڪو جي ماهوار ”ڪوريئر“ جي اردو حصي ”پيامي“ جو سهڪاري ايڊيٽر رهيو آهي.[1]

مشھور تصنيفون[سنواريو]

ملڪ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ برڪاتي صاحب جا جيڪي علمي، تحقيقي، ادبي، نفسياتي ۽ سوانحي مضمون شايع ٿي چڪا آهن، انهن جو ڳاڻيٽو بيشمار آهي. سندس قابل ذڪر تصنيفون، تاليفون ۽ ترجما هي آهن: ’جوهر قابل‘ (مولانا محمد علي جوهر جي ڪهاڻي ۽ ڪارناما)، ’صحت ڪي الف بي‘ (حڪيم محمد سعيد جا طبي مشورا)، ’دو مسافر دو ملڪ‘ (اردوءَ ۾ ٻارڙن جو پهريون سفرنامو)،’مونٽي ڪرسٽو ڪا نواب‘ (اليگزينڊر ڊوما جو ترجمو)، ’پياري سي پهاڙي لڙڪي‘ (ناول، ترجمو)، ’ايڪ کلا راز‘، ’وه ڀي ڪيا دن ٿي‘، (ترتيب)، ’هزارون خواهشين‘ (چارلس ڊڪنس جي ناول جو ترجمو)، ’صحت ڪي 99 نڪتي‘، ’فرهنگ اصطلاحات طب‘ (نظرثاني)، ’چور پڪڙو‘ (مضمونن جو مجموعو)، ’تين بندوقچي‘ (ترجمو)، ’سعيد پاري‘ (ترتيب) ۽ ’مرد درويش‘ (ترتيب).[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 برڪاتي، مسعود احمد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال 2012ع