مواد ڏانھن هلو

مسجد امير خاني ٺٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امير خاني مسجد ٺٽي جي شاهجهاني مسجد جي اُتر-اولهه ۾ ڪئنڊ تي، سؤ قدم پري، گنبذ واري هڪ ننڍي چؤديواري ۾ موجود آهي، اها مسجد امير خاني آهي، جنهن کي امير خان، ابو البقا جيڪو امير خانن جو وڏو هو ۽ جنهن ٺٽي تي ٻه دفعا گورنري ڪئي، ٺهرايو. انهيءَ مسجد جي سلسلي ۾ به اهائي روايت آهي ته مڙهي ڊهرائي مسجد ٺهرائي ويئي. اها مسجد ڀائي خان جي محلي چوڪ ملڪ مان ۽ چوڪ عبدالغنيءَ جي وچ ۾ هئي. ٻارهين صديءَ ۾ مسجد سان متصل ٺٽي جي مشهور شاعر خاندان شيخ محمد مريد قانونگو جو گهر هو. محمد محفوظ سرخوش ان جو پٽ هو ۽ ميان قمرالدين عشرت سندس ڏوهٽو هو. شيخ محمد مريد 1171 ھجري ۾ وفات ڪئي، ۽ ان بعد به سندس اولاد انهيءَ گهر ۾ رهندي آئي.

اها مسجد 1039 ھجري ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ سال 1040 ھجري ۾ جُڙي تيار ٿي. هيٺينءَ طرح انهيءَ مسجد تي ڪتبا لڳل آهن:

ڏاکڻي ديوار تي اندران؛

"همين کردم طلب سالِ بنايش
خرد گفتـﮧ کـﮧ "بيت الله باني" (1039 ھجري)"

مسجد جي ڪوٺيءَ اندر داخل ٿيڻ لاءِ اوڀر کان هڪ دروازو آهي، انهيءَ دروازي جي اتر ۾ ٻاهران هي ڪتبو آهي؛

"اين مسجد بهشت نشان را بنا نهاد
مهِرَ سپهر دولت و اقبال اميرخان

دروازي جي ڏکڻ کان، ٻاهرئين طرفان:

"چون ختم بود، در همـﮧ اوصاف فيض و لطيف
سال تمام گشتن او نيز ”ختم“ دان (1040 ھجري)

ظاهر آهي ته جنهن مسجد هڪ سال ٺهڻ ۾ ورتو هوندو، اها فقط اها ڪوٺي ڪانه هوندي، جيڪا اڄ موجود آهي، ضرور مسجد خوبصورت ۽ ڪشادي هوندي. جتان رستو وڃي ٿو، اتي ضرور مسجد جو صحن هوندو.

مقالات الشعرا ۾ ملتفت خان مير عبدالڪريم امير خان، جيڪو امير ابوالبقا جو فرزند هو، ان کي اُن مسجد جو باني لکيو ويو آهي، جا روايت سراسر غلط آهي، البت تحفـﺔ الڪرام ۾ مير قانع صحيح لکيو آهي ته مسجد ابوالبقا اميرخان ٺهرائي.

مسجد زبون ٿي چڪي هئي، ٽي چار سال ٿيا جو ان مسجد جي پي.ڊبليو.ڊي وارن مرمت ڪئي آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون؛ پير حسام الدين راشدي؛ ايڊيشن: 1981؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.