مواد ڏانھن هلو

مسجد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جامع مسجد دھلي

مسجدانگريزي (انگريزي: Masjid ) اسلامي زندگي جو ھڪ اھڙو مرڪز آهي جنھن جي چوڌاري مسلمانن جي سموري زندگي گردش ڪندي رھي ٿي. نبي ﷺ مديني پھچندي سڀ کان پھريون مسجد جو انتظام ڪيو[1]. سجدي مان ورتل آهي جنهن جو مطلب جتي نماز پڙهي ﷲ کي سجدو ڪيو وڃي. مسلمانن جي عبادت گاهہ کي مسجد چيو ويندو آهي.عام طور تي ان کي نماز جي لاء استعمال ڪيو ويندو آهي پر تاریخي طور تي هي ڪافي حوالن سان اهم آهي جيئن عبادت ڪرڻ لاء، مسلمانن جي اجتماع جي لاء، تعلیمي مقصدن لاء ايسيتائين جو مسلمانن جي ابتدائي زماني ۾ مسجدِ نبوي کي پرڏيهي ملڪن کان اچڻ وارن وفدن سان ملاقات ۽ تبادلہ خیال جي لاء بہ استعمال ڪيو ويو آهي۔ مسجدن (مسجد جو جمع) مان مسلمانن جي اولین یونیورسٽین) بہ جنم ورتو آهي. ان کان علاوہ اسلامي طرزِ تعمیر بہ بنیادي طور تي مسجدن مان ترقي پاتي.

مسجد جا آداب

[سنواريو]

حنفي فقه مطابق مسجد جا ڪيترائي آداب ھوندا آھن جن ۾ شامل آهن: مسجد ۾ داخل ٿيندي سڄو پير اندر رکڻ ۽ ٻاھر نڪرندي سڀ کان پھريون کاٻو پير ٻاھر ڪڍڻ، داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ وقت مسنون دعائون پڙھڻ، ويھڻ کان اڳ بہ رڪعتون نفل پڙھڻ، سڪون سان ويھڻ، بدبودار شيون کڻي اچڻ کان پاسو ڪرڻ، ننڊ ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ وغيره شامل آهن[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 206,207