مواد ڏانھن هلو

مستنصر حسن تارڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مستنصرحسين تارڙ اردو ٻوليءَ جو نامياريو اديب، سفرنامو نگار ۽ ٽيليويزن ڪمپيئر آھي. سندس جنم پهرين مارچ 1939ع تي پنجاب جي ھڪ ڳوٺ ”جوڪليان“ ۾ ٿيو.[1]

ھن شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، بعد ۾ لاهور منتقل ٿي ’مشن هاءِ اسڪول‘ ۽ پوءِ ’مسلم ماڊل هاءِ اسڪول‘ مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. ان کان پوءِ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ داخلا ورتائين. 1950ع ڌاري ھو لنڊن ويو، جتي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ بعد وطن موٽي آيو.

1957ع ۾ مستنصرحسين تارڙ ماسڪو ۾ ٿيل ”ورلڊ يوٿ فيسٽيول“ ۾ شرڪت ڪئي، جنھن کان پوءِ سندس پھريون سفرنامو ”لنڊن سي ماسڪو تڪ“ شايع ٿيو. کيس اخباري دنيا ۾ روزاني نواءِ وقت جي ايڊيٽر مجيد نظامي متعارف ڪرايو، جڏھن ھو لنڊن ۾ اخبار جو نمائندو ھو.

1968ع ڌاري مستنصرحسين پاڪستان ٽيليويزن (PTV) تي اداڪاريءَ جو موقعو حاصل ڪيو، جتي ھن اشفاق احمد جي ھڪ ڊرامي ۾ اداڪاري ڪئي. بعد ۾ ھن پي ٽي وي جي صبح واري پروگرام جي ڊگھي عرصي تائين ميزباني پڻ ڪئي. ان دوران ھن لکڻ جو سلسلو به جاري رکيو.

مستنصرحسين تارڙ لڳ ڀڳ 30 ڪتاب لکيا آھن، جن ۾ سفرناما، افسانا ۽ ناول شامل آھن.

اهم تصنيفون

[سنواريو | ذريعو سنواريو]
  • خانہ بدوش
  • جپسي
  • اندلس مين اجنبي
  • پيار ڪا پھلا شھر
  • نانگا پربت
  • هنزه داستان
  • شمشال بي مثال
  • شاهگوري
  • سفر شمال ڪي
  • گڌي هماري دوست هين
  • ڪالاش
  • ياڪ سرائي
  • ديو سائي
  • چترال داستان
  • ڪاروان سرائي
  • الو هماري ڀائي هين
  • چڪ چڪ
  • ڪي. ٽو ڪھاني
  1. "تارڙ مستنصرحسين : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 15 جنوري 2021۔