مستقبل بيني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مستقبل بيني (Futurism) ادبي ۽ فني تحريڪ جيڪا 1905ع ۾ Thomas Marinelti شروع ڪئي. بوڪ سيان (Boccion) ۽ سيوريني (Severini) جهڙا اٽالين فنڪار هن تحريڪ جا باني هئا.ڪينواس تي حرڪت (Motion) پلٽائڻ هن تحرڪ سان لاڳاپيل فنڪارن هن عمل جي وسيلي ترقي پذير دنيا جو فني اظهار چاهيو ٿي، دنيا جيڪا تيز رفتار موٽر ڪارن ۽ ميڙاڪن سان ڀريل روڊن جي دنيا آهي. دنيا جي تيز رفتاري ۽ وڌندڙ صفتي اثر جي ڪري زندگيءَ تمام اڳتي ڏسڻ. يعني زمان حال ۾ ويهي مستبقل کي چٽي طرح ڏسڻ، پرکڻ. هن تحريڪ هيٺ ادب ۽ موسيقي ۾ روايتي گهاڙيتن سان نڪري حرڪت ۽ اوسر کي ظاهر ڪرڻ لڳي. سنڌي جو نوجوان ڪهاڻيڪار طارق قريشي مستقبل بينيءَ سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.