مسبع

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مسبع (Septet) ”مسبع“ عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ستن مصرعن وارو شعر“. اصطلاحي معنيٰ موجب، مسبع اهو نظم آهي، جنهن جي هر هڪ بند ۾ ست مصرعون ٿين ٿيون، جن مان پهريون ڇهه مصرعون هڪ ٻئي سان هموزن ۽ هم قافيه ٿينديون آهن ۽ ستين مصرع مٿين ڇهن مصرعن سان وزن ۾ ساڳي، پر قافيي ۾ مختلف هوندي آهي. مسبع جو پهريون بند اڪثر سڄوئي هم قافيه ٿيندو آهي ۽ باقي هر هڪ بند جي پوئين (ستين) مصرع پهرئين بند سان هم قافيه هوندي آهي.شاعريءَ جي هن صف ۾ هر قسم جو موضوع پيش ڪري سگهجي ٿو.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي