مواد ڏانھن هلو

مسالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گاري سان پاڻ ۾ ڳنڍيل پراڻيون سرون

مسالو' (انگريزي: سيمينٽ مارٽر/Mortar) هڪ ڪم لائق چنبڙائيندڙ ليپ آهي، جيڪو سخت ٿيڻ کان پوءِ پٿر، سر ۽ ڪنڪريٽ ميسنري يونٽ جهڙن عمارت سازيءَ جي بلاڪن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. اهو انهن جي وچ ۾ موجود اڻبرابر خالن کي ڀرڻ ۽ بند ڪرڻ، انهن جو وزن هڪجهڙائيءَ سان ورهائڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ميسنري ڀتين کي آرائشي رنگ يا نمونا ڏيڻ لاءِ پڻ استعمال ٿيندو آهي. وسيع مفهوم ۾ مسالي ۾ پچ، اسفالٽ ۽ نرم مٽي جهڙا اهي مادا پڻ شامل آهن، جيڪي سرن جي وچ ۾ استعمال ٿيندا آهن، ان سان گڏ سيمينٽ جو گارو پڻ شامل آهي. انگريزي لفظ مارٽر پراڻي فرانسيسي لفظ مورتيئي:mortier مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ ”معمار جو گارو، پلستر؛ ملائڻ جو ٿانو“ آهي ۽ ان جو استعمال 13هين صديءَ کان ملي ٿو.[1]

سيمينٽ جو گارو پاڻي جي ترائي دوران سخت ٿي هڪ مضبوط مجموعي ڍانچو ٺاهي ٿو؛ تنهن هوندي به، رازڪي ڪم ۾ مسالو عام طور عمارت سازيءَ جي بلاڪن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور جزو رکيو ويندو آهي ۽ قربانيءَ واري عنصر طور ڪم ڪندو آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ خراب ٿيل سرن يا پٿرن جي ڀيٽ ۾ گاري جي مرمت ڪرڻ وڌيڪ آسان ۽ گهٽ خرچائتو هوندو آهي.

رازا عام طور ريتي، ٻنڌيندڙ مادي ۽ پاڻيءَ کي ملائي گارو تيار ڪندا آهن. 20هين صديءَ جي شروعات کان وٺي سڀ کان عام ٻنڌيندڙ مادو پورٽلينڊ سيمينٽ رهيو آهي، جڏهن ته قديم زماني کان استعمال ٿيندڙ چونو، جنهن مان چوني جو گارو تيار ٿيندو آهي، اڄ به ڪجهه خاص قسم جي نئين اڏاوتن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

چونو، چوني جو گارو ۽ پلستر آف پيرس جي صورت ۾ جپسم خاص طور تاريخي عمارتن ۽ اڏاوتن جي مرمت ۽ ري پوائنٽنگ ۾ استعمال ٿيندا آهن، جيئن مرمت ۾ استعمال ٿيندڙ مواد جي ڪارڪردگي ۽ ظاهري صورت اصل تعميراتي مواد سان ممڪن حد تائين مشابهت رکي. سيمينٽ جي گاري جا ڪيترائي قسم موجود آهن ۽ ان جي خاصيتن ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ مختلف اضافي مادا پڻ استعمال ڪيا ويندا آهن.

قديم مسالو

[سنواريو]

قديم دور ۾ استعمال ٿيندڙ شروعاتي مسالا مٽي ۽ چيڪي مٽيءَ مان تيار ڪيا ويندا هئا.[2] اهڙي مسالي جي استعمال جا مثال ڏهين هزار سال قبل مسيح جي جيريڪو ۽ اٺين هزار سال قبل مسيح جي گنج دره جي عمارتن مان مليا آهن.[2]

رومن گرشمن موجب، مسالي جهڙي تعميراتي مواد جي استعمال جي شروعاتي ثبوتن مان هڪ مهرڳڙهه مان ملي ٿو، جيڪو موجوده پاڪستان جي بلوچستان ۾ واقع آهي. اتي لڳ ڀڳ 6500 ق.م. ۾ اُس ۾ سڪايل سرن سان عمارتون تعمير ڪيون ويون هيون.[3]

جپسم جو مسالو

[سنواريو]

جپسم جو مسالو ، جنهن کي پلاسٽر آف پيرس سان لاڳاپيل مسالو پڻ چيو وڃي ٿو، ڪيترين قديم عمارتن جي تعمير ۾ استعمال ٿيندو هو. اهو جپسم مان تيار ڪيو ويندو آهي، جنهن کي چوني جي ڀيٽ ۾ گهٽ گرمي پد تي ساڙڻ جي ضرورت پوي ٿي. ان ڪري ان جي تياري نسبتاً آسان ۽ ڄمڻ جو عمل تيز هوندو آهي. اهو ئي سبب ٿي سگهي ٿو جو قديم سرن جي محرابن ۽ گنبذي اڏاوتن ۾ جپسم جو مسالو وڏي پيماني تي استعمال ٿيندو هو. تنهن هوندي به، آلي يا گهڻي نمي واري ماحول ۾ جپسم جو مسالو ٻين ڪيترن مسالن جي ڀيٽ ۾ گهٽ جٽادار هوندو آهي.[4]

سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب

[سنواريو]

سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي آثارن مان مختلف قسمن جا ڳنڍيندڙ تعميراتي مواد مليا آهن. موئن جي دڙي، جنهن جي شهري آبادي 2600 ق.م. کان به اڳ جي آهي، مان جپسم تي ٻڌل سيمينٽي مواد جي استعمال جا ثبوت مليا آهن.

موهن جي دڙي ۾ کوهن، نالين ۽ ڪجهه اهم عمارتن جي ٻاهرين سطحن تي جپسم تي ٻڌل مسالو استعمال ڪيو ويو هو. تحقيق موجب ان مواد جو رنگ هلڪو ڀورو هو ۽ ان ۾ ريتي، چيڪي مٽي، ڪيلشيم ڪاربونيٽ جا آثار ۽ چوني جو مقدار شامل هو. موهن جي دڙي جي وڏي حوض ۾ بٽومين (Bitumen) تي ٻڌل مسالو پڻ استعمال ٿيو هو، پر ان جو استعمال نسبتاً محدود هو.[5][6]

قديم مصر ۽ بابل

[سنواريو]

قديم مصر جي پراڻي بادشاهت واري دور، لڳ ڀڳ 2600 کان 2500 ق.م.، جي شروعاتي اهرامن ۾ چن جي پٿر جي بلاڪن کي مٽي ۽ چيڪي مٽي يا چيڪي مٽي ۽ ريتيءَ جي مسالي سان ڳنڍيو ويندو هو. بعد وارن مصري اهرامن ۾ جپسم يا چوني تي ٻڌل مسالا استعمال ٿيا. جپسم جو مسالو بنيادي طور پلاسٽر ۽ ريتيءَ جي ملاوٽ تي مشتمل هوندو هو ۽ نسبتاً نرم هوندو هو.

ٻئي هزار سال قبل مسيح دوران بابلي تعميرات ۾ پڻ چوني يا رال جو تارڪول کي مسالي طور استعمال ڪيو ويندو هو.

قديم يونان ۽ روم

[سنواريو]

قديم يونان ۾ مسالي ۽ ڪنڪريٽ جي ٽيڪنالاجي وڌيڪ ترقي ڪئي. ميگارا جي هڪ زيرزمين آبي نالي جي کوٽائيءَ مان اهڙو حوض مليو، جنهن تي لڳ ڀڳ 12 ملي ميٽر ٿلهي پوزولاني (Pozzolan) مسالي جي تهه چڙهيل هئي. اهو آبي نظام لڳ ڀڳ 500 ق.م. جو سمجهيو وڃي ٿو.

پوزولاني مسالو چوني تي ٻڌل مسالو آهي، جنهن ۾ آتش فشاني رک شامل ڪئي ويندي آهي. ان خاصيت سبب اهو پاڻيءَ هيٺ به سخت ٿي سگهي ٿو ۽ ان کي هائيڊرالڪ خاصيت رکندڙ مواد شمار ڪيو وڃي ٿو. يوناني آتش فشاني خاڪ سانتوريني ۽ نيسيروس جهڙن ٻيٽن، ۽ بعد ۾ اٽليءَ ۾ موجود قديم يوناني آبادي ڊيڪيارڪيا، موجوده پوزوولي مان حاصل ڪندا هئا. رومن بعد ۾ پوزولاني مسالي ۽ سيمينٽ جي تياريءَ ۽ استعمال جي طريقن کي وڌيڪ ترقي ڏني.

رومن پوزولانا موجود نه هئڻ جي صورت ۾ ڀڳل ٽيراڪوٽا پڻ استعمال ڪندا هئا، جنهن سان مسالي ۾ ايلومينيم آڪسائيڊ ۽ سليڪان ڊاءِ آڪسائيڊ شامل ٿيندا هئا. اهڙو مسالو پوزولاني مسالي جيترو مضبوط نه هوندو هو، پر وڌيڪ گهاٽو هجڻ سبب پاڻيءَ جي داخل ٿيڻ خلاف بهتر مزاحمت ڪندو هو.

قديم چين

[سنواريو]

قديم چين ۾ آتش فشاني رک جي کوٽ سبب يوناني ۽ رومي طرز جو هائيڊرالڪ مسالو عام نه هو. لڳ ڀڳ 500ع ڌاري چنبڙندڙ چانورن جو مسالو تيار ٿيڻ لڳو، جنهن ۾ چنبڙندڙ چانورن جي محلول کي ٺاريل چن سان ملايو ويندو هو. هي نامياتي ۽ غيرنامياتي جزن تي مشتمل مرڪب مسالو عام چوني جي مسالي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ پاڻيءَ جي خلاف وڌيڪ مزاحمتي هو.[7]

وچئين دور ۾ استعمال

[سنواريو]

قديم يونانين ۽ رومن وٽ هائيڊرالڪ مسالي ۽ سيمينٽ جي تياريءَ جا ترقي يافته طريقا موجود هئا، پر انهن مان ڪجهه ٽيڪنالاجيون بعد جي دورن ۾ وڏي پيماني تي استعمال هيٺ نه رهيون. وچئين دور ۾ گوٿڪ گرجا گهرن سميت ڪيترين يورپي اڏاوتن ۾ مسالي جو بنيادي فعال جزو چن هو. سخت ٿيل چوني جو مسالو مسلسل پاڻي ۽ نميءَ جي اثر هيٺ خراب ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب ڪيترين تاريخي اڏاوتن کي وقت سان برسات ۽ نميءَ کان نقصان پهتو.

عام پورٽلئنڊ سيمينٽ جو مسالو

[سنواريو]
پورٽلئنڊ سيمينٽ جي مسالي سان سرون لڳائڻ
5 US gal (19 L) گنجائش واري بالٽيءَ ۾ صاف پاڻي ۽ ٻوريءَ مان ورتل مسالو ملائيندي.

عام پورٽلئنڊ سيمينٽ جو مسالو، جنهن کي عام طور او پي سي مسالو يا رڳو سيمينٽ جو مسالو چيو ويندو آهي، پائوڊر ٿيل عام پورٽلئنڊ سيمينٽ، سنهو مجموعو ۽ پاڻي ملائي تيار ڪيو ويندو آهي. ان جو پيٽنٽ جوزف ايسپڊن ؛ 21 آڪٽوبر 1824ع تي حاصل ڪيو (برطانوي پيٽنٽ نمبر 5022)، جيڪو گهڻي ڀاڱي وڌيڪ مضبوط مسالا تيار ڪرڻ جي ڪوششن جو نتيجو هو. اڻويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ان جو استعمال مقبول ٿيو ۽ 1930ع تائين تعميراتي مواد طور چوني جي مسالي کان وڌيڪ مقبول ٿي ويو. پورٽلئنڊ سيمينٽ جو هڪ فائدو اهو آهي ته اهو تيزيءَ سان ڄمي سخت ٿئي ٿو، جنهن سان تعميراتي ڪم وڌيڪ تيزيءَ سان ڪري سگهجي ٿو ۽ چوني جي مسالي جي ڀيٽ ۾ گهٽ ماهر ڪاريگرن جي ضرورت پوي ٿي.

عام اصول طور، چوني جي مسالي سان ٺهيل پراڻين عمارتن جي مرمت يا جوڙن جي ٻيهر ڀرائي لاءِ پورٽلئنڊ سيمينٽ استعمال نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهڙين اڏاوتن جي مناسب ڪارڪردگيءَ لاءِ چوني جي لچڪ، نرمي ۽ ٻاڦ گذارڻ واري خاصيت ضروري هوندي آهي.[8][9]

آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ نئين تعمير ۽ مرمت لاءِ عام طور مسالي جا پنج معياري قسم استعمال ٿيندا آهن، جيڪي اڳواٽ سڪل ملاوٽ جي صورت ۾ پڻ دستياب هوندا آهن. هر قسم جي مسالي جي مضبوطي ان جي ملاوٽ جي تناسب مطابق مختلف هوندي آهي، جنهن جا معيار اي ايس ٽي ايم (ASTM) پاران مقرر ڪيا ويا آهن. انهن اڳواٽ ملايل مسالن کي پنجن اکرن M، S، N، O ۽ K مان ڪنهن هڪ سان سڃاتو ويندو آهي. M قسم جو مسالو سڀ کان وڌيڪ مضبوط، جڏهن ته K قسم جو سڀ کان گهٽ مضبوط هوندو آهي. ملاوٽ جو تناسب هميشه حجمي بنياد تي پورٽلئنڊ سيمينٽ : چن : ريتي جي صورت ۾ ظاهر ڪيو ويندو آهي.

مسالي جو قسم پورٽلئنڊ سيمينٽ چن ريتي لڳ ڀڳ مضبوطي (پي ايس آءِ)
M 1 1⁄4 3+1⁄2 2500
S 1 1⁄2 4+1⁄2 1800
N 1 1 6 750
O 1 2 9 350
K 1 3 12 75

بظاهر، انهن قسمن جا اکر انگريزي اصطلاح Masonry Work جي متبادل اکرن M-S-N-O-K مان ورتل آهن.[10]

پوليمر سيمينٽ جو مسالو

[سنواريو]

پوليمر سيمينٽ جا مسالا؛ (PCM) اهڙا تعميراتي مواد آهن، جن ۾ روايتي سيمينٽ جي مسالي جي هائيڊريٽ ٿيل ڳنڍيندڙ مادي جو ڪجهه حصو پوليمر سان مٽايو ويندو آهي. پوليمري ملاوٽن ۾ ليٽڪس يا ايمولشن، ٻيهر ڦهلجندڙ پوليمر پائوڊر، پاڻيءَ ۾ حل ٿيندڙ پوليمر، پاڻياٺي ٿرموسيٽ رالون ۽ مونومر شامل آهن.[11]

پوليمر کي اضافي مادي طور استعمال ڪرڻ سان مسالي جي قيمت وڌي ٿي، پر ان جون ڪجهه خاصيتون بهتر ٿين ٿيون. پوليمر مسالي جي نفوذ پذيري گهٽ هوندي آهي، تنهنڪري روايتي سرن، بلاڪن يا پٿرن جي ڀتين جي مرمت ۾ ان جو استعمال نمي گڏ ٿيڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هي مسالو بنيادي طور ڪنڪريٽ جي اڏاوتن جي مرمت لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي.

مسالن ۾ ٻيهر حاصل ڪيل پلاسٽڪ جي استعمال تي تحقيق جاري آهي ۽ ان جو استعمال وڌي رهيو آهي.[12] مسالي جون خاصيتون بهتر ڪرڻ لاءِ پولي ايٿيلين ٽيريفٿاليٽ (PET) کي غير پوليمرائيز ڪري پوليمري ڳنڍيندڙ مادي طور استعمال ڪرڻ تي پڻ تحقيق ڪئي پئي وڃي.[13][14][15]

چوني جو مسالو

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو چوني جو مسالو

ڄمڻ جي رفتار وڌائڻ لاءِ بٺي ۾ غير خالص چن جو پٿر استعمال ڪري هائيڊرولڪ چن تيار ڪري سگهجي ٿو، جيڪو پاڻيءَ سان رابطي ۾ اچڻ تي ڄمي وڃي ٿو. اهڙي چن کي سڪل پائوڊر جي صورت ۾ محفوظ رکڻ ضروري هوندو آهي. ٻئي طريقي طور مسالي جي ملاوٽ ۾ پوزولان جهڙو مواد، مثال طور پچايل مٽي يا سرن جو چورو، شامل ڪري سگهجي ٿو. پوزولاني مواد پاڻيءَ سان ڪيميائي عمل ڪري مسالي جي ڄمڻ جي رفتار وڌائي ٿو.

انهن پراڻين عمارتن جي مرمت لاءِ، جيڪي اصل ۾ چوني جي مسالي سان تعمير ڪيون ويون هجن، پورٽلينڊ سيمينٽ جو مسالو استعمال ڪرڻ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو. چوني جو مسالو سيمينٽ جي مسالي جي ڀيٽ ۾ نرم هوندو آهي، جنهن سبب سرن جي اوساري ۾ زمين جي چرپر يا ٻين بدلجندڙ حالتن سان مطابقت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪجهه لچڪ موجود رهندي آهي. ان جي ابتڙ، سيمينٽ جو مسالو وڌيڪ سخت ۽ گهٽ لچڪدار هوندو آهي. هڪ ئي ڀت ۾ ٻنهي قسمن جا مسالا موجود هئڻ جي صورت ۾ انهن جي خاصيتن جو فرق سرن جي اوساري ۾ ڏار پوڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

چوني جي مسالي کي نمي گذار سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ اهو نمي کي پنهنجي اندر مان گذرڻ ۽ سطح تان ٻاڦ ٿيڻ جي اجازت ڏئي ٿو. وقت سان چرپر ڪندڙ پراڻين عمارتن جي ڀتين ۾ ڏار پيدا ٿي سگهن ٿا، جن مان مينهن جو پاڻي عمارت اندر داخل ٿي سگهي ٿو. چوني جو مسالو اهڙي نمي کي ٻاڦ بڻجي ٻاهر نڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، جنهن سان ڀت سڪل رهي ٿي. پراڻي ڀت جي جوڙن کي ٻيهر سيمينٽ جي مسالي سان ڀرڻ يا ان تي سيمينٽ جو پلستر ڪرڻ ٻاڦ ٿيڻ جي عمل کي روڪي سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ سيمينٽ جي پٺيان نمي گڏ ٿيڻ سان لاڳاپيل مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.

پوزولاني مسالو

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو پوزولانا

پوزولانا سنهي، واريءَ جهڙي ٻرندڙ جبل جي رک آهي. اها اصل ۾ اٽليءَ ۾ پوزوولي وٽ، ويسوويس جبل جي ويجهو دريافت ڪئي وئي ۽ اتان کوٽي ڪڍي ويندي هئي؛ بعد ۾ ٻين هنڌن تان پڻ حاصل ٿيڻ لڳي. رومن معلوم ڪيو تہ چوني جي مسالي ۾ پوزولانا ملائڻ سان چن نسبتاً تيزيءَ سان ڄمي ٿو ۽ پاڻيءَ هيٺ پڻ ڄمي سگهي ٿو. رومي معمار وٽروويوس پوزولانا جي چئن قسمن جو ذڪر ڪيو آهي. اٽليءَ جي مختلف ٻرندڙ جبلن وارن علائقن ۾ اها ڪاري، اڇي، ڀوري ۽ ڳاڙهي رنگن ۾ ملي ٿي. بعد ۾ ”پوزولانا“ اصطلاح اهڙي هر سليڪا ۽/يا ايلومينا تي ٻڌل ملاوٽي مادي لاءِ عام نالو بڻجي ويو، جيڪو ٺاريل چن ۾ شامل ڪري هائيڊرولڪ سيمينٽ تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.[16]

پوزولانا کي سنهو پيهي چن سان ملائڻ سان پورٽلينڊ سيمينٽ وانگر هائيڊرولڪ سيمينٽ ٺهي ٿو. ان مان تيار ڪيل مسالو مضبوط هوندو آهي ۽ پاڻيءَ هيٺ پڻ ڄمي سگهي ٿو.

پوزولانا ٺاهڻ لاءِ گهربل قدرتي مادا ڪن علائقن ۾ وڏي مقدار ۾ ملن ٿا، تنهنڪري اهڙن علائقن ۾ ان جو استعمال وڌيڪ عام رهيو آهي. وچ يورپ ۽ ڏکڻ يورپ جا ڪيترائي علائقا ان جا مثال آهن، خاص طور تي اتي موجود ٻرندڙ جبلن جي ڪري. انهيءَ سبب پوزولانا جو استعمال رومي سلطنت پاران تعمير ڪرايل ڪيترين وڏين اڏاوتن سان تاريخي طور لاڳاپيل رهيو آهي.

ريڊيوڪاربن تاريخڪاري

[سنواريو]

جيئن جيئن مسالو ڄمندو ۽ سخت ٿيندو آهي، تيئن ان وقت جي فضا مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ان ۾ جذب ٿي محفوظ ٿي ويندي آهي، جنهنڪري مسالي مان حاصل ڪيل نمونو تجزيي ۽ ريڊيوڪاربن تاريخڪاري لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. تنهن هوندي بہ ڪيترائي عنصر نموني تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا، جنهن سان تجزيي ۾ غلطيءَ جو امڪان وڌي سگهي ٿو.[17][18][19][20]

مسالي جي ريڊيوڪاربن تاريخڪاريءَ تي ڪم 1960ع واري ڏهاڪي ۾، هن طريقي جي قائم ٿيڻ کان ٿوري ئي عرصي پوءِ، شروع ٿي ويو هو (ڊيليبرياس ۽ لابيري 1964؛ اسٽوئور ۽ سمٿ 1965؛ فولڪ ۽ والاسٽرو 1976). شروعاتي انگ اکر وان اسٽريڊونڪ ۽ ساٿين (1983)، هائنيميئر ۽ ساٿين (1997)، ۽ رنگبوم ۽ ريمر (1995) مهيا ڪيا. بعد ۾ مختلف تحقيقي گروهن هن طريقي جي علمي ۽ فني پهلوئن کي وڌيڪ ترقي ڏني. انهن ۾ آبو اڪيڊمي يونيورسٽي جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ بين الاقوامي ٽيم، ۽ سرس، اي ٽي ايڇ زيڊ، پوزنان، رچ ۽ ميلانو-بيڪوڪا جي تجربيگاهن جون ٽيمون شامل هيون.

ريڊيوڪاربن تاريخڪاريءَ لاءِ انساني سرگرمين مان پيدا ٿيل ڪاربان کي ڪڍڻ جي مختلف طريقن جو جائزو وٺڻ، ۽ تاريخڪاريءَ جي مختلف طريقن، جهڙوڪ ريڊيوڪاربن ۽ آپٽيڪلي اسٽيميوليٽيڊ لومينيسينس (OSL)، جو پاڻ ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ پهريون تقابلي مطالعو، مسالو تاريخڪاري بين المقابلي مطالعو (MODIS)، قائم ڪيو ويو، جنهن جا نتيجا 2017ع ۾ شايع ٿيا.[21][22]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ "mortar n.1" entry آرڪائيو ڪيا ويا 2021-08-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., OED.
  2. 1 2 Artioli, G. (2019). "The Vitruvian legacy: mortars and binders before and after the Roman world". EMU Notes in Mineralogy 20: 151–202. https://www.minersoc.org/wp-content/uploads/2019/08/emu-20-04_Art.pdf. Retrieved 2020-05-11. آرڪائيو ڪيا ويا 2020-07-14 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  3. ↑ Khan, Aurangzeb. "Ancient Bricks". Aurangzeb Khan. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2021-08-29 تي محفوظ ڪيل. 2013-02-16 تي حاصل ڪيل.
  4. ↑ "Introduction to Mortars" (PDF). اصل نسخو (PDF) مان 2013-05-25 تي محفوظ ڪيل. 2014-04-03 تي حاصل ڪيل.
  5. ↑ O. P. Jaggi (1969), History of science and technology in India, Volume 1, Atma Ram
  6. ↑ Abdur Rahman (1999), History of Indian science, technology, and culture, Oxford University Press, ISBN 978-0-19-564652-8
  7. ↑ Yang Fuwei, Zhang Bingjian, Ma Qinglin (2010). "Study of Sticky Rice−Lime Mortar Technology for the Restoration of Historical Masonry Construction". Accounts of Chemical Research 43 (6): 936–944. doi:10.1021/ar9001944. PMID 20455571. https://archive.org/details/sim_accounts-of-chemical-research_2010-06_43_6/page/936.
  8. ↑ Masonry: the best of Fine homebuilding.. Newtown, CT: Taunton Press, 1997. Print. 113.
  9. ↑ "Information about Lime - LimeWorks.us". limeworks.us. اصل نسخو مان 2016-11-04 تي محفوظ ڪيل. 2016-11-02 تي حاصل ڪيل.
  10. ↑ John Melander (December 2006). "75 Years of Developing Mortar and Grout Standards for Masonry Construction". ASTM Committee C12. ASTM International. اصل نسخو مان 27 September 2019 تي محفوظ ڪيل. 27 September 2019 تي حاصل ڪيل.
  11. ↑ Polymer modified cements and repair mortars. Daniels LJ, PhD thesis Lancaster University 1992
  12. ↑ Khan, Kaffayatullah; Jalal, Fazal E.; Iqbal, Mudassir; Khan, Muhammad Imran; Amin, Muhammad Nasir; Al-Faiad, Majdi Adel (2022-04-23). "Predictive Modeling of Compression Strength of Waste PET/SCM Blended Cementitious Grout Using Gene Expression Programming" (en ۾). Materials 15 (9): 3077. doi:10.3390/ma15093077. ISSN 1996-1944. PMID 35591409. Bibcode: 2022Mate...15.3077K.
  13. ↑ Dębska, Bernardeta; Brigolini Silva, Guilherme Jorge (January 2021). "Mechanical Properties and Microstructure of Epoxy Mortars Made with Polyethylene and Poly(Ethylene Terephthalate) Waste" (en ۾). Materials 14 (9): 2203. doi:10.3390/ma14092203. ISSN 1996-1944. PMID 33923013. Bibcode: 2021Mate...14.2203D.
  14. ↑ Thorneycroft, J.; Orr, J.; Savoikar, P.; Ball, R. J. (2018-02-10). "Performance of structural concrete with recycled plastic waste as a partial replacement for sand" (en ۾). Construction and Building Materials 161: 63–69. doi:10.1016/j.conbuildmat.2017.11.127. ISSN 0950-0618. https://www.sciencedirect.com/science/article/pii/S0950061817323474. Retrieved 2022-05-26.
  15. ↑ Bahij, Sifatullah; Omary, Safiullah; Feugeas, Francoise; Faqiri, Amanullah (2020-07-15). "Fresh and hardened properties of concrete containing different forms of plastic waste – A review" (en ۾). Waste Management 113: 157–175. doi:10.1016/j.wasman.2020.05.048. ISSN 0956-053X. PMID 32534235. Bibcode: 2020WaMan.113..157B. https://www.sciencedirect.com/science/article/pii/S0956053X20302981.
  16. ↑ "pozzolana." Collins English Dictionary - Complete & Unabridged 10th Edition. HarperCollins Publishers. 14 May. 2014. <Dictionary.com http://dictionary.reference.com/browse/pozzolana آرڪائيو ڪيا ويا 2014-05-17 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.>
  17. ↑ Folk RL, Valastro S (1979). Dating of lime mortar by 14C (Berger R, Suess H. ڇاپو). Proceedings of the Ninth International Conference: Berkeley: University of California Press. ص. 721–730.
  18. ↑ "Mortar dating methodology: intercomparison of available methods.". Radiocarbon 59 (6). 2017.
  19. ↑ Hayen R, Van Strydonck M, Boaretto E, Lindroos A, Heinemeier J, Ringbom Å, Hueglin S, Michalska D, Hajdas I, Marzaoili F, Maspero F, Galli A, Artioli G, Moreau Ch, Guibert P, Caroselli M (2016). Absolute dating of mortars – integrating chemical and physical techniques to characterize and select the mortar samples. Proceedings of the 4th Historic Mortars Conference - HMC2016. ص. 656–667.{{cite book}}: CS1 maint: multiple names: authors list (ڳنڍڻو)
  20. ↑ Dating Ancient Mortar آرڪائيو ڪيا ويا 2016-09-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. - American Scientist Online vol. 91, 2003
  21. ↑ "Preparation and dating of mortar samples—Mortar Dating Inter-comparison Study (MODIS).". Radiocarbon 59 (6): 1845–1858. 2017. doi:10.1017/RDC.2017.112. Bibcode: 2017Radcb..59.1845H. https://boa.unimib.it/bitstream/10281/182038/1/preparation_and_dating_of_mortar_samplesmortar_dating_intercomparison_study_modis.pdf.
  22. ↑ "Mortar dating methodology: intercomparison of available methods". Radiocarbon 59 (6). 2017.