مزدڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فردوسي جي شاھنامہ ۾ مزدڪ جي ڦاھي جي منظر ڪشي جي تصوير

مزدڪ(انگريزي: Mazdak)فارسي: مزدک‎,: 𐭬𐭦𐭣𐭪,(وفات:524 يا 528) ھڪ زردشتي موبيد ( زردشتي مذھب جو عالم)، ايراني عالم، سماج سڌارڪ، ۽ پيغامبر ھيو ۽ ساساني خاندان جي شھنشاھ قباد I(انگريزي: Kavadh I) جي دؤر ۾ ٿي گذريو. ھن دعویٰ ڪئي تہ آھورا مزدا جو پيغامبر آھي.ھن سماجواديت جو خيال ڏئي سماجي تبديليءَ جي لاءِ ڪم ڪيو.[1] طبري جي چوڻ موجب مزدڪ مادرايا شهر ۾ پيدا ٿيو. هي شهر دجله نديءَ جي ڪناري، ان جاءِ تي هو جتي اڄ ڪلهه قوت العماره آباد آهي. هن جي پيءُ جو نالو بامداذ هو. سندس ڄم-تاريخ جي خبر ڪانهي ۽ نه ئي اها خبر آهي ته هن جو يا سندس پيءُ جو تعلق ايران جي ڪهڙي طبقي سان هو. ان واقعي مان، ته مزدڪَ قباد (488-531ع) کي تخت نشينيءَ جي شروعاتي زماني ۾ ئي پنهنجو هم خيال بڻائي ورتو هو، اسان قياس ڪري سگهون ٿا ته مزدڪ شايد 460ع جي لڳ ڀڳ پيدا ٿيو هو. ان زماني ۾ ساساني سلطنت شديد اندروني گهوٽالي ۾ ڦاٿل هئي. بازنطيني سلطنت ۽ هسپتالين سان جنگ جي ڪري ملڪ جي مالي حالت ڏاڍي خراب هئي ۽ ايران کي هر سال هڪ وڏي رقم هسپتالين کي ڏنَ طور ڏيڻي پوندي هئي. ملڪ جي انتظام تي درٻاري اميرن ۽ زرتشتي ڪليسا جي ٻاون جو غلبو هو. ويتر وري قباد جي پيءُ پيروز جي دؤر (459-488ع) ۾ لاڳيتو ڏڪر ۽ سوڪ جي ڪري رعيت ڏاڍي بدحال ۽ بيچين هئي، پر ان درد جو علاج حاڪمن وٽ نه هو.[2]

مزدڪ جو ذڪر فارسي شاعري ۾ سڀ کان اڳ شايد فردوسيءَ (1010ع) ڪيو ۽ اردو ادب ۾ علامه اقبال. فردوسي ايران جي هن انقلابي شخصيت جي عروج ۽ زوال جي ڳالهه افسانوي انداز ۾ ڪئي، پر اقبال پنهنجي هڪ نظم (1936ع) ۾ مزدڪ کي سوشلزم جي علامت طور استعمال ڪيو آهي. ساساني حاڪمن جون حالتون لکندي، فردوسي شاهنامي ۾ لکي ٿو ته قباد (488ع-531ع) جي دؤر ۾، جن ڏينهن ۾ سوڪ ۽ ڏڪر جي ڪري رعيت سخت پريشان هئي، ته مزدڪ نالي هڪ شخص ظاهر ٿيو. هُو علم ۽ دانش جو پتلو هو، تنهنڪري پنهنجي عقلمنديءَ، فضيلت ۽ چڱي ڳالهائڻ جي ڪري قباد جو خاص عزيز (مقرب) خاص بڻجي ويو ۽ شهنشاهه کيس پنهنجي خزاني ۽ فوج جو نگران مقرر ڪيو[2] مزدڪ جي تعليم عوام ۾ ڏاڍي مقبول ٿي، ايتري قدر جو پاڻ قباد سندس پوئلڳ ٿي ويو، ڇو ته بادشاهه کي يقين ٿي ويو ته مزدڪ جي تعليم ماڻهن لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ آهي. هن مزدڪ کي پنهنجي تخت جي ساڄي پاسي ويهاريو ۽ مزدڪ جو مذهب سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويو. دولتمندن خوف ۾ اچي پنهنجي ملڪيت محتاجن جي حوالي ڪئي. پر قباد جي ولي عهد خسرو اَنُو نوشيروان (ڪَـسرى) مزدڪي دين کان ناڪار ڪئي ۽ پارسي ڪلسيا جي ٻاون (مَوبدن) کي پنهنجو هم خيال بڻائي ورتو جيڪي پڻ مزدڪ جا جاني دشمن هئا ۽ بادشاهه کي چيو ته مزدڪ جيڪڏهن ٻاون جي ٻائي (مَوبدانِ مَوبد) کان مناظري ۾ کٽي وڃي، ته هو ان جو پوئلڳ ٿي ويندو. بادشاهه نوشيروان جي صلاح قبول ڪئي. نوشيروان، رازمهر، خراد، فرائين، بندوي ۽ بهزاد جي آتش ڪدن (باهه جي عبادت گهرن) جي وڏي ٻائي کي صورتحال کان واقف ڪيو ۽ مناظري ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني. مطلب ته شاهي درٻار ۾ مناظري جي ڪچهري لڳي. هڪ طرف زرتشتي عالمن جو ٽولو هو ۽ ٻئي طرف مزدڪ. وڏي ٻائي مزدڪ کي مخاطب ٿيندي چيو ته اي داناءَ! تو دنيا ۾ هڪ نئون مذهب رائج ڪيو آهي، جنهن وسيلي عورت ۽ ملڪيت سڀني ۾ گڏيل ڪري ڇڏي آهي. ٻڌاءِ ته پُٽ پنهنجي پيءُ کي ڪيئن سڃاڻيندو ۽ پيءُ پنهنجي پٽ کي ڪيئن سڃاڻيندو؟ جيڪڏهن دنيا ۾ سڀ ماڻهو برابر ٿي ويا ۽ حاڪم ۽ رعيت جو فرق نه رهيو، ته ڪير ماڻهو محڪوم ٿيڻ پسند ڪندو ۽ حاڪم ڪير مقرر ڪندو؟ اسان جو، توهان جو نوڪر ڪير ٿيندو ۽ بد ڪردارن کي دولت کان محروم ڪيئن ڪري سگهبو؟ جڏهن ڪو مرندو، ته ان جي ملڪيت ورثي ۾ ڪنهن کي ملندي، جڏهن ته بادشاهه ۽ مزدور هم رتبي هوندا؟ ان مذهب سان دنيا برباد ٿي ويندي. سڀ آقا بڻجي ويندا ۽ ڪو به غلام نه رهندو. جڏهن خزانو سڀني جي گڏيل ملڪيت هوندو، ته خزانچي ڪير ٿيندو؟ وڏي ٻائي جي هيءَ تقرير قباد کي ڏاڍي وڻي، تڏهن سڄي مجلس هڪ آواز ٿي چيو ته مزدڪ کي شاهي درٻار مان ڪڍيو وڃي، ڇو ته هو الاهي دين کي برباد ڪري رهيو آهي، تنهنڪري قباد مزدڪ کي نوشيروان جي حوالي ڪيو ۽ نوشيروان مزدڪ ۽ سندس ساٿين کي زمين ۾ زنده دفن ڪري ڇڏيو.[2]

مزدڪ جي تعليم[سنواريو]

مزدڪ اهو بدنصيب انقلابي آهي جنهن جون حالتون ۽ جنهن جو ذڪر ان جي مخالفن وسيلي ئي اسان تائين پهتو آهي. جنهن مؤرخ به، پوءِ اهو زرتشتي هجي يا يهودي، عيسائي هجي يا مسلمان، مزدڪ جو ذڪر ڪيو آهي، مٿس ملامت جا تير وسايا آهن ۽ ان جي تعليمن کي بگاڙي پيش ڪيو آهي. اهو سلسلو ارڙهين صديءَ تائين هلندو رهيو. پر اڻوهين صديءَ ۾، جڏهن مغرب جي دانائن قديم ايران جي غير جانبدار تاريخ مرتب ڪرڻ شروع ڪئي، ته هنن تعصب جي ان ڍير ڪچري کي به صاف ڪيو جنهن ۾ مزدڪ جون صحيح حالتون دفن هيون[2]. مزدڪ جو عقيدو هو ته ڪائنات ٽن عنصرن ـــــــ باهه، پاڻيءَ ۽ مٽيءَ ــــــ جي ٺهيل آهي. انهن ٽنهي شين جي ملڻ سان خير ۽ شر جا مدبر پيدا ٿيندا آهن. (الملل والخل- از شهرستاني ص 197). خير ۽ شر جي جنگ ۾ خير غالب ٿي ويو آهي پر اهو غلبو اڃا مڪمل نه ٿيو آهي، اڃا سوڌو جاري آهي ۽ دنيا جي ارتقا جو مقصد نور کي ظلمت کان مڪمل آزادي ڏيارڻ آهي. خير جي مدبر مان مراد نور جو خدا آهي جيڪو عالمِ بالا (مٿين عالم، عرش) ۾ تخت تي ويٺو آهي، جيئن عالم سِفلي ۾ ايران جو بادشاهه. ان جي حضور ۾ چار قوتون حاضر رهنديون آهن ــــــ تميز، حافظو، عقل ۽ سرور. جيئن خسرو ايراني بادشاهيءَ جو دارومدار چئن شخصن تي آهي ـــــــ مَوبدانِ مَوبد، هيربذان هيربذ، سپاهه بد ۽ رامشگر (موسيقار). اهي چار قوتون ڪائنات جو نظم ۽ نسق ستن وزيرن وسيلي هلائن پيون.[2] خداوندي درٻار جو اهو نقشو هوبهو ساساني درٻار جو چرٻو آهي ۽ اهو ڪو عجيب تصور ناهي، ڇو ته ملوڪيت جي پراڻي دؤر ۾ انسان، جيڪو قدرت جي قانونن کان اڻواقف هو، ڪائنات جي انتظام کي هڪ وسيع شاهي نظام جي انداز ۾ ئي سوچيندو هو. سندس خيال هو ته جيئن ڌرتيءَ تي بادشاهه جي حڪومت آهي ۽ هو پنهنجن وزيرن ۽ درٻارين وسيلي حڪومت ڪري ٿو، اهڙيءَ طرح خدا به پنهنجن وزيرن ۽ درٻارين وسيلي ڪائنات تي حڪومت ڪندو آهي ۽ جيئن بادشاهه کي پنهنجن دشمنن خلاف وڙهڻو پوندو آهي، ساڳيءَ طرح خدا کي به شيطاني قوتن خلاف جنگ ڪرڻي پوندي آهي[2]. مزدڪ جنگ ۽ خونريزيءَ جي خلاف هو ۽ ماني وانگر پنهنجن مريدن کي گوشت کائڻ ۽ جانورن جي جان وٺڻ کان منع ڪندو هو. سندس خيال هو ته لڙائيءَ ۽ جهيڙن جو بنيادي سبب عورت ۽ دولت هوندي آهي، تنهنڪري هن ”زنان را حلال گردانيد و اموال مباح داشت و تمام مردم را در اموال و نسوان شريڪ گردانيد چنانڪه در آب و آتش و علف (چراگاهه) شريڪ مي باشند“ (شهرستاني)[2] مزدڪ چوي ٿو ته ”خدا سڄيءَ ڌرتيءَ تي زندگيءَ جا وسيلا پيدا ڪيا ته جيئن سڀ ماڻهو هڪ جيترو، گهرج آهر، کائن ۽ ڪنهن به ٻئي جي ڀيٽ ۾ ڪنهن کي وڌيڪ حصو نه ملي، پر جبر ۽ قوت جي زور تي ماڻهن ۾ نابرابري پيدا ڪئي وئي ۽ ماڻهوءَ اها ڪوشش ڪئي ته ٻئي جو حصو ڇني پنهنجيون خواهشون پوريون ڪري، پر حقيقت ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي ٻئي جي ڀيٽ ۾ مال ملڪيت ۽ عورتن جو وڌيڪ حصو کائڻ جو حق ڪونهي. ان ڪري اهو ضروري آهي ته اميرن کان دولت ڦري مفلسن کي ڏني وڃي ۽ ان مساوات کي ٻيهر قائم ڪيو وڃي جيڪا شروع کان انسانذات ۾ هئي.“ (ابنِ بطريق، طبري، ثعلبي، فردوسيءَ جي حوالي سان ڪرسٽن سين چيو). ابنِ نديم ”الفهرست“ ۾ لکيو آهي ته ”مزدڪين جو ڪردار ڏاڍو پاڪائيءَ ڀريو ۽ نيڪ هوندو هو. انهيءَ مذهب ۾ ڪنهن کي ايذاءُ ڏيڻ يا آزار پهچائڻ سخت منع هو. زهد ۽ پارسائي هن جو شعار هو ۽ مهمان نوازيءَ ۾ ڪو به ماڻهو ساڻس ڪلهو هڻي نه سگهندو هو.[2]“ مزدڪ هڪ اهڙي سماجي انقلاب جي دعوت ڏئي رهيو هو جنهن وسيلي ساساني سماج جا صديون پراڻا طبقاتي رشتا تباهه ۽ برباد ٿيڻ جو امڪان هو. نه اميرن ۽ نه ئي زرتشتي ڪلسيا جون زمينون باقي بچن ها، نه انهن جي حرم سرائن ۽ غلام گردشن جي رونق سلامت رهي ها، نه ڪوئي آقا رهي ها ۽ نه ڪو غلام[2]. مزدڪ جي تحريڪ هوري هوري عوام ۾ ايتري قبول پئجي وئي جو ”گهڻائيءَ ان کي قبول ڪري ورتو.“ (ايران. از پروفيسر گرشمان). پوءِ اهو وقت به آيو جو پاڻ شهنشاهه مزدڪ کي پنهنجو پيشوا مڃي ورتو ۽ ڪجهه اهڙا قانون نافذ ڪيا جن جي ڪري رعيت جو ڪجهه بار هلڪو ٿيو ۽ عورتن کي شاديءَ جي حد تائين آزادي ملي. سوال اهو آهي ته قباد پنهنجو اباڻو مذهب زرتشت ڇڏي مزدڪيت کي ڇو قبول ڪيو؟ زرتشتي مَوبدن جي ويجهو قباد به مزدڪ جيان مجسم شيطان هو ۽ عياشي ۽ فتني فساد جو شوقين، پر غير جانبدار مَورخن جي راءِ موجب قباد نهايت دلير، سمجهدار، ڏاهو ۽ دورانديش ماڻهو هو. هن درٻاري اميرن ۽ ڪلسيا جي ٻاون جي چنبي مان آزاد ٿيڻ پئي چاهيو، ڇو ته انهن ٻنهي طبقن جي طاقت ايتري وڌي وئي هئي جو بادشاهه انهن جي هٿن جو رانديڪو ٿي پيو هو. اهي جنهن کي چاهيندا هئا، تخت تي ويهاريندا هئا ۽ جنهن کي چاهيندا هئا، تخت تان لاهي ڇڏيندا هئا. بس، قباد لاءِ مزدڪي تحريڪ اهڙي ٻه منهي تلوار هئي جنهن سان هو ٻنهي قوتن کي ڌڪ هڻي پئي سگهيو، ڇو ته عوام مزدڪ جي تحريڪ جي حق ۾ هو[2].

حوالا[سنواريو]

  1. Manfred, Albert Zakharovich, ed (1974). A Short History of the World. 1. (translated into English by Katherine Judelson). Moscow: Progress Publishers. p. 182. OCLC 1159025. 
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2019-11-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.(ڪتاب: موسیٰ کان مارڪس تائين؛ ليکڪ :سبط حسن)